آسماني خدا سان اهو رويو اسان کي هڪ ٻي اهم غلط فهميءَ جي به ياد ڏياري ٿو. گهڻو ڪري اهو سمجهيو ويندو هو ته شروعاتي ڏند ڪٿائون سائنس کان اڳ واري دنيا ۾ ماڻهن کي ڪائنات جي اصليت جي ڄاڻ ڏينديون هيون. ڪنهن آسماني خدا جي ڪهاڻي ان قسم جي قياس آرائيءَ جي نشاندهي ڪندي هئي، پر اها ڏند ڪٿا ناڪام هئي، ڇو ته ان ماڻهن جي عام رواجي زندگين تي ڪوبه اثر نٿي ڇڏيو. کين سندن انساني فطرت بابت ڪجهه به نٿي ٻڌايو ۽ هنن کي عام رواجي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪا به مدد نٿي ڪئي. (ڏند ڪٿا ۾) آسماني ديوتائن جو مري وڃڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ٿي ڪيو ته اهو خالق جنهن جي يهودي، عيسائي ۽ مسلمان عبادت ڪندا آهن، اولهه وارن جي زندگين مان ڇو غائب ٿي ويو. ڏند ڪٿا ڪڏهن به حقيقي ڄاڻ نه ڏيندي آهي، پر اها روين جي حوالي سان بنيادي رهنمائي ڪندي آهي. ان جو سچ تڏهن ئي نروار ٿيندو جڏهن ان تي ريتن رسمن يا اخلاقي حوالي سان عمل ڪيو وڃي. جيڪڏهن ان لا اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته اها نج علمي مفروضو هئي ته اها ڌندلي ٿي وڃي ٿي ۽ ساک وڃائي ويهي ٿي.
ڀلي ئي آسماني ديوتا پري ٿي پيا هجن، پر آسمان ڪڏهن به ماڻهن کي مقدس هستيءَ جي ياد ڏيارڻ واري سگهه نه وڃائي آهي. اوچائي، خدا جي ڏندڪٿائي علامت رهي آهي، اها شڪارين جي روحانيت جو رهجي ويل نشان آهي. ڏند ڪٿا ۽ روحانيت ۾ ماڻهو آسمان تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اهي ڌيان جون اهڙيون رسمون ۽ ترڪيبون جوڙي وٺندا آهن، جيڪي کين آسمان ڏانهن اڏام وارين ڪهاڻين ۾ ويساهه ڏيارينديون آهن ۽ اهي شعور جي اوچائين تائين وڃي پهچندا آهن. بزرگ اها دعوا ڪن ٿا ته اهي روحاني دنيا جون منزلون پار ڪندا نيٺ وڃي خدا سان ملن ٿا. يوگا ڪندڙن لا چيو وڃي ٿو ته اهي هوا ۾ اڏامندا آهن، بزرگ هستين لا چيو وڃي ٿو ته اهي جبل چڙهي روحاني رمز ۾ وڃي پهچن ٿا. ماڻهو ان آسماني بدلا واري خيال کان ان ڪري متاثر پئي ٿيا جو کين لڳو ٿي ته ايئن ڪرڻ سان اهي سندن ڪمزورين مان جان ڇڏائي ويندا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڪثر ڏند ڪٿا ۾ جبل مقدس هوندا آهن: اهي زمين ۽ آسمان وچ ۾ وچون رستو هوندا آهن. اهي (جبل) اهڙا هنڌ هوندا هئا، جتي حضرت موسى جهڙا ماڻهو خدا سان وڃي ملندا هئا. عالمن جو مڃڻ آهي ته آسمان ڏانهن اُڏام جون اوائلي ڏندڪٿائون پٿر جي دور جون آهن ۽ انهن جو واسطو شمن (Shaman) سان هو، جيڪو شڪاري سماجن ۾ مذهبي اڳواڻ هو. اهو شمن آسمان ڏانهن اُڏام ڀرڻ جو ماهر ليکيو وڃبو هو، جنهن جي خيالن ۽ خوابن شڪار ڪرڻ جي اخلاقيات کي گڏايو ۽ ان کي روحاني معنا ڏني. شڪار ڪرڻ ڏاڍو خطرناڪ هو، گهڻو ڪري شڪاري سندن قبيلي کي ڏينهن جا ڏينهن ڇڏي ويندا هئا، کين غارن جي تحفظ مان نڪرڻو پوندو هو ۽ زندگين کي خطرن ۾ وجهي پنهنجي ماڻهن لا کاڌو کڻي اچڻو هوندو هو. پر جيئن پاڻ ڏسنداسين ته اهو رڳو هڪ عملي ڪم نه هو، پر سندن هر عمل جيان ان جو به هڪ روحاني پاسو هو. شمن به سفر ڪندو هو، پر هن جو (سفر) روحاني کوج جو هوندو هو. اهو مڃيو ويندو هو ته کيس اهڙي سگهه هئي جو هو پنهنجي جسم مان نڪري روحاني ۽ آفاقي دنيا ۾ هليو ويندو هو. جڏهن هو ان رمز ۾ پڄندو هو ته هوا ۾ اُڏامڻ لڳندو هو ۽ پنهنجي ماڻهن (جي ڀلي لا) خدائن سان ڪلام ڪرڻ لڳندو هو.
فرانس جي لاسڪاڪس (Lascaux) ۽ اسپين جي التميرا (Altamira) جي غار وارن عبادتگاهن مان اسان کي اهڙيون تصويرون مليون آهن جن ۾ جانورن ۽ شڪارين سان گڏ اهڙا ماڻهو به ظاهر ٿين ٿا جن کي پکين وارا ٻوٿاڙا پاتل آهن. اهي (تصويرون) شمن جي آسمانن ڏانهن اُڏام ڏانهن اشارو ڪن ٿيون. ايتري تائين جو اڄ به سائبريا (Siberia) ۽ ٽائرا ڊيل فئگو (Tierra Del Fuego) جي شڪاري سماجن جا شمن کي مڃين ٿا ته جڏهن اهي ان رمز ۾ ايندا آهن ته اهي آسمانن ڏانهن اُڏام ڀري خدائن سان ڳالهيندا آهن، جيئن گهڻو اڳ سونهري دور ۾ سڀ انسان ڪندا هئا. هڪ شمن کي روحانيت جي حوالي سان خاص قسم جي تربيت ڏني ويندي آهي. شروعاتي ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن هن کي نفسياتي دورا پوندا آهن، جيڪي هن جي ان آڳاٽي شعور کان الڳ ٿيڻ جي علامت هوندا آهن ۽ انهي سگهه جي موٽڻ کي ظاهر ڪندا آهن، جيڪا آڳاٽي دور جي انسان کي ڏني وئي هئي ۽ جيڪا هاڻي وڃائجي چڪي آهي. خاص رسمن دوران شمن ناچ ۽ گاني جي ڪري بيخوديءَ جي عالم ۾ هليو ويندو آهي. گهڻو ڪري هو ڪنهن وڻ يا ٿنڀي تي چڙهي ويندو آهي، جيڪو ان قديمي وڻ، جبل يا ڏاڪڻ جي علامت هوندو آهي، جيڪا ڪڏهن ڌرتي ۽ آسمان جي وچ ۾ لاڳاپي جو ذريعو هئي. هيٺئين نموني جديد دور جو هڪ شمن پنهنجي ڌرتي ۽ آسمان واري گهري سفر کي بيان ڪري ٿو:
“جڏهن ماڻهو ڳائيندا آهن ته مان نچندو آهيان، مان ڌرتيءَ جي وچ ۾ هليو ويندو آهيان. مان ان جا تي ويندو آهيان، جتان ماڻهو پاڻي پيئندا آهن. مان ڏورانهون سفر ڪندو آهيان… تمام ڏورانهون….جڏهن مان ٻاهر ايندو آهيان ته مٿي چڙهي رهيو هوندو آهيان. مان ڌاڳن تي مٿي چڙهندو آهيان…اهي ڌاڳا جيڪي ڏکڻ واري ڏساءَ ۾ آهن…..۽ جڏهن اوهين خدا جي آستاني تي پهچندا آهيو ته پاڻ کي ننڍڙو ڀائيندا آهيو…..اوهين اتي اهو ڪندا آهيو جيڪو اوهان کي ڪرڻ گهرجي…. پو اوهين اتي واپس ايندا آهيو جتي سڀ موجود هوندا آهن…”
شڪارين جي خطرناڪ سفر جيان شمن جو سفر به موت سان روبرو ٿيڻ وارو هوندو آهي. جڏهن هو پنهنجي ماڻهن ڏانهن ورندو آهي ته هن جو روح اڃا به جسم کان غيرحاضر هوندو آهي ۽ اهو هن جي ساٿين کي موٽائڻو هوندو آهي. جيڪي “اوهان جو هٿ پڪڙي اوهان جي منهن تي ٿڦڪيون هڻندا آهن. ان نموني اوهان ٻيهر زندگي ڏانهن موٽندا آهيو. دوستو، جيڪڏهن اهي ايئن نه ڪن ته اوهين مري ويندا آهيو.”
روحاني اُڏام ۾ جسماني سفر شامل نه هوندو آهي، پر اها اهڙي مسرت هوندي آهي جنهن ۾ روح جسم کي ڇڏي هليو ويندو آهي. ڌرتي جي پاتال ۾ وڃڻ کانسوا آسمان جي اوچائي ڏانهن اُڏام نٿي ڀري سگهجي. موت بنا نئين زندگي نٿي ملي سگهي. آڳاٽي ماڻهو جي روحانيت جو اهو تصور هر تهذيب جي بزرگن ۽ يوگين جي روحاني سفر ۾ ڏسڻ لا ملي ٿو. اهو هڪ اهم نقطو آهي ته آسمان ڏانهن اڏام ڀرڻ واريون ڏند ڪٿائون انساني تاريخ جي آڳاٽي دور سان وڃي ملن ٿيون. ان جو مطلب اهو آهي ته انسان جي سڀ کان وڏي خواهش اها رهي آهي ته انساني حالت کان مٿانهون ٿي وڃي. جيئن ئي انسانن ارتقا وارو مرحلو پار ڪيو، هنن ڄاتو ته آسمانن ڏانهن اڏام ڀرڻ هنن جي حالتن سان لاڳاپيل هو.
شمن رڳو شڪاري سماجن ۾ ئي ڪم ڪندا آهن ۽ جانور هنن جي روحانيت جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. پنهنجي تربيت دوران جديد دور جو شمن ڪڏهن ڪڏهن جهنگ ۾ جانورن سان گڏ رهندو آهي. هن جو خيال هوندو آهي ته هو هڪ اهڙي جانور سان وڃي ملندو، جيڪو کيس روحانيت جي رمزن جي حوالي سان هدايتون ڏيندو، کيس جانورن جي ٻولي سيکاريندو ۽ هن جو دائمي ساٿي بڻجي ويندو. ان کي رجعت نٿو ليکيو وڃي. شڪاري سماجن ۾ جانورن کي گهٽ نه پر برتر ڏاهپ وارو سمجهو وڃي ٿو. اهي (جانور) ديرپا ۽ ابدي زندگي جي رازن کي ڄاڻين ٿا ۽ انهن سان رابطي ۾ اچي شمن کي وڏي حياتي ملي ٿي.
سونهري دور جي ختم ٿيڻ کان اڳ اهو سمجهيو ٿي ويو ته ماڻهو جانورن سان ڳالهائي سگهيا ٿي ۽ جيتري تائين هو اها زبردست ڏات حاصل نٿو ڪري ايتري تائين شمن آسمان ڏانهن اڏام نٿو ڀري سگهي. هن جي ان سفر جو حقيقي ڪارڻ به آهي، شڪاري جيان هو به پنهنجي ماڻهن لا کاڌو آڻيندو آهي. مثال طور گرين لينڊ ۾ رهندڙ برفاني ماڻهو (Eskimos) جو مڃڻ هو ته لڌڙا هڪ ديوي جو اولاد هئا، جيڪا جانورن جي حڪمران هئي. جڏهن به اتي ڏڪار ايندو هو ته ان (ديوي) کي خوش ڪرڻ لا شمن کي موڪليو ويندو هو جيئن ڏڪار ختم ٿي سگهي.
اهو ٿي سگهي ٿو ته پٿر جي دور وارن ماڻهن جون به ساڳيون ڏند ڪٿائون ۽ رسمون هجن. اها هڪ اهم حقيقت آهي ته homo sapiens به هڪ شڪاري ڀولڙو هو جيڪو ٻين جانورن جو شڪار ڪري انهن کي کائيندو هو. پٿر جي زماني جي ڏند ڪٿا مان ڀانئجي ٿو ته اهي جانور جن کي هاڻي ماڻهو مارڻ تي مجبور آهي، اهي وڏي مان وارا هئا. ماڻهو شڪار لا تيار نه هئا، ڇو ته اهي سندن شڪار کان ننڍا ۽ ڪمزور هئا. انهي جو ازالو کين نوان هٿيار ۽ ترڪيبون جوڙي ڪرڻو پيو. پر ان کان وڏو مسئلو هنن جا نفسياتي مونجهارا هئا. علم انسان جا ماهر ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته اهي جانورن ۽ پکين کي پاڻ جهڙو ئي مڃيندا هئا. اهي انسانن جو جانور ٿي وڃڻ ۽ جانورن جو انسان ٿي وڃڻ واريون ڪهاڻيون ٻڌائيندا هئا. جانور کي مارڻ جو مطلب دوست کي مارڻ هو، ان ڪري شڪاري قبيلن کي شڪار کانپو اڪثر ڏوهه جو احساس ٿيندو هو. جيئن ته اهو هڪ مقدس ڪم هو ۽ نفسياتي مونجهارن سان ڀريل هو، ان ڪري شڪار کان اڳ خاص ميلا ڪبا هئا، جن ۾ ڪيتريون ئي رسمون ادا ڪبيون هيون. ڪنهن سفر کان پهرين شڪاريءَ کي جنسي عمل کان ڏور رهڻو هوندو هو ۽ پاڻ کي پاڪ صاف رکڻو هوندو. شڪار کانپو وري ماس کي هڏن کان ڌار ڪري، هڏن، کوپڙي ۽ کل کي اهڙي نموني رکبو هو جيئن ان جانور کي وري گڏ ڪيو وڃي ۽ ان کي نئين زندگي ملي سگهي. (هلندڙ)