ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ليننسٽ پارٽيءَ جي ٺهڻ جو عمل-III

Editorial-Article- Yameen Jatoi

يفگني/يامين جتوئي
گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سوويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽي جا دشمن ان بهتان کي ڦهلائڻ ۾ مصروف آهن ته روس ۾ لينن جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه سرگرم دانشورن اتفاقي طور پورهيت طبقي کي پنهنجي اثر رسوخ ۾ آڻي ورتو هو. پر ڪير شڪ ڪري سگهي ٿو ته جيڪڏهن انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سرگرم دانشورن کي ان سڄي طبقي جي حمايت حاصل نه هجي ها جنهن جي مفاد ۾ اهي وڙهي رهيا هئا ته کڻي اهي دانشور ڪيترائي باصلاحيت ڇو نه هجن ها اهي رڳو 14 سالن جي عرصي ۾ اهي ننڍڙي گروهه مان ترقي ڪري دنيا جي سڀ کان وسيع ملڪ جي مقتدر پارٽي نه بڻجي سگهن ها.
لينن سدائين ڪميونسٽ پارٽي جي طبقاتي نوعيت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پارٽي کي گهرجي ته لڳاتار مزدورن جي حلقن کي مضبوط ڪندي رهي. پر گڏوگڏ لينن جو خيال هو ته پورهيت عوام جي ٻين پرتن يعني هارين ۽ دانشورن جي وڌندڙ حلقن کي به پنهنجي اندر شامل ڪري، شرط اهو آهي ته اهي حلقا پورهيتن جا طرفدار هجن ۽ پرولتاري شعور ۽ فڪر کي پنهنجي اندر ۾ سمائي وٺن. پورهيتن جي پارٽي پورهيت عوام ۽ استحصال سٽيل عوام جي انهن سمورين پرتن کي شموليت جي دعوت ڏئي ٿي جيڪي پرولتاري شعور کي پوري طرح اختيار ڪري وٺن.
ان ڏس ۾ مينشيوڪن (بالشيوڪن جا مخالف) جي هڪ مضمون “بالشيوڪن جي قوت ۽ طاقت جو بنياد ڇا آهي” مان ڪجهه اقتباس ڏيڻ دلچسپ هوندا. 25 آڪٽوبر (7 نومبر) 1917ع تي “نئين زندگي” جي نالي سان شايع ٿيندڙ هڪ اخبار ۾ بازاروف عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جي فتح واري ڏينهن هي اعتراف ڪيو ته “بالشيوڪ پارٽي جي نيوڪليئس ۾ روسي محنت ڪش طبقي جي ڪريم، ان جا مضبوط ترين حلقا شامل آهن جيڪي بي پناهه تخليقي صلاحيتن جا مالڪ آهن. پوين ڪجهه مهينن دوران بالشيوڪن جي مزدور دانشور حلقن ٽريڊ يونينن، فيڪٽري ڪميٽين، ۽ ٻين باعمل پرولتاري تنظيمن ۾ ڪم ڪندي وڏي پئماني تي ڦهليل ثقافتي ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ اهي ئي اهي دانشور حلقا آهن، جن جا اسان ٿورائتا آهيون جو انهن وڏين تباهين ۽ انهن جي اثرن باوجود اسان جي صنعتي زندگي کي ابتر ٿيڻ کان ايترو ته بچايو جو اها مڪمل انارڪي ۽ گڙٻڙ جو شڪار ٿيڻ کان بچيل رهي.”
اسرندڙ ملڪن ۾ پورهيت عوام جو انقلابي هراول: اسرندڙ ملڪن ۾ جيڪي ماڻهو انقلابي هراول پارٽي جي تنظيم لا پاڻ کي ارپين ٿا، اهي بنيادي طور انهن ئي داخلي گڻن وارا هئڻ گهرجن جيڪي پرولتاري انقلابين ۾ موجود هوندا آهن. ان کان سوا آزادي لا جدوجهد يا سوشلسٽ نئين سر اڏاوت جي مرحلي ۾ صحيح معنائن ۾ مصروف انقلابي هراول جٿن جون منفرد صفتون انهن صفتن کان مختلف ناهن هونديون، جيڪي مزدور طبقي جي انقلابي هراول دستي ۾ موجود هونديون آهن. پر وري به اسرندڙ ملڪن ۾ اندرين ۽ ٻاهرين سطحن تي مختلف نوعيت جا طبقاتي لاڳاپا موجود هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسرندڙ ملڪن ۾ انقلابي جدوجهد طرحين طرحين رنگ اختيار ڪري ٿي.
اسرندڙ ملڪن ۾ امڪاني انقلابي طبقاتي قوتن جي نشاندهي لا هيٺ ڏنل محرڪن کي آڏو رکڻ ضروري آهي. پهرين ڳالهه ته اها ئي آهي ته عام طور رڳو سوشلسٽ واٽ تي ئي ترقي ممڪن آهي، تڏهن به اها ڳالهه به درست آهي ته ڪجهه اسرندڙ ملڪن جي تاريخ مختلف نوعيت جي لاهين چاڙهين مان لنگهي آهي. مثلن، چلي ۾ فاشسٽ ڪوديتا ڪئي وئي، ڪمپوچيا ۾ پول پوٽ جي خوني گينگ اقتدار تي قبضو ڪري ورتو، سادات جي صدارتي دور ۾ 1952ع جي مصري انقلاب جا ڪيترائي فائدا ضايع ٿي ويا، پيٽرس لوممبا کي قتل ڪيو ويو پو ڪانگو ۾ زوري گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انهن سمورن واقعن جي نتيجي ۾ شڪست ملي. تڏهن به اهي ناڪاميون عارضي هيون ۽ سماج جي عمومي ارتقا جي تعين ۾ فيصلائتي اهميت واريون نه هيون.
ٻيو، قومي آزادي جي جدوجهد عالمي انقلاب جي هڪ ڌارا آهي جيتوڻيڪ مختلف ملڪن جي عوام کي مختلف نوعيت جا مسئلا درپيش آهن، تڏهن به انهن سمورن انقلابن جا هدف سامراج دشمن آهن. نتيجي طور باوجود ان جي ته اسرندڙ ملڪن ۾ انتهائي مختلف رياستي ۽ سماجي نظام رائج آهن، تڏهن به انهن ملڪن جي عوام جي جدوجهد ۾ انهن جي اڳوڻين آقا رياستن جا پورهيت طبقا اسرندڙ رياستن جا دوست آهن ۽ ان کان به وڌيڪ سوشلسٽ ملڪ انهن جا دوست آهن جتي مزدور ۽ هاري اقتدار تي قبضو ڪري چڪا آهن. انهن مختلف ملڪن ۽ علائقن ۾ قومي آزادي جي انقلابن جي قسمت جو انحصار وڏي حد تائين ان ڳالهه تي هوندو آهي ته عالمي سوشلزم ۽ انهن ملڪن جي عالمي آزادي جي تحريڪن ۾ رشتو ڪيترو نه گهرو ۽ مضبوط آهي. بيٺڪيتي سرشتي جي خاتمي ان ڳالهه جا ثبوت فراهم ڪري ڇڏيا آهن ۽ حقيقت اهائي آهي ته سڀ کان وڌيڪ معنيٰ خيز ڪاميابيون انهن ملڪن حاصل ڪيون آهن جن جون قومي آزادي جون قوتون عالمي سوشلزم جي جٽادار ۽ مستقل مدد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيون آهن.
ٽيون، انقلابي هراول پارٽين کي ڪيترن ملڪن جي تجربي سان ثابت ٿيندڙ ان ڳالهه جي ڄاڻ هئڻ گهرجي جنهن بابت لينن وضاحت ڪندي لکيو آهي ته: “اسريل ملڪن جي پرولتارين جي سهائتا ۽ سهڪار سان پٺتي پيل ملڪ سوويت نظام ڏانهن اڳڀرائي ڪري سگهن ٿا ۽ پو خاص مرحلن مان گذرندي سرمائيداراڻي مرحلي مان گذرڻ کان سوا ڪميونزم حاصل ڪري سگهن ٿا.” تڏهن به عملي طور ايئن ٿيندو آهي جو مختلف نوان آزاد ٿيل ملڪ ترقي جي مختلف رستن مان گذرندا آهن. ترقي جي انهن رستن جي نوعيت جو انحصار انهن ملڪن ۾ طبقاتي قوتن جي صفبندي ۽ کليل فوجي مداخلت سميت سامراجي دٻا جي مختلف طريقن جي مقدار تي هوندو آهي. حقيقت ۾ انهن مان ڪجهه ملڪ وڌ کان وڌ سرمائيداراڻي نظام جو حصو بڻجندا پيا وڃن. جڏهن ته انگولا ۽ ايٿوپيا جيان ٻيا سوشلزم جي واٽ تي هلي رهيا آهن. ٻين ملڪن ۾ ڪيوبا، ويٽنام ۽ منگوليا قومي سماجي جبر جي زنجيرن کي مڪمل طور ڇني ڇڏيو آهي ۽ اهي سوشلسٽ ملڪن جي مدد ۽ تجربي مان لاڀ حاصل ڪندي ڪاميابي سان سوشلزم جي تعمير ڪري رهيا آهن.

چوٿون، ان حقيقت جي باوجود ته اسرندڙ ملڪن جي ترقي ۽ انهن کي درپيش فوري ڪم گوناگون نوعيت جا آهن، تڏهن به انهن ملڪن جي انقلابي هراول پارٽين کي گهرجي ته اهي پنهنجين مخصوص حالتن ۾ عمومي ڪميونسٽ نظرئي جي اطلاق جي ضرورت ۽ امڪان کي نظرن کان اوجهل ٿيڻ نه ڏين. ان کان سوا انهن کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته عوامي حڪومت ۽ عوامي سامراج دشمن محاذ جو قيام ضروري آهي.
)هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button