ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي بابت حڪومت جي بيوسي

Editorial

پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي عوام کي اها اميد هئي ته اها حڪومت جڏهن گهر ڀيڙي ٿيندي ۽ نئين حڪومت ايندي ته اها عوام لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت ٿيندي. مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ جي عذاب مان ماڻهن جي جان ڇٽي ويندي پر هاڻوڪي حڪومت ڪوبه ٻوٽو ٻاري ڪونه سگهي آهي، ڇاڪاڻ ته هي حڪومت به پي ٽي آءِ جي پيرن تي هلي رهي آهي. گذريل سال کان وجود ۾ آيل اتحادي حڪومت عوام لاءِ جيئڻ جا رستا ئي سوڙها ڪري ڇڏيا آهن. عوامي مفادن خلاف هڪ ٻئي مٿان فيصلا اچي رهيا آهن. جڏهن حڪمرانن کان اهو پڇيو ٿو وڃي ته اهي عوام سان اهڙا ڪلور ڇو ڪري رهيا آهن ته جواب اهو ٿو ڏنو وڃي ته اسين ڪجهه نٿا ڪري سگهون. جهڙي ريت عمران خان جي حڪومت بيوس هئي، اهڙي ريت هاڻوڪي حڪومت به بيوس نظر اچي رهي آهي. مهانگائيءَ تي ڪو ضابطو ڪونه پيو آندو وڃي. ان کان سواءِ معيشت جي بحالي به هڪ اهم معاملو ٿي ويو آهي. معيشت کي آءِ ايم ايف جي قرض وسيلي بهتر ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. پر ان ڳالهه جا سو سيڪڙو امڪان آهن ته آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ هاڻوڪي ڊيل ۾ به ملڪي معيشت بهتر ڪونه ٿي سگهندي. جڏهن ته حڪمران اڳ ئي چئي چڪا آهن ته مني بجيٽ آڻڻي پوندي، جنهن سان عوام تي ٽيڪسن جو 170 ارب رپين جو واڌو بار وڌو ويندو ۽ عام ماڻهوءَ جي معاشي حالت بنهه گهڻي خراب ٿيندي. ڪابه پارٽي اقتدار ۾ ايندي آهي ته اها پهرين مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪندي ۽ بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. تازو جيڪي ڪجهه نواز ليگ جي اڳواڻن محسوس ڪيو آهي، اهو احوال انهن وزير اعظم تائين پهچايو آهي.
نواز ليگ جي اڳواڻن ۽ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻن ميمبرن وزيراعظم شهباز شريف کي خدشن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو آهي ته عوام سخت پريشان آهي، جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته پارٽيءَ کي مهانگائي لوڙهي ڇڏيندي. وزيراعظم شهباز شريف سان قومي اسيمبليءَ جي هاڻوڪن ۽ اڳوڻن ميمبرن جي ملاقاتن جي سامهون آيل تفصيل مطابق نواز ليگ ميمبرن شهباز شريف کي عوام جي جذبن کان آگاهه ڪندي چيو ته عوام مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٻڏندڙ معيشت جي مسئلن سبب حد کان وڌيڪ پريشان آهي، جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته نواز ليگ کي مهانگائي جي هاڻوڪي لهر ٻوڙي ۽ لوڙهي ڇڏيندي. پارٽي ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان عابد رضا، رائو اجمل، راڻا مشهود، عنايت فاطما، راحيلا خادم حسين ۽ ٻين ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ملڪ ۾ آيل مهانگائيءَ جي لهر جو اندازو آهي، معاشي صورتحال واقعي تمام گهڻي خراب آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته موجوده معاشي صورتحال ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل عمران خان حڪومت جي ڪيل غلطيون جو نتيجو ڀوڳي رهيا آهيون، آءِ ايم ايف جا شرط انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهن پر انهن کي مڃڻ کانسوا ٻيو ڪو رستو به ناهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي اها ڪوشش آهي ته آ ايم ايف سان معاهدي بعد عوام کي ڪجهه نه ڪجهه تڪڙو رليف ڏئي سگهون. شهباز شريف سڀني ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ وڃي عوام کي مهانگائي ٿيڻ جا اصل سبب ٻڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم کي سندس پارٽي اڳواڻن جهڙي ريت آگاهه ڪيو آهي، اها صورتحال نواز ليگ لاءِ ڳڻتي جوڳي ضرور هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ اها پاڻ به مهانگائي خلاف احتجاج ڪندي رهي آهي ۽ ان کان سواءِ پي ٽي آءِ جي حڪومت تي سخت تنقيد پڻ ڪندي رهي آهي پر هن ڀيري ته اها پاڻ اهو ڪجهه ڪري رهي آهي، جيڪو پي ٽي آءِ ڪري رهي هئي. اهڙي ريت اهو سلسلو ڪافي وقت کان هلندڙ آهي. جيڪڏهن واقعي به نواز ليگ مهانگائي گهٽائڻ ۾ ڪامياب نٿي وڃي ۽ اها حڪومت کي ائين هلائيندي رهي ته پوءِ ان لاءِ چونڊن ۾ ضرور مسئلو ٿيندو.
شهباز شريف جو چوڻ آهي ته مهانگائي آهي پر هو ڇا ڪري. ڇا اهو چوڻ ڪافي آهي. ڇا حڪومت ايتري بيوس آهي جو اها مهانگائي جو بار عوام تان گهٽائي نٿي سگهي ۽ نه ئي ان کي ڪو رليف ڏئي سگهي ٿي. عوام لاءِ صورتحال بنهه خراب ٿي رهي آهي. اسين سمجهون ٿا ته وزيراعظم کي اهم معاملن تي ائين لاتعلق نه ٿيڻ گهرجي. پر عوام جي مالڪي ڪرڻ گهرجي. سندس ئي چوڻ هو ته هو عوام لاءِ پنهنجا ڪپڙا به وڪڻي ڇڏيندو. سو عوام کي رليف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button