ڏند ڪٿا ڇا آهي؟
انسان ذات سدائين کان ڏند ڪٿائون تخليق ڪندڙ رهي آهي. آرڪيالاجي جي ماهرن نينڊرٿل جي قبرن (Neanderthal graves) مان هٿيار، آلا ۽ قربان ڪيل جانورن جا هڏا کوٽي لڌا آهن، جيڪي ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهن ته انهن جو مستقبل جي هڪ اهڙي دنيا ۾ عقيدو هو جيڪا سندن دنيا سان ملندڙ جلندڙ هئي. نينڊرٿل (Neanderthal) وارن هڪ ٻئي کي پنهنجن مري ويل ساٿين جي حوالي سان ضرور اهڙيون ڪهاڻيون ٻڌايون هونديون جن ۾ موت کانپو واري زندگي جو احوال هوندو. اهي يقيني طور موت جي باري اهڙو غور ويچار ڪندا هوندا، جيڪو ٻئي ڪا به مخلوق نه ڪري سگهندي هوندي. جانور هڪ ٻئي کي مرندو ڏسندا آهن، پر جيتري تائين اسين ڄاڻيون ٿا اهي ان حوالي سان وڌيڪ غور ويچار نه ڪندا آهن. پر نينڊرٿل (Neanderthal) مان مليل قبرون اهو ٻڌائين ٿيو ته جڏهن اهي آڳاٽا ماڻهو موت کان روشناس ٿيا ته انهن هڪ اهڙو موقف جوڙي ورتو جنهن جي مدد سان ان (موت) کي قبول ڪري سگهن.
اهي نينڊرٿل (Neanderthal) وارا جن پنهنجن ساٿين کي ايڏي احتحاط سان پوريو ٿي، تن تصور ڪري ورتو ته هي ظاهر ظهور واري مادي دنيا ئي اڪيلي حقيقت نه هئي. ان ڪري ايئن ٿو ڀانئجي ته آڳاٽي دور کان ئي لڳي ٿو ته انسان ذات اهڙن خيالن جيڪي هن جي هر روز واري زندگي جي تجربي ۾ نٿي آيا جي ڪري الڳ ٿلڳ ٿي پيا.
پاڻ معنى ڳوليندڙ مخلوق آهيون. جتيري تائين اسان کي ڄاڻ آهي ڪتا مشڪل حالتن تي ڪاوڙ نه ڪندا آهن، اهي ڪتن جي دنيا جي هڪ حصي کان ٻئي حصي ڏانهن لڏ پلاڻ تي پريشان ڪونه ٿيندا آهن، يا وري پنهنجين زندگين کي مخلتف رخن کان ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهن. پر انسان جلدي مايوس ٿي ويندا آهن ۽ شروع کان ئي پاڻ ڪهاڻيون گهڙڻ شروع ڪيون، جن جي مدد سان اسان پنهنجين حياتين کي ڪنهن وڏي وايو منڊل جو حصو ڪري ٿي ڇڏيو. انهن جي لڪل ڳالهين مان اهو ظاهر ٿيو ته سڀني پريشان ڪندڙ ۽ اٿل ڦٿل وارين حالتن هوندي به زندگي جي ڪا معنى ۽ اهميت آهي.
انساني ذهن جي هڪ ٻئي مخصوص خاصيت اها به آهي ته ان ۾ اهڙن تصورن (خيالن) ۽ تجربن جي اڀرڻ جي قابليت آهي جن کي منطقي طور سمجهائي نٿو سگهجي. اسان وٽ تصور ڪرڻ جي سگهه آهي، جنهن جي مدد سان ڪنهن اهڙي ڳالهه بابت سوچيندا آهيون جيڪا فوري طور حاضر نه هوندي آهي، ۽ جيڪا پاڻ وٽ پهرين خيال جي صورت ۾ بنا ڪنهن مادي شڪل جي هوندي آهي. اها تصور ڪرڻ جي سگهه ئي آهي جيڪا ڌرمن ۽ ڏند ڪٿا کي جنم ڏيندي آهي.
اڄ ڪلهه ڏند ڪٿائي سوچ جي ڪا به اهميت نه آهي، هاڻي پاڻ ان کي اهو چئي رد ڪري ڇڏيون ٿا ته اها غيرمنطقي ۽ اجائي (سوچ) آهي. پر تصور جي سگهه جي مدد سان ئي سائنسدان نئون علمن کي (اسان تائين کڻي آيا) ۽ ٽيڪنالاجي جي ايجادن جن اسان کي وڌيڪ لاڀائتو بڻايو. سائنسدانن جي تصور ئي پاڻ کي خلا ۾ گهمڻ ۽ چنڊ تي هلڻ جهڙو بڻايو. هي اهي ڳالهيون هيون جيڪي رڳو ڏند ڪٿائن جي زماني ۾ ئي ممڪن هيون. ڏند ڪٿا ۽ سائنس ٻئي انسان جي قابليت کي وڌائين ٿيون.
پاڻ ڏسنداسين ته ڏند ڪٿا هن دنيا مان فراريت جي راهه ڏسڻ بدران، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جيان هتي وڌيڪ شدت سان رهڻ جو احساس ڏياري ٿي.
نينڊرٿل (Neanderthal) جون قبرون اسان کي ڏند ڪٿا جي حوالي سان پنج اهم ڳالهيون ٻڌائين ٿيون: هڪ ان جون پاڙون سدائين موت ۽ ختم ٿي وڃڻ جي ڀئو ۾ هونديون آهن. ٻه جانورن جون هڏيون ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿيون ته پورڻ وقت ڪا قرباني ڏني وئي هئي. اڪثر ڪري ڏند ڪٿا کي رسم (ritual) کان الڳ نٿو ڪري سگهجي. اڪثر ڏند ڪٿائن جو ڌرمي ڳالهه (liturgical drama)، جيڪو انهن کي ڪنهن روپ ۾ آڻيندو آهي، بنا ڪو مقصد نه هوندو آهي ۽ انهن کي عام رواجي حالتن ۾ سمجهڻ ڏکيو هوندو آهي. ٽي، نينڊرٿل (Neanderthal) جي ڏند ڪٿا ڪنهن نه ڪنهن نموني قبر کي ياد ڪري ٿي، جيڪا انساني زندگي جي حد آهي. سڀ کان سگهاريون ڏند ڪٿائون شدت سان ڀريل آهن، اهي پاڻ کي پنهنجي تجربي کان اڳيان وڌڻ تي زور ڀرين ٿيون.
ڪيترن ئي موقعن ته پاڻ سڀني کي هڪ نه ٻئي نموني اهڙين جاين تي وڃڻو پوندو آهي جيڪي پاڻ اڳ ڪڏهن نه ڏٺيون هونديون آهن يا وري اهو ڪندا آهيون جيڪو اڳ ڪڏهن به نه ڪيو هوندو آهي. ڏند ڪٿا (اهڙي) اڻڄاڻئي بابت هوندي آهي، اها ان بابت هوندي آهي جنهن لا شروعات ۾ پاڻ وٽ ڪي لفظ نه هوندا آهن. ان ڪري ڏند ڪٿا مها خاموشي جي دل ۾ جهاتي پائيندي آهي. چار، ڏند ڪٿا رڳو ڪهاڻي برا ڪهاڻي (ادب برا ادب) نه آهي. اها اسان کي اهو ٻڌائيندي آهي ته پاڻ ڪيئن عمل ڪريون. نينڊرٿل (Neanderthal) جي قبرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ميت کي اهڙي طريقي رکيو ويندو هو جيئن ٻار ما جي پيٽ ۾ هوندو آهي، ان جو مقصد ٻيو جنم هو، اڳيون قدم ميت کي پاڻ کڻو هوندو هو.
جيڪڏهن ان کي صحيح نموني سمجهجي ته ڏند ڪٿا اسان کي هن دنيا ۽ هُن دنيا ۾ روحاني ۽ نفسياتي طور صحيح وک کڻڻ جو ڏس ڏيندي آهي. آخر ۾ اهو ته ڏند ڪٿا رڳو ان دنيا بابت ٻڌائيندي آهي جيڪا پنهنجي دنيا سان گڏوگڏ وجود رکي ٿي ۽ ڪنهن حوالي سان ان جي حمايت به ڪري ٿي. ان ڏسڻ ۾ نه ايندڙ پر سگهاري حقيقت ۾ ويساهه جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن ديوتائن جي دنيا سڏبو آهي، ڏند ڪٿا جي علم جو بنيادي موضوع آهي. ان کي ‘perennial philosophy’ سڏيو ويو، ڇو جو ان سائنسي جدت کان اڳ مڙني سماجن کي رسمن ۽ سماجي تنظيم جي ڄاڻ ڏني ۽ اڄ سوڌو به ڪيترن ئي روايت پسند سماجن تي ان جو اثر آهي.
‘Perennial philosophy’ موجب هن دنيا ۾ ٿيندڙ هر لقا، هر اها شي جيڪا پاڻ ڏسي يا ٻڌي سگهون ٿا، جي ابتڙ هڪ ٻيو حصو آسماني دنيا ۾ موجود آهي، جيڪو پاڻ واري دنيا جي ڀيٽ وڌيڪ مسرت ڀريو، سگهارو ۽ دير تائين رهندڙ آهي ۽ هر دنياوي حقيقت ان اصل نموني جو ڌندلو پاڇو آهي. رڳو انهي آسماني زندگي جو حصي بڻجي ئي فاني ۽ ڪمزور انسان پنهنجو مقصد پورو ڪندا آهن. ڏند ڪٿائون انهن حقيقتن کي حقيقي شڪل ڏينديون آهن جيڪي ماڻهن لاشعوري طور محسوس ڪيون هونديون آهن. انهن (ڏند ڪٿائن) کين ٻڌايو ته ديوتا ڪهڙي نموني عمل ڪندا هئا، رڳو تجسس يا ان ڪري نه ته اهي ڪهاڻيون دلچسپ هيون پر انهن مردن ۽ عورتن کي انهن سگهارن ديوتائن سان قرب ۾ آندو ۽ انهن (ماڻهن) کي پاڻ آسماني سگهه محسوس (تجربو) ڪرڻ لائق بڻايو.
هن سائنسي دور ۾ ان آسماني نزول لا اسان وٽ سڌا جواب آهن. قديم دنيا ۾ “ديوتائن” کي ورلي ڳجهي شخصيت واري محاوري فطرت مخلوق تصور ڪيو ويندو هو. ڏند ڪٿا جو علم (mythology) خدا جي ڄاڻ (theology) نه هئي، جيئن جديد خيال موجب ان کي سمجهيو وڃي ٿو، پر اها انسان جي تجربي بابت هئي. ماڻهن جو خيال هو ته ديوتا، انسان، جانور ۽ فطرت سڀئي غيرمعمولي طور هڪ ٻئي سان جڙيل هئا، ساڳين ئي قانونن جا ماتحت ۽ ساڳي ئي آسماني مادي جا ٺهيل هئا. شروع شروع ۾ ديوتائن جي دنيا ۽ مردن ۽ ماين جي دنيا ۾ ڪابه ontological وٿي نه هئي. جڏهن ماڻهو آسماني نزول بابت ڳالهائيندا هئا ته اهي ڪنهن دنياوي رخ بابت ئي ڳالهائيندا هئا. ديوتائن جو وجود طوفان، سمنڊ، درياهه، يا انهن سگهارن انساني جذبن جهڙوڪر: عشق، ڪروڌ، يا جنسي جنون، جن سان هڪ پل لا لڳندو هو ته انهن مرد ۽ ماين کي الڳ هنڌ پهچائي دنيا کي نئين ۾ انداز ۾ ڏسڻ لا مدد ٿي ڪئي، کان بلڪل به الڳ نه هو.
(هلندڙ)