دھشتگرديءَ جو صرف ھڪ روپ ناھي. دھشتگرديءَ جون سوين صورتون آھن. دھشتگرديءَ کي فقط بم ۽ بارود تائين محدود ڪري نھ ٿو سگھجي. ڇو تھ عوام کي عذاب ڏيڻ جا ٻيا بھ انيڪ طريقا موجود آھن. اھڙا ڪيترائي عمل آھن، جن سبب عوام اذيت جو شڪار ٿي سگھي ٿو. ان حوالي سان اھو چئي سگھجي ٿو تھ عوام دشمن دھشتگرديءَ جا ٻيا بھ ڪيترائي روپ ٿي سگھن ٿا. اسان ھر دور ۾ ڪنھن نھ ڪنھن دھشتگرديءَ کي عوام جي خلاف متحرڪ ڏٺو آھي. دنيا جو ھڪ دور اھڙو ھو، جنھن ۾ صرف مشرق جا نھ پر مغرب جا ماڻھو ڪليسائي جي پوپن ۽ پادرين جي دھشتگرديءَ جو شڪار ھئا. ڇا اھا دھشتگردي نھ ھئي؟ جنھن سبب سائنسدان ساڙيا ويا. ڇا اھا دھشتگردي نھ ھئي، جنھن عوام جو ساھه سڪائي رکيو؟ ڇا اھا دھشتگردي نھ ھئي، جنھن علم تي پھرا ھنيا ۽ جنھن ڪتابن کي ڇھڻ تي پابندي مڙھي؟ اھا دھشتگردي ھئي ۽ تمام سخت دھشتگردي ھئي، جنھن سبب سائنس تي سوچڻ ۽ سائنسي طرح سان لوچڻ ھڪ مھا پاپ سمجھيو ويندو ھو ۽ ان جي سبب سخت سزائن سان نوازيو ويندو ھو. پر ان دور جو پاپي پڃرو جڏھن پنھنجي چوٽيءَ تائين چڙھي آيو تھ اھو چور چور ٿي ويو. اڄ پوپ ۽ پادري پنھنجي علامتي رياست جي اندر محدود آھن. انھن جو عوام جي مٿان اھو ظلم ۽ ستم مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آھي. جيڪو جبر ڪنھن وقت فطري ۽ قانوني قرار ڏنو ويو ھو، اھو شرمساريءَ جو باعث بڻيل آھي. ڇو تھ چرچ ڪنھن نھ ڪنھن موقعي تي پنھنجي ڪنھن نھ ڪنھن تاريخي ڏوهھ تي تاريخ کان معافي گھرڻ تي مجبور آھي. اھو ڀلي ڪانپرنيڪس ھجي جيڪو جيئرو جلايو ويو يا اھو ڀلي گليلو ھجي، جنھن کي ھڪ سادو سچ ثابت ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪرڻ بدران کيس پنھنجي سچ کي ڪوڙ چئي جان بچائڻي پئي. اھو مغرب جي عيسائي تاريخ ۾ پوپن ۽ پادرين جي دھشتگرديءَ جو دور سمجھيو ۽ بيان ڪيو وڃي ٿو.
دنيا جي تاريخ ۽ تھذيب ان وقت کي بھ ڏٺو آھي، جڏھن سائنس ماڻھن جي مٿان ڪيس ڪيا. جڏھن سائنس جي سھاري سان ھوشيار ۽ ھٿيارن سان ليس قومن مسڪين ۽ سادن ماڻھن جي مٿان ھلان ڪري انھن کي غلام بڻايو. جڏھن ڪمزور ۽ بيوس ماڻھو نھ صرف وڪرو ڪيا ويا پر انھن جي ديسن کي پنھنجي قبضي ھيٺ آڻي انھن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي وئي. اھو غلاميءَ جو دور ۽ ان کان پوءِ بيٺڪي راڄ جو دور تمام گھڻو اذيت ۽ عذاب وارو دور ھو. ان دور تي بھ ھن وقت جديد تھذيب کي تمام گھڻي شرمساري آھي. ڇو تھ انساني شعور جي نظر ۾ طاقت جي ذريعي ماڻھن کي پنھنجن انساني ۽ قومي حقن کان محروم رکڻ وارو عمل ڪنھن بھ طرح سان حق جو بنياد حاصل ڪري نھ ٿو سگھي. تاريخ جو اھو تاريڪ دور ھن وقت بھ مڪمل طور تي ختم نھ ٿيو آھي. ڇو تھ عالمي سامراج ھن وقت بھ پنھنجي بيٺڪي نظام کي جديد بيٺڪي نظام جي صورت عطا ڪري ڪمزور قومن ۽ مجبور ملڪن جي معاشي طور تي ڪنٽرول ڪري رھيو آھي ۽ انھن جون آزاديون ۽ خودمختياريون نالي ماتر بڻائي رھيو آھي.
اھڙي صورتحال سبب ٽين دنيا جا ملڪ شديد اقتصادي بحران جي ور چڙھي ويا آھن. انھن ملڪن جي ماڻھن جي آزادي اقتصادي بدحاليءَ سبب نالي ماتر بڻجي وئي آھي. ھو تمام گھڻي تڪليف ۾ جالي رھيا آھن. انھن مٿان ھڪ نھ ھزارين گھيرا آھن. انھن جي زندگي انھن جي لاءِ موج ۽ مستيءَ جو سبب نھ پر ھڪ اھڙو بار بڻجي وئي آھي، جنھن کي ھو کڻي بھ نھ ٿا سگھن. اھڙي ماحول ۾ انساني آزاديءَ جو تصور تباهھ ۽ برباد ٿي چڪو آھي. ڇو تھ ماڻھو مصيبت جو شڪار آھن.
اھا اقتصادي ارھه زورائي آھي. اھا معاشي دھشتگردي آھي. دھشتگرديءَ جي اھا صورت سڀ کان وڌيڪ سفاڪ ۽ سنگين آھي. ڇو تھ ڪنھن شيءَ جي موجود نھ ھجڻ سبب ماڻھو پنھنجي محروميءَ کي مجبوريءَ جو عذر ڏي ڪنھن حد تائين ماٺ بھ ڪرائي سگھي ٿو پر جڏھن ضرورت جي ھر شيءَ موجود ھجي پر ان کي اقتصادي بحران سبب حاصل نھ ڪري سگھجي تھ انسان جي اذيت تمام گھڻي شديد ٿي وڃي ٿي ۽ ھن وقت دنيا ان تڪليف مان گذري رھي آھي، جڏھن بنيادي ضرورتن جون شيون موجود آھن پر اھي اھڙن حاصل ڪرڻ ممڪن ناھن. ڇو تھ انھن جي حاصلات لاءِ دولت جون چاٻيون گھرجن ۽ دولت جون اھي چاٻيون دنيا جي امير ملڪن وٽ آھن. دنيا جا غريب ملڪ پنھنجي عوام کي پنھنجا وسيلا بھ بھ فراھم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناھن. ڇو تھ اقتصادي بدحاليءَ سبب انھن جا انساني حق ختم ڪيا ويا آھن. دنيا ۾ اناج جي کوٽ ناھي. دنيا ۾ دوائن جي کوٽ ڪونھي. دنيا ۾ لٽن ڪپڙن جي کوٽ ناھي. دنيا ۾ تيل جا درياھه روان دوان آھن پر انھن کي حاصل ڪرڻ جي طاقت غلام بڻايل ملڪن کان کسي وئي آھي. زندگيءَ جون مجموعي ضرورتون آسانيءَ سان پوريون ٿي سگھن ٿيون پر اقتصادي طور تي ھيءَ دنيا ان طرح سان جڪڙي وئي آھي جو غريب ملڪن جا ماڻھو انھن جي حاصلات جي سلسلي ۾ مجبور آھن. مجبور ماڻھن جي مٿان موجود اھو اقتصادي جبر ان ڳالھھ جو دليل آھي تھ دنيا ۾ صرف بمن ۽ بارودن واري دھشتگردي ناھي. پر دھشتگرديءَ جون ٻيون بھ شڪليون ۽ ان جا ٻيا بھ روپ ۽ رنگ آھن. ان حوالي سان اسان چئي سگھون ٿا ۽ اسان کي چوڻ گھرجي تھ معاشي دھشتگردي دنيا جي سڀ کان سنگين دھشتگردي آھي.
معاشي دھشتگرديءَ جو شڪار ملڪن ۾ اسان جو ملڪ ھن وقت ڪافي نمايان حيثيت اختيار ڪري چڪو آھي. اھو ملڪ جيڪو فطري وسيلن جي حوالي سان ھڪ متوازن ۽ موسمن جي حساب سان موزون ملڪ آھي. ان ملڪ ۾ آباديءَ ۽ وسيلن جي وچ ۾ ايترو تضاد بھ ناھي. اھو ملڪ جاگرافيءَ جي حوالي سان جڪڙيل بھ ناھي. ان ملڪ جا پنھنجا ساحل ۽ پنھنجا درياھه آھن. پر ھن ملڪ غلط ۽ طفيلي حڪمرانيءَ سبب ھن ملڪ جا ماڻھو پنھنجن بنيادي معاشي حقن کان محروم ٿي ويا آھن. ھن ملڪ جي ماڻھن مٿان اھڙيون حڪومتون رھيون جن جي فيصلن ھن ملڪ جي عوام کان انھن جا انساني حق ڦري ورتا. ھن ملڪ جي مٿان جڏھن ڪڏھن جبر ۽ ڪڏھن مڪر سان اھڙا حڪمران مسلط رھيا، جن نھ صرف پنھنجا پر پنھنجن ايندڙ نسلن جا پيٽ ڀرڻ لاءِ قومي وسيلن جي لٽ مار ڪئي ۽ اڄ انھن حڪمرانن وٽ دولت جا انبار آھن پر پاڪستان جا غريب ماڻھو مانيءَ کان محروم آھن. اھا معاشي حوالي سان تمام گھڻي شرمناڪ صورتحال آھي. ان صورتحال سبب ماڻھو تمام گھڻي تڪليف ۾ آھن. پاڪستان جو اقتصادي ڍانچو تمام گھڻي تباھيءَ جو شڪار ٿي ويو آھي.
پاڪستان اھو ملڪ ھو، جنھن تي ڪڏھن عالمي امدادن جو مينھن وسندو ھو. اڄ ان ملڪ جي حالت اھڙي ٿي چڪي آھي جو دنيا جا مالي ادارا ھن ملڪ کي قرض ڏيڻ جي لاءِ بھ تيار ناھن. ڇو تھ ھن ملڪ جا معاشي اثاثا ايترا تھ ويھجي ويا آھن جو اھو ملڪ قرضن موٽائڻ تھ ماڳ پر ورتل قرض جي وياج جي قسط بھ ڀري نھ ٿو سگھي. پاڪستان ھن وقت اھڙي ملڪ جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آھي، جنھن کي قرض جي قسط ادا ڪرڻ لاءِ قرض کڻڻو پوي ٿو. اھو ئي سبب آھي تھ ھاڻي ھن ملڪ جي مٿان قرض ڏيڻ وارن ادارن جا در بھ بند ٿي رھيا آھن. اھي ملڪ بھ پاڪستان کي ڏسي پنھنجا دروزا بند ڪري رھيا آھن، جيڪي ملڪ ڪڏھن پاڪستان کي اکين تي رکندا ھئا. پاڪستان مان پنھنجا سياسي ۽ عالمي مفاد حاصل ڪري ھاڻي اھي ملڪ ڪلھا لوڏي اجنبين واري انداز سان پيش اچن ٿا ۽ پاڪستان ان صورتحال ۾ پنھنجي مٿان پوندڙ معاشي مصيبت جو سمورو بار ان مسڪين ماڻھن جي مٿان وجھي رھيو آھي، جن جو غلط ۽ نااھل حڪومتن جي آڻڻ ۽ ھلائڻ جي سلسلي ۾ ڪو بھ ڪردار نھ ھو. اھڙي طرح ھن ملڪ جي عوام کي انھن ڏوھن جي سزا ملي رھي آھي، جيڪي ڏوھھ ھن ملڪ جي عوام ڪيا تھ ڇا پر سوچيا بھ نھ آھن. پاڪستان جي عام ماڻھن کي ڪيل نھ پر نھ ڪيل گناھن ۽ ڏھن جي صرف سزا نھ پر سخت سزا ملي رھي آھي.
پاڪستان جي مٿان ھن مھل پي ڊي ايم جي حڪومت آھي. ھيءَ اھا حڪومت آھي، جيڪا ان بنياد تي عمران خان جي اڳوڻي حڪومت کي ھٽائي آئي، ڇو تھ پي ڊي ايم ۾ شامل سمورين پارٽين جو خيال ھو تھ عمران خان جي حڪومت معاشي طور تي ملڪ کي ڪنگال ۽ عوام جي بدحال بڻائي ڇڏيو آھي. پاڪستان جي وسيع تر مفاد ۾ عمران خان جي حڪومت کي ھٽائي وجود ۾ آيل ھيءَ حڪومت پھرين ڏينھن کان وٺي ماڻھن جي مٿان معاشي بحران جو بار وڌائي رھي آھي. ھڪ حڪومت کي ھن مھل تائين ھن حڪومت کي ھڪ سال بھ مڪمل نھ ٿيو آھي پر مني سال جي دوران ھن حڪومت گّوئي آھي. پاڪستان جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻھن جي مٿان ھر ڏينھن تمام گھڻي تڪليف جو باعث بڻجي رھيو آھي. ھن وقت ملڪ ۾ مھانگائيءَ جي اھا ڪيفيت آھي تھ اھو ڪو گھر مشڪل ھجي، جنھن ۾ مھانگائيءَ جو موضوع بحث ھيٺ نھ ايندو ھجي. گھر گھر ۾ ھن وقت مھانگائيءَ جو خطرناڪ اعلان گونجي رھيو آھي.
پاڪستان جي عوام کي اھو آسرو ھو تھ ھي حڪمران اليڪشن کي ويجھو ايندي ڏسي عام ماڻھن لاءِ معاشي رليف جي راھه ڪڍندا پر اھو ڪجھھ نھ ٿيو. ھن وقت حال اھو آھي تھ پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ ھڪ ڌڪ سان 35 روپين جو اضافو ڪيو ويو آھي. اھو اعلان بلڪل ائين آھي، جيئن ھڪ وجود جي مٿان گھرا ۽ گھڻا زخم ھجن ۽ اھو وجود مرھم جو منتظر ھجي پر ان وجود جي گھاون مٿان مرھم بدران لوڻ جون لپون مھٽيون وڃن. جنھن جي زخمي وجود مٿان لوڻ جون لپون مھٽيون وڃن ان جو حشر ڇا ٿيندو؟ اھو ڪيترو لڇندو ۽ اھو ڪيترو رڙندو ۽ رنڀندو؟ ھن وقت پاڪستان جو اھو ئي حال آھي، جيڪو مرھم بدران لوڻ لپون ملندڙ مظلوم مريض جو ھجي.