پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر،ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار انھن موضوعن تي شاعري، ڪھاڻي يا ناول لکندا رھندا آھن ۽ پنھنجن تخليقن جي ذريعي اھم مسئلن کي نروار ڪندا رھن ٿا، ان ئي حوالي سان سنڌي ادب ۾ به دنيا جي مختلف مسئلن، موضوعن تي ناول لکيا ويا آھن جيڪو سلسلو اڄ به جاري آھي ھن وقت سنڌي ادب ۾ ناول جي موضوع جي حوالي سان ڪافي وسعت آئي آھي جنھن ۾ سڀ کان پھرئين رسول ميمڻ پنھنجن ڪھاڻين توڙي ناولن ۾ نوان موضوع متعارف ڪرايا ان کان پوءِ ٻين ڪھاڻيڪارن ۽ ناول نگارن پڻ پنھنجن ناولن ۾ نواڻ آندي جيڪا يقينن سنڌي ادب پڙھندڙ لاءِ ڀاڳوند ڳالهھ آھي ، ان ئي سلسلي ۾ ٻه ھزار ٻاويھه جي وچ ڌاري عباس ڪوريجو جو ناول “وڻ ” آيو آھي جنھن جو موضوع پڻ سنڌي ادب ۾ منفرد آھي ناول جو اھم موضوع فطرت ، فطرت ڏانھن انساني رويو، انساني نفسيات ۽ اخلاقيات آھي ناول ۾ وڻ جي ٻج مان ڦٽڻ کان ويندي وڏي ٿيڻ ۽ آخر جو انسان طرفان ڪٽجڻ تائين ڪھاڻي آھي جنھن سان گڏوگڏ ٻين اٺن ڪردارن جون ڪھاڻيون پڻ آھن جن جون ڪھاڻيون ناول نگار وڻ جي واتان پڙھندڙ کي ٻُڌرائي ٿو ۽ اھي ڪردار پڻ مختلف تڪليفن، مسئلن، پيڙائن مان گذري رھيا ھوندا آھن، ھر ڪھاڻي ۾ ليکڪ ھڪ نصيحت پڻ رکي آھي جنھن ڪري ھن ناول ۾ اخلاقيات وارو موضوع ٻِين موضوعن تي حاوي رھي ٿو ۽ اخلاقيات جي حوالي سان ناول جي گھڻن نقطن تي اعتراض پڻ ڪري سگھجي ٿو تنھن ڪري اچو ته پھرئين ناول جو سراسري جائزو وٺون.
ناول ۾ وڻ سڀ کان پھرئين ھڪ ڪاموري جي ڪھاڻي ٻڌائي ٿو جنھن سان سندس زال بي وفائي ڪري وئي آھي جنھن کي تمام گھڻو چاھي ٿو ان جي جدائي جي ڏک ۾، تڪليف ۾ سڙي ۽ پڄري پيو ھن کي اڪيلائي کائي ٿي تنھن ڪري ھو پنھنجي يونيورسٽي جي دوست سان ان ڪري ملڻ اچي ٿو ته جيئن ھُو ٻئي گڏجي ھڪ اھڙي پٿر جي ڳولا ڪري سگھن جيڪو ھُو دل رکي دل جو بار ھلڪو ڪري سگھي. ان کانپوِءِ وڻ ھڪ موچي جي ڪھاڻي بيان ڪري ٿو جنھن جو دڪان صرافه بازار ۾ ھڪڙي ڪنڊ ۾ اڪيلو دُڪان آھي باقي ٻيا سڀ سونارن جا دڪان آھن تنھن ڪري اھا ڳالھه سونارڻ لاءِ اڻ وڻندڙ آھي ته انھن وچ ۾ گھٽ ذات موچي جي دڪان آھي ۽ اُھي چاھيندا آھن ته موچي ھي دڪان بند ڪري وڃي ان لاءِ سونارا موچي کي ڪيترن ئي طريقن سان ڌمڪائيندا ۽ لالچون پڻ ڏيندا رھندا آھن پر موچي پنھنجو دڪان نٿو ڇڏي جنھن کانپوءِ ڳوٺاڻا اھو ڪم ھڪ حاجي صاحب جي حوالي ڪن ٿا ائين موچي جو ڪو حادثاتي موت ٿي وڃي ٿو ۽ سونارن جي ان موچي مان جان ڇٽي وڃي ٿي. ان کانپوءِ ناول ۾ ھڪ ٺيڪيدار جو قصو بيان ڪيل جنھن ٺيڪيداري ۾ وڏي ڪرپشن ڪئي آھي تنھن ڪري ھن جي جسم ۾ ھڪڙي قسم ڌپ ٿي وئي آھي جيڪا ڪيترن ئي پرفيوم لڳائڻ سان به ختم نٿي ٿئي ڇوته اھا ڌپ ڪردار جي ڌپ ھوندي آھي. ان کانپوءِ ناول ۾ ھڪ معصوم ڇوڪري جو قصو آھي جيڪا ننڍپڻ ۾ ئي ماءَ کان يتيم ٿي ويندي آھي جنھن ڪري ھن کي ماءَ جو پيار نه ملي سگھندو آھي ۽ ھر ھڪ ماڻھو کي جانور سمجھڻ لڳندي آھي جن جو ڪم صرف چيرڻ ۽ ڦاڙن ھوندو آھي ھي ننڍڙي وھي ۾ ئي جنسي ھراسمينٽ جو شڪار ٿيندي آھي ۽ اھڙا وحشي ماڻھو ھن کي وحشي ڪتي جيان لڳندا آھن تنھن ڪري ڪنھن محفوظ جھان جي ڳولا ۾ ھوندي جتي ماڻھو ھجن، ان کانپوءِ ھڪ ڇوڪري جي ڪھاڻي آھي جيڪو پنھنجي وقت کان اڳ ڄمي ٿو ۽ ان جون اکيون چنجڻيون ھونديون آھي جنھن ڪري ھو ھر ڪنھن جي کل جو سبب بنجندو آھي ھر ڪو ان تي پيو مذاق ڪندو آھي جنھن سبب پنھنجي پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ان ڳالهھ تي سوچيندو رھندو آھي ته آئون ٻين کان مختلف ڇو آھيان. ان کانسواءِ ناول ۾ ھڪ ڳيري جي ڪھاڻي پڻ آھي جيڪا پنھنجي اولاد، پنھنجي وطن کان پري ھوندي آھي ۽ ھر وقت ان کي پنھنجي اولاد ۽ وطن جي اُڪير ستائيندي رھندي آھي ۽ نيٺ جڏھن پنھنجي وطن جي ڳولا ڪري وٺندي آھي ته اھو ساڳئي حالت ۾ ناھي ھوندو، ائين ھن ناول ۾ ھڪ مھاڻيءَ جي به ڪھاڻي آهي، جنھن جو ور درياءَ بادشاھه ۾ ٻڏي ويندو آھي پر ھُو پنھنجي ور جو اوسيئڙو ڪندي رھندي آھي ته ھُن جو ور ھڪ ڏينھن ضرور ايندو. ناول جي آخري ڪھاڻي ھڪ مريض جي ڪھاڻي آھي جيڪو اسپتال ۾ بيماري جي بستري پنھنجا آخري ڏينھن ڳڻي رھيو آھي ان جي چوڌاري ان جا مٽ مائٽ، دوست، ملازم ان لاءِ آھن ته ھو پنھنجي دولت انھن جي نالي ڪندو پر جڏھن انھن کي خبر پوي ٿي ته ان شخص پنھنجي سڄي دولت چيئرٽي جي نالي ڪري ڇڏي آھي ته پوري اسپتال خالي ٿي وڃي ٿي، ائين وڻ جون ٻڌايل ڪھاڻيون ختم ٿين ٿيون پوءِ وڻ پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائي ٿو. ناول جي پڄاڻي ان ريت ٿئي ٿي ته آخري ڪھاڻي واري مريض جي پوري دولت جنھن چيئرٽي حوالي ڪئي وڃي ٿي ان جا وارث پٿر وارو ڪامورو، ھر شخص کي جانور سمجھندڙ ڇوڪري، ننڍ ۽ موچي جي ڌي ٿين ٿا ۽ ان چيئرٽي جو ڪم نوان وڻ پوکڻ، وڻن جي حفاظت ڪرڻ ۽ بي سھارا ماڻھن جو سھارو ٿيڻ آھي ائين ناول جو انت اچي ٿو.
جيئن ته ھن ناول جو اھم نقطو انسان طرفان فطرت سان ھٿ چراند ڪرڻ، وڻن کي ڪٽڻ آھي جنھن سان وڏي ماحولياتي تبديلي اچي رھي آھي ۽ ناول ۾ ڌرتي تي ماحولياتي تبديلي جي ڪري ڌرتي جو تباهھ ٿيڻ جا امڪان ڏيکاريل آھن تنھن ڪري ليکڪ پوري ناول ۾ وڻ جون درد ڪٿائون ، تڪليفن جو ذڪر ڪري ٿو انھن جي حفاظت ڪرڻ جو پرچار ڪري ٿو.
ناول ۾ ليکڪ ان خيال جو پٺڀرائي ڪري ٿو ته پوري انسانذات جا ڏک ۽ تڪليفون ھڪ ئي آھن پوري انسانذات ھڪ وڻ جيان آھن جنھن جون ٽاريون ته جدا جدا آھن پر ٿُڙ ۽ پاڙ ھڪ ئي آھي تنھن ڪري اسان کي ھڪ ٻئي سان نفرت ڪرڻ بدران، ٻئي انسان سان زيادتي ڪرڻ بدران ان جو سھارو ٿيون ان جي تڪليفن کي محسوس ڪريون ان جي تڪليفن ۽ ڏکن ۽ دردن کي دور ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪريون.
ناول ۾ طبقاتي سماج تي تنقيد ڪئي وئي آھي طبقاتي ڦُرلُٽ کي وائکو ڪيو ويو آھي جنھن جو مثال ناول ۾ موچي جي ڪھاڻي جو آھي يا وري ٺيڪيدار جو ڪرپشن ڪرڻ ۽ بي انتھا دولت گڏ ڪرڻ آھي ۽ مٿئين طبقي جو ھيٺئين طبقي جو استحصال ڪرڻ آھي ليکڪ ان طبقاتي سماج کي انسان جو جوڙيل سمجھي ٿو” ھڪ سوال جي اجازت ڏيو ته اوھان کان پڇي وٺان؟ سوال اھو آھي ته ھي ماڻھن جي وچ ۾ جيڪي طبقا آھن تيار ڪيا ويا آھن اھي فطري آھن يا چند ماڻھن جي پيداوار؟ صفحو 30
ناول ۾ ليکڪ ھن دور جي سرمائيدارانا دور ۾ ماڻھن جي نفسيات تي به ڀرپور لکيو آھي جنھن جو مثال ناول جو جانور وارو باب آھي جنھن ۾ ليکڪ ڏيکاري ٿو ته ھن دور ۾ ھر ماڻھو جي اندر ۾ ھڪ جانور ويٺو آھي جيڪو ٻئي کي ڦرڻ لٽڻ ۾ ڪا به قصر نٿو ڇڏي ھر ماڻھو ٻئي جو استحصال ڪري پيو ۽ اُتي ڪمزور ۽ بي وس ماڻھو جو استحصال ٿئي پيو پر اُتي ان ڇوڪري جھڙا ڪي ڪردار آھن جيڪي ھڪ نئين نظام جي ڳولا ۾ آھن ۽ پُر اميد آھن.
ناول ۾ ليکڪ زندگي جي ان فلسفي جي پرچار ڪري ٿو ته زندگي جدوجھد ۽ چرپر جو نالو آھي زندگي رڳو گُلن جي سيج ناھي پر زندگي ڪنڊن جي به سيج آھي.
ليکڪ ناول ۾ پنھنجي ڌرتي سان محبت ڪرڻ جي پرچار ڪري ٿو ۽ ڌارين جي قبضي کي ڌڪاري ٿو ۽ پنھجي ڌرتي جي تباھي جو ذميوار ڌاري آبادڪاري کي قرار ڏي ٿو.
نتيجو: ناول ۾ جيئن ته مٿي بيان ڪري آيا آھيون ته وڻن جي روئداد بيان ڪئي وئي ۽ انھن جي درد کي محسوس ڪرايو ويو آھي انھن جي حفاظت ، ان جي اھميت کي اجاگر ڪيو ويو آھي پر ان سان گڏ ناول جي سب پلاٽن ۾ جيڪي ڪھاڻيون پيش ڪيون ويون آھن ۽ انھن جو آخر جو جيڪو نتيجو ڪڍيو ويو آھي ان تي ليکڪ سان اختلاف ڪري سگھجي ٿو جيئن ليکڪ نتيجي ۾ ڏيکاري ٿو ته پئسو خراب ناھي سرمايو خراب ناھي پر اصل ۾ ماڻھو خراب آھي ماڻھو جو پئسي ڏانھن رويو ناڪاري آھي تنھن ڪري دنيا ۾ طبقاتي سماج پئدا ٿيو آھي ماڻھن ۾ اوچ نيچ ٿي آھي تنھن ڪري ماڻھو پنھنجي پاڻ کي سڌاري پنھنجو ڪردار سڌاري ته مسئلا حل ٿي ويندا جيئن امير شخص پنھنجي پئسي جو صحيح استعمال ڪري خيراتي ادارو قائم ڪيو ته سڀني ڪردارن جون تڪليفون دور ٿي ويون ڪامورو به ان اداري ۾ ڪم پيو ڪري ته موچي جي ڌيءَ به ان اداري ۾ ڪم پئي ڪري ته ڇوڪري به ان ماڻھن سان گڏ ڪم پئي ڪري. جن کي ھُو جانور سمجھندي ھئي جڏھن سنڌ ۾ اين جي اوز سنڌ کي جيڪا خوشحالي ڏني سا سڀني جي سامھون آھي تنھن ڪري ليکڪ جو اھو نتيجو روايتي ۽ مفروضي تي ٻڌل آھي ته ھن دور ۾ صرف سٺو ٿئي سٺا ڪم ڪري ڪري ته ماڻھن جي مسئلا حل ٿي ويندا ۽ ٻيو ته ليکڪ ناول جي موضوع فطرت سان پيار، فطرت جي اھميت ۽ اڄ جي سرمائيدرانا دور ۾ فطرت سان ھٿ چُراند ھڪ اھم موضوع آھي پر ان ۾ جيڪي قصا ۽ ڪھاڻيون پيش ڪيون ويون آھن اُھي روايتي اخلاقيات تي ٻڌل آھن تنھن ڪري انھن ۾ نواڻ نٿي ملي، پر نئين پڙھندڙ کي تمام گھڻو متاثر ڪندو تنھن ڪري ھي ناول ھر ڪنھن کي ضرور پڙھڻ گھرجي.