سنڌ جي حڪومت بظاهر عدالت سڳوريءَ جي حڪم تي ڪنهن به منصوبي جي زد ۾ ايندڙن جي لڏپلاڻ ٿيندڙن جي ٻيهر بحالي وارو منصوبو هٿ ۾ کنيو آهي. ان کان اڳ ۾ سرڪار هر منصوبي لاءِ زمين، ڳوٺ يا شهري آباديءَ کي انگريز دور واري لينڊ ايڪوئيزيشن ايڪٽ 1894 تحت لاڳو ڪري زور زبردستي حاصل ڪندي رهي آهي. هي ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نئين سر آبادڪاري ۽ ٻيهر بحالي واري پاليسي لاڳو ڪرڻ وارو منصوبو سامهون آندو ويو آهي. جيڪو سڀ کان پهرين سنڌ ۾ صوبائي ۽ وفاقي منصوبن لاءِ هوندو. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين اڪرم واهه جي ري ماڊلنگ واري منصوبي سواٽ (SAWTP ( واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پراجيڪٽ جي تحت شروع ٿي رهيو آهي. هن منصوبي تحت حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان ۽ بدين ضلعن جي حدن ۾ اڪرم واهه جي ٻنهي ڪنارن تي اڏيل گهرن جي ڊاهڻ جو معاوضو ۽ ٻيهر آبادڪاريءَ جو منصوبو آهي. هن منصوبي تحت ٽنهي ضلعن جي 1246 ڪٽنبن کي ٻيهر بحالي وارو منصوبو هلندڙ آهي. ابتدائي بنيادن تي ان منصوبي جي زد ۾ آيلن جي سروي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته انهيءَ سروي جي بنياد تي (هنن سٽن جي لکجڻ تائين) معاوضو ۽ ٻيهر بحالي وارو ڪم اڃا ٿيڻو آهي. حڪومت جي انهيءَ فيصلي جي عوامي سطح تي وڏي واکاڻ ٿي رهي آهي. عدالت سڳوريءَ جي حڪم جي بنياد تي سڄي ۾ درياءَ، ڪئنالن، واهن ۽ شاخن جي ڪنارن تي رهندڙن خلاف هڪ وڏي آپريشن ذريعي لڏپلاڻ ڪرائي وئي هئي. جن جو انگ لکين ماڻهن ۾ ٿئي ٿو. جڏهن ته اڳتي هلي عدالت سڳوري لڏپلاڻ ڪندڙن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جو حڪم به ڏنو، پر هن وقت تائين فقط اڪرم واهه جي متاثرن جي بحاليءَ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو آهي.
لڏپلاڻ ڪندڙن جي بحالي واري تحريڪ:
سرڪاري منصوبن جي اڏاوتن جي زد ۾ ايندڙن جي لڏپلاڻ خلاف هونءَ ته هر هنڌ متاثرن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو. پر اهڙن احتجاجن جو وڏو اثر ملڪ جي ميگا سٽي واري شهر ڪراچيءَ ۾ هلندڙ منصوبن جي بنياد تي پيو آهي. ڪراچيءَ ۾ 2018ع ۾ ايمپريس مارڪيٽ کي اصلي صورت ۾ بحال ڪرڻ واري عدالت جي حڪم جي بنياد تي قبضا خالي ڪرائڻ جي صورت ۾ ست هزار دڪانن ۽ ريڙها لڳائي ڪاروبار ڪندڙن کي فورس ذريعي هٽايو ويو. انهن دڪاندارن جو غير رسمي ملڪي معيشت ۾ وڏو حصو هو. جيڪو ٻيهر بحال نه ٿي سگهيو آهي. هن مهانگائيءَ جي دور ۾ اهي سمورا ڪٽنب ٻيهر معيشت جي ڪڙيءَ ۾ ڳنڍجي نه سگهيا. ساڳي ريت 2019ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سرڪلر ريلوي جي ٻيهر بحالي واري منصوبي جي زد ۾ هڪ سروي موجب 1100 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا. جن ۾ 10 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو رهندڙ هئا. (جيتوڻيڪ 2020ع ۾ سپريم ڪورٽ انهن لڏپلاڻ ڪندڙن کي ٻيهر بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ) پر انهن جي ٻيهر بحالي اڃان تائين نه ٿي سگهي آهي. ان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ برسات جي تباهيءَ کان پوءِ ڪراچيءَ جون جابلو نئيون جن کي شهر جي گندي ۽ برساتي پاڻيءَ جي نيڪاسيءَ لاءِ روايتي طور تي استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ آيل وڏي برسات کان پوءِ گجر، اورنگي، محمود آباد وارين نئين کي ويڪرو، اونهو ڪرڻ ۽ ري ماڊلنگ ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڏي پيماني تي ڄاڻايل نئين جي ڪنارن سان رهندڙن جي لڏپلاڻ ڪرائي سندن گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. ڄاڻايل نئين جي بحاليءَ جي منصوبي ۾ 7500 (ست هزار پنج سئو) خاندانن کي لڏايو ويو. (جيتوڻيڪ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪراچيءَ جي ناظم آباد ۾ جلسي ۾ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ڄاڻايل خاندانن جي ٻيهر بحاليءَ جو يقين ڏياريو هو. ساڳي ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير پڻ مختلف وقتن تي ڪئي آهي.) هوڏانهن سنڌ جي حڪومت 21-2020ع جي بجيٽ ۾ 2 ارب رپيا ۽ 23-2022ع جي بجيٽ ۾ 9 ارب رپيا متاثرن جي بحاليءَ لاءِ مختص ڪيا هئا. پر آخري وقت تائين اهڙا متاثر ٿيل روڊن، رستن ۽ پنهنجي پاڙيسرين جي گهرن ۾ رهندڙ آهن. روڊن رستن تي رهندڙن کي واش رومز ۽ کاڌي جي رڌ پچاءَ جي ڪري سخت تڪليف مان گذرڻو پوي پيو. ان کان سواءِ سڄي سنڌ مان لڏپلاڻ ڪندڙن جي اٽڪل 80 هزار ٻارڙن جي تعليم تي سخت ناڪاري اثر پڻ پيو آهي.
گڏيل قومن جي انساني حقن واري تنظيم جو اثر:
متاثرن جي بحالي واري انهيءَ تحريڪ جڏهن ملڪ جي ميگا سٽي ڪراچيءَ ۾ شروع ٿي ته ان جو اثر عالمي سطح تي ورتو ويو. جنهن جي بنياد تي گڏيل قومن جي انساني حقن واري تنظيم پاران جنيوا ۾ پاڪستان جي نمائندي کان متاثرن جي بحالي وارو سوال اٿاريو ويو. ساڳي ريت عالمي سطح تي عالمي بينڪ جي خلاف پڻ سخت ردعمل سامهون آيو ته بينڪ جبري طور لڏپلاڻ ڪرايل منصوبن تي سيڙپڪاري ڇو پئي ڪري. جنهن کان پوءِ عالمي بينڪ پاران سنڌ جي حڪومت کي سڀ کان پهرين اڪرم واهه واري منصوبي سواٽ (SAWTP ( واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پراجيڪٽ تي لڏپلاڻ ڪندڙن کي معاوضو يا ٻيهر بحالي وارو منصوبو هٿ ۾ کنيو ويو آهي. جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي نيڪاسي، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ، روڊن ۽ ريلوي وارا منصوبا پڻ عالمي مالياتي ادارن جي سيڙپڪاريءَ سان شروع ٿيڻا آهن. ان ڪري عدالت سڳوريءَ جي حڪم کي مان ڏيندي حڪومت متاثرن جي بحاليءَ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نئين واري منصوبن، سرڪلر ريلوي، ميٽرو بسن جي روٽن، ملير کان ايڇ ڊي اي سپر هاوي جي متاثرن جي ٻيهر بحالي ۽ سندن بهبود جو حڪومت پاران فيصلو ڪيو ويو آهي.
سنڌ حڪومت جا ورتل اپاءَ:
سنڌ حڪومت پاران نئين سر آبادڪاري ۽ بحالي 2023ع جي پاليسيءَ جي حوالي سان مشاورتي ورڪشاپ شروع ڪيا آهن. جن ۾ سول سوسائٽي ۽ ٻين شعبن جي ماهرن جي ڏنل صلاحن ۽ تجويزن جي بنياد تي نئين سر آبادڪاري ۽ ٻيهر بحاليءَ جو منصوبو شروع ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ کان پوءِ حيدرآباد ۾ اهڙو مشاورتي ورڪشاپ ٿيو آهي. حيدرآباد ۾ گذريل هفتي صوبائي سيڪريٽري ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ڪوسٽل ڊيولپمنٽ آغا واصف عباس جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ورڪشاپ ۾ صوبائي سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ فيصل عقيلي، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو کان سواءِ پروفيسر اسماعيل ڪنڀر، زرعي ۽ سماجي تنظيمن، ميڊيا جي نمائندن ۽ مختلف کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ورڪشاپ کي خطاب ڪندي صوبائي سيڪريٽري آغا واصف عباس چيو ته سنڌ حڪومت پاران جوڙيل ڪميٽي پاران سنڌ جي آبادڪاري ۽ بحاليءَ لاءِ پاليسي 2023ع کي ترتيب ڏنو ويو آهي ۽ اڄوڪي ان ورڪشاپ جو مقصد ڌرين کان تجويزون حاصل ڪرڻ ۽ مشاورت مان ڪارآمد ۽ اثرائتي پاليسي ٺاهڻ آهي ته جيئن صوبي جي عوام کي سنڌ جي هن منصوبي مان سنئون فائدو پهچي سگهي. ساڳي ريت صوبائي سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ فيصل عقيلي ان موقعي تي ٻڌايو ته پاليسيءَ جي حوالي سان اڄوڪو ورڪشاپ حتمي ناهي، پر 19 فيبروري 2023ع تائين پاليسيءَ جي جوڙجڪ لاءِ پڻ پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ جي ويب سائيٽ تي سنڌي، اردو يا انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ تجويزون ڏئي سگهجن ٿيون. ورڪشاپ ۾ شهزاد حسن پاليسي تي تفصيلي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جي اها پهرين پاليسي آهي جيڪا سنڌ ۾ موجود صوبائي ۽ وفاقي ترقياتي منصوبن تي لاڳو ٿيندي.
)هلندڙ)