پاڪستان جي مٿان ڏيوالو ٿي وڃڻ جو خطرو لامارا ڏئي رهيو آهي. هر قسم جي ميڊيا تي اهو ئي بحث پيو هلي. ڏيوالو ٿيڻ جو خطرو يقيني طور تي حقيقي آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان جو ڏيوالو پهريون ڀيرو پيو نڪري؟ گھٽ ۾ گھٽ 15 سالن کان پاڪستان جي حالت اها آهي ته هر پنجين سال چين ۽ خليجي ملڪن اڳيان وڃي ڳوڙها ڳاڙيندو ۽ جهولي ڦهلائيندو آهي ته يار! مون وٽ اوهان جو قرض لاهڻ لاءِ روپيو به ڪونهي. ان ڪري مهرباني ڪري ان قرض کي ايندڙ پنجن سالن لاءِ نئين سر ڳڻيو. اهو به ته ڏيوالو نڪرڻ ئي آهي نه. جڏهن اوهان اهو قبوليو ٿا ته اوهان وٽ قرض ادا ڪرڻ جي طاقت ڪانهي. في الحال اوهان کي سوڙهو نه ڪيو وڃي. بس فرق اهو آهي ته هاڻي جيڪو ڏيوالو نڪرڻو آهي اهو عارضي طور تي نه پر هميشه لاءِ نڪرڻو آهي.
1958 کان وٺي هينئر تائين پاڪستان لڳ ڀڳ 34 سالن تائين آئي ايم ايف جي نظرداريءَ هيٺ رهيو آهي. پاڪستان تي حڪمراني ڪير ڪندو؟ ڪرپشن کي روڪڻ، وسيلن جو درست استعمال، ٽيڪس اوڳاڙڻ جي نظام کي بهتر بڻائڻ، صنعتڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ برآمدي ڪاروبار وڌائڻ جهڙن معاملن تي جيڪو فيصلو پاڪستان ۽ اتان جي عوام جي حق ۾ هئو، اهو فيصلو نه ڪرڻ ڏنو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو هجي يا آصف زرداري، آمريڪي سڳي ڌاڳي منجهان نڪرڻ جي سزا هر ڪنهن کي ڀوڳڻي پئي آهي. ڀُٽي صاحب جو اسلامي بلاڪ ٺاهڻ جي ڪوشش ۽ زرداريءَ جو چين ۽ ايران سان ڪاروباري ناتا بهتر ۽ سگهارا بڻائڻ جي ڪوشش کان پوءِ آمريڪي ناراضگي سامهون آئي.
آمريڪا جي ڊي ڪلاسيفائيڊ دستاويزن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ورلڊ بينڪ ۽ آئي ايم ايف ٻه اهڙا مالياتي ادارا آهن جيڪي دنيا اندر آمريڪي پرڏيهي پاليسيءَ کي مڃرائڻ لاءِ هٿيار طور استعمال ٿيندا آهن. پاڪستان ۽ فلپائين ٻه اهڙا ملڪ آهن جن کي ان سلسلي ۾ خصوصي طور تي متاثر ڪيو ويو آهي.
هڪڙي پاسي پوري ميڊيا ۽ معاشي ماهر اهو بيان ڪري رهيا آهن ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي ته ٻئي پاسي وري ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي اشرافيا کي اهو يقين آهي ته پاڪستان ناڪام نه ٿو ٿي سگهي. اهو ڪڏهن به ختم نه ٿو ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته اهو تمام وڏو آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي آبادي تمام گھڻي آهي. ڇاڪاڻ ته ان وٽ ايٽم بم آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي جاگرافيائي بيهڪ تمام اهم آهي. اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي اشرافيا ائين سمجهندي آهي ته دنيا پاڪستان کي ٽُٽڻ نه ڏيندي. ملڪ جي تباهي ۽ بربادي اڻٽر ٿيندي ئي دنيا ان جو ٻيڙو تارڻ لاءِ پاڻ مرادو اڳيان اچي ويندي.
پاڪستان اندر پهريون ڀيرو 2001 کان پوءِ واري صورتحال ۾ اهڙو ماحول جوڙي پيش ڪيو ويو جنهن منجهان دنيا کي لڳي پيو ته جلد ئي جهادي ڌريون اسلام آباد تي قبضو ڪري وٺنديون ۽ پوءِ انهن وٽ ايٽمي هٿيار به هوندا. يا وري اهو ڊپ پيدا ڪيو ويو ته جيڪڏهن پاڪستان جي مدد نه ٿا ڪريو ته هتان جهادي ڌڙا تيار ٿي افغانستان اندر آمريڪي مفادن کي نقصان پهچائڻ لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري جيڪڏهن انهن کي روڪڻو آهي ته پاڪستان جي مدد ڪرڻي پوندي.
هن وقت ملڪ جون معاشي حالتون اهڙو رخ اختيار ڪري بيٺيون آهن جو معاشيات جو ننڍڙو شاگرد به اها ڳالهه سولائيءَ سان سمجهي سگهي ٿو ته پاڪستان وٽ ٻه رستا وڃي بچيا آهن. يا ته اهو پنهنجي معاشي سرشتي اندر بنيادي تبديليون آڻي يا وري آئي ايم ايف جي طبلي تي نچندو رهي ۽ نيٺ مڪمل طور تي ڏيوالو ٿي وڃي.
آئي ايم ايف هجي يا ورلڊ بينڪ، چين هجي يا ايشين ڊولپمينٽ بينڪ، قرض جنهن کان به، جيترو به ۽ جڏهن به ورتو ويو، اهو ورتو ته 23 ڪروڙ عوام لاءِ ويو هئو پر نه عوام کي روزگار ڏيڻ تي خرچ ڪيو ويو، نه گهر، نه ماني ڳڀو، نه عزت، نه تحفظ ۽ نه ئي خوشي. اهو قرض عوام جي نالي تي ورتو ويو، عوام ئي ان کي واپس به ڪندو رهي ٿو پر اهو عوام تي خرچ بلڪل نه ڪيو ويندو آهي. نه وري اڳتي اهڙي ڪا اميد آهي. هيءُ ملڪ ۽ هيءَ رياست پنهنجي ماڻهن جي لاءِ ڇا ڇا ڪري سگهن ٿا؟ اهو اسان گذريل سال جي مِينهن ۽ ٻوڏ دوران ڏسي ورتو آهي.
آئي ايم ايف جي هدايتن تي عمل ڪندي حڪومت هن وقت تائين جيڪا مهانگائي ڪئي آهي اها ايندڙ وقت ۾ اڃان وڌڻي آهي. اها پنهنجا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندي. رات ڏينهن هڪ ڪري پورهيو ڪرڻ وارا ماڻهو به پنهنجي ڪٽنب لاءِ ٻن ويلن جي ماني، ڪپڙا ۽ تعليم مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويندا. مطلب ته هن وقت حالتون تمام بريون آهن ۽ اڳتي اڃان وڌيڪ بريون ٿيڻيون آهن.
جيڪي پنهنجو پاڻ کي حقيقت پسند سياسي اڳواڻ سمجهن ٿا انهن پاران آئي ايم ايف يا اهڙي ڪنهن به ٻئي عالمي معاشي ڏاڍي مڙس اڳيان گوڏا کوڙڻ کي عقلمنديءَ وارو فيصلو قرار ڏنو وڃي سگهي ٿو پر حقيقت ۾ اها بيوقوفي ئي آهي. اهڙي ڪنهن به ڏاڍي مڙس اڳيان گوڏا کوڙڻ نه مسئلي جو حل آهي نه اهو اسان کي ڪنهن پاسي وٺي ويندو. ائين ڪرڻ سان اسان اڃان وڌيڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسندا وينداسين.
بهرحال، اسان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي اشرافيا آئي ايم ايف سان ان وقت تائين دل لڳي ڪندي رهندي جيسيتائين آئي ايم ايف غربت ختم ڪرڻ يا سخت قسم جون ساختياتي تبديليون آڻڻ جو شرط لاڳو نه ٿي ڪري. جيسيتائين اهڙي صورتحال نه ٿي بڻجي ان وقت تائين اسان جا حڪمران هڪڙو هڪڙو ڪري ادارو وڪرو ڪندا ويندا. عوام کي وڌيڪ محتاجيءَ ڏانهن ڌڪيندا رهندا.
هن وقت حڪومت لاءِ مسئلو اهو آهي ته جيڪڏهن آئي ايم ايف جا ڳرا شرط قبولي ٿي ته عوام ۾ مقبوليت ۽ ووٽ بينڪ وڃائي ويهندي. جيڪڏهن ائين نه ٿو ڪيو وڃي ته نواز ليگ لاءِ حڪومت هلائڻ ئي مٿي جو سُور بڻجي ويندو. ان ڪري نواز ليگ جي موجوده اتحادي حڪومت لاءِ ڳورا ٻئي پار بڻجي ويا آهن. ان ڪري نظر اهو اچي رهيو آهي ته حڪومت آئي ايم ايف جي انهن شرطن کي قبوليندي جيڪي سڀ کان گھٽ سخت آهن. اها ڪوشش ڪندي ته ٻيهر قرض ملي جنهن سان ٿورو منهن کڻي هلڻ جهڙا ٿيون ۽ پنهنجي اهڙي صورت ڏيکاري دوست ملڪن کان امداد يا قرض وٺي سگهي. اهڙيءَ ريت عارضي طور تي ئي سهي، ڏيوالو نڪرڻ واري صورت کي ٽاري سگهجي. ڊگهي عرصي کان بحران کي منهن ڏيڻ يا حل ڪرڻ بدران ٽارڻ وارو رويو هلندو رهيو آهي. هر ڪا حڪومت ائين ئي ڪندي آئي آهي. ايتري تائين جو نيٺ اهو بحران ايترو وڏو ۽ ايڏو گهرو بڻجي ويندو جو ان وقت جي حڪومت ان سان منهن ڏيڻ توڙي ان کان نٽائڻ جي حالت ۾ نه هوندي. ايندڙ ڪجهه سال پاڪستان لاءِ انتهائي ڏکيا آهن. انهن سالن اندر ئي ملڪ جو مستقبل طئي ٿي وڃڻو آهي. حڪمران سياسي جماعتون سڌرڻيون ڪونهن انهن ۾ سڌائي ڪرائڻ جي اهليت ۽ ارادو ڪونهي، جڏهن ته انقلابي سڏرائيندڙ پارٽيون ته ڄڻ موجود ئي ڪونهن. اهي ڪنهن به ريت پنهنجو پاڻ کي متبادل طور پيش نه ٿيون ڪري سگهن. انهن وٽ پنهنجي گروهي جهيڙن ۽ انائن جي شانتيءَ کان فرصت ئي ڪانهي. پڙهندڙ جي ذهن ۾ اهو سوال اڀري سگهي ٿو ته ڀلا ڪا اميد به آهي يا نه؟ اميد رڳو اها آهي ته آئي ايم ايف ٻيهر قرض ڏيندي. اميد اها آهي ته پاڪستان جا دوست ملڪ سندس مدد ڪندا. پر مسئلو اهو آهي ته انهن دوست ملڪن به هٿ مٿي کڻي ڇڏيا آهن. انهن به اهو چئي ڇڏيو آهي ته بابا! پاڻ ڄاڻو. جيسيتائين پنهنجي گهر کي ٺيڪ نه ٿا ڪريو، اسان به توهان لاءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون. ڪير ڪيسيتائين توهان جي مدد ڪندو رهندو. ڪجهه پنهنجي افعالن ۽ اعمالن کي سنوارڻ جي ڪوشش به ڪريو، رڳو پرائي آسري تي نه هجو. پر پاڪستاني حڪمران اشرافيا ۾ ڪنهن به قسم جي اميد ڪانهي.
پاڪستان ۾ ساليانو 17.4 ارب ڊالر اشرافيا جي ٺٺ ٺانگر تي خرچ ڪيا وڃن ٿا. ان خرچ ۾ ڪٽوتيءَ جي ڳالهه ڪوئي نه ٿو ڪري. هر ڪنهن کي عوام کي ملندڙ سبسڊي نظر اچي رهي آهي. رڳو هاڻوڪي پي ڊي ايم حڪومت ئي نه پر هن ملڪ جي تاريخ ۾ سياسي توڙي فوجي حڪومت هميشه 1 سيڪڙو اميرن ۽ اشرافيا جي عياشين ۽ حقن لاءِ پاليسيون جوڙيندي رهي آهي. باقي بچيل 99 سيڪڙو عوام جي ڪنهن کي ڪڏهن پرواهه ڪانه رهي آهي. حقيقت ۾ هيءَ طبقاتي جنگ آهي جيڪا اميرن هن ملڪ جي غريبن ۽ هيٺين طبقي جي ماڻهن خلاف جاري رکي آهي.