اھو ادارو جيڪو ان لاءِ وجود ۾ آندو ويو ھو تھ جيئن مسڪين ۽ لاچار ملڪن جي معاشي مدد ڪري انھن کي وري پنھنجن پيرن تي بيھڻ جي لائق بڻائجي. پر اھو ادارو اڳتي ھلي ھڪ اھڙي ڄور بڻجي ويو، جنھن جو ڪم دنيا جي ملڪن کي وڌيڪ غريب بڻائي، انھن جو رت ست چوسي، انھن جي ملڪي ۽ عالمي پاليسين تي اثر انداز ٿيڻ بڻجي ويو. اھو ادارو جنھن وٽ اسان جو ملڪ ذري گھٽ گروي رکيل آھي. اھو ادارو جيڪو اسان جي ملڪ جي معاشي پلاننگ بھ ڪري ٿو ۽ اسان جي حڪمرانن کي مجبور ٿو ڪري تھ اھي ھن جي حڪمن جي بجا آوري ڪن. اھو ادارو آزاد ملن کي قرض جي زنجيرن ۾ جڪڙي انھن جي آزاديءَ کي نالي ماتر بڻائي رھيو آھي. اھو ادارو جديد سامراج جي ظالم صورت بڻجي ويو آھي. اھو ادارو دنيا جي بدنام ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي ذريعي ٽين دنيا جي ملڪن جي مجبور عوام جي مٿان پنھنجيون پاليسيون مسلط ڪري ٿو. اھو ادارو پنھنجي ڪني ڪرت جي ڪري ايترو تھ بدنام ٿي ويو آھي جو ان کي ڄاڻڻ ۽ سڃاڻڻ جي لاءِ ھاڻي اٺ ڪتابن جا پڙھڻ يا انگريزي ٻوليءَ تي مھارت حاصل ڪرڻ جي بھ ڪا ضرورت ناھي. ان اداري جنھن جنھن ملڪ جي معاشيات کي ڏنگيو آھي، ان ملڪ جي معاشيات ورلي بچي آھي. اھو ادارو ايترو تھ شاطر ۽ ايترو تھ شامت ڀريو آھي جو ان جي نالي کان بھ آزاد ملڪ ڇرڪي وڃن ٿا.
جي ھا! اسان ٻيو ڪنھن جي نھ پر ان آءِ ايم ايف جي ڳالھھ ڪري رھيا آھيون، جنھن جي در تي اسان جو ھر حڪمران پنھنجي پنھنجي سائيز جو ڪشتو کڻي پھچندو آھي ۽ پنھنجي انداز سان منٿون ڪندو آھي تھ ھو کيس قرض ڏئي. آءِ ايم ايف تھ وجود ۾ ئي ان ڪري آيو ھو ۽ ھن جي ڪم بھ اھو آھي تھ ھو دنيا جي ملڪن کي قرض ڏئي پر ھو اھو ادارو اسان جي ملڪ کي قرض ڏيڻ جي سلسلي ۾ جھڙي طرح ناز ۽ نخرا ڪندو رھيو آھي، اھو اسان جي لاءِ انتھائي شرم جو باعث بڻيل آھي ۽ اھا شرمساري ان مھل تمام گھڻي وڌي وڃي ٿي، جڏھن اسان قرض جي ھڪ قسط حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي ملڪن کان سفارشون ڪرايون ٿا. سفارشون ڪرائڻ جي سلسلي ۾ اسان جا وزير ۽ وزير اعظم تھ ماڳ پر اسان جي ملڪ جي ملڪ جي محافظ اداري جا سربراھه بھ شامل ٿي وڃن ٿا.
آءِ ايم ايف اھو ادارو آھي، جنھن نھ صرف اسان جي ملڪ جي مٿان پنھنجيون پاليسيون مسلط ڪيون آھن پر ھن اسان جي مٿان پنھنجا ملازم حڪمران بڻائي بھ مڙھيا آھن. اسان جي رياست صرف پاڻ کي ھلائڻ لاءِ اھي شرطون بھ قبول ڪيون آھن، جيڪي شرطون ھڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ کي ٻڌڻ بھ نھ گھرجن. پر اسان جي حڪمرانن کي پنڻ ۽ قرض وٺڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ نھ ٿو اچي. ان ڪري انھن ھن مھل تائين اھڙي ڪا پاليسي نھ جوڙي آھي، جنھن سان پاڪستان پنھنجن پيرن تي بيھڻ جي لائق ٿي سگھي ۽ پنھنجي عوام کي قرض کان بچائي ۽ ان کي حقيقي آزاديءَ سان ھمڪنار ڪري. سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ اسان کي ھڪ بھ اھڙو حڪمران نھ مليو آھي، جيڪو ملڪ جي معاشيات کي مضبوط ڪري ۽ جيڪو ملڪ جي مجبورين مان آجو ڪري سگھي. جنھن جي معاشي پلاننگ پاڪستان کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ھڪ اڀرندڙ قوت بڻائي سگھي.
ھن دنيا جي ھر فرد کي معلوم آھي تھ قرض ھڪ مرض آھي. قرض ھڪ اھڙي بيماري آھي، جيڪا ماڻھن توڙي ملڪن کي مجبوريءَ جي آخري حدن تائين وٺي وڃي ٿي. ھيءَ اھا وبا آھي، جيڪا انسانن ۽ رياستن جي آزاديءَ کي ختم ڪري انھن کي غلام بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ٿي ڇڏي. اھو ئي سبب آھي تھ قرض جي مرض لاءِ سمجھدار ماڻھو اھا دعا گھرندا آھن تھ قدرت اھا بڇڙي بلا ڪنھن دشمن کي بھ نه بخشي پر اسان جي ملڪ جو حال اھو آھي تھ اھو قرض کان سواءِ پنھنجي ھلڻ جو تصور بھ نھ ٿو ڪري سگھي. پاڪستان جي اڪثر سياستدانن اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۾ اھي اعلان ڪيا ھئا تھ ھو اقتدار ۾ اچي قرض جو ڪشڪول ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندا پر جڏھن انھن جي حڪومت قائم ٿي تھ انھن نھ صرف ڪشڪول کنيو پر پھرين ڪشڪول کان ڪجھھ وڏو ڪشڪول کنيو ۽ اھي نماڻا بڻجي وري ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي گھٽين ۾ گھمندا ۽ رحم جو صدائون ھڻندا نظر آيا. اھو سلسلو ھن وقت بھ جاري آھي.
دنيا ۾ ٻيا بھ ملڪ آھن ۽ دنيا ۾ اھڙا ملڪ بھ آھن، جيڪي اسان سان گڏ آزاد ٿيا. دنيا ۾ اھڙا ملڪ بھ آھن، جيڪي اسان کان پوءِ وجود ۾ آيا. چين سڀ کان وڏ مثال آھي. پر انھن ملڪن جي معاشي طاقت اڄ پوري دنيا جي لاءِ مثال آھي. جڏھن تھ چين جو شمار انھن ملڪن ۾ ٿيندو ھو، جن ملڪن جي لاءِ ان دور جا معاشي ماھر سينو ٺوڪي چوندا ھئا تھ چين ڪڏھن بھ خوشحال ٿي نھ ٿو سگھي. ڇو تھ چين جي آبادي ايتري گھڻي آھي جو اھو ملڪ پنھنجي آباديءَ جي ڪري سدائين برباديءَ جي حالت ۾ رھندو پر دنيا سان گڏ اسان بھ ڏٺو تھ چين ڪھڙي طرح پنھنجي ڪمزوريءَ کي پنھنجي طاقت بڻايو ۽ اڄ چين ان پوزيشن ۾ آھي جو نھ صرف آمريڪا پر ھن جا سمورا اتحادي ڊڄن ٿا تھ ڪٿي چين انھن کي ڳڙڪائي نھ وڃي. چين دنيا جو اھو ملڪ آھي، جيڪو ڏسندي ڏسندي دنيا جي قوت بڻجي ويو. پر پاڪستان جيڪو چين جو پاڙيسري ملڪ آھي، اھو چين کان آزاد ۽ معاشي طور تي سگھارو ٿيڻ جو ھنر سکڻ بدران چين کان بھ قرض وٺي وٺي آخر ھن کي بيزار بڻائي چڪو آھي.
پاڪستان قرض وٺڻ جي سلسلي ۾ ايترو تھ مشھور ٿي چڪو آھي تھ ھن جو وزير اعظم پنھنجي عوام جي پاران ان ”ٽڪ ٽاڪ“ جو مک موضوع بڻجي چڪو آھي، جنھن ۾ ھو چوي ٿو تھ جڏھن بھ ھو ٻاھرين ملڪن ۾ وڃي ٿو تھ اھي سمجھن ٿا تھ ڪجھھ وٺڻ آيو آھي. پر مجبوري آھي!!
ڇا ڪوئي بھ آزاد ملڪ پنھنجي ايتري توھين برداشت ڪري سگھي ٿو. پاڪستان جو عوام نھ پر پاڪستان جو حڪمران طبقو ذميوار آھي، ھن ملڪ کي ان حال تائين پھچائڻ جي سلسلي ۾ جڏھن پاڪستان پنھنجو عالمي وقار وڃائي بين الاقوامي برادريءَ ۾ ھڪ تماشو ٿي ويو آھي. جنھن ملڪ جا حڪمران ان ڳالھھ تي فخر ڪندا ھجن تھ انھن جي اھا ڪاميابي آھي تھ انھن عالمي ڊونر ڪانفرنس ۾ امداد حاصل ڪئي آھي تھ اسان انھن حڪمرانن مان آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي ڪھڙي اميد رکي سگھون ٿا. جيڪي حڪمران نسل در نسل دنيا جي طاقتور ملڪن کي منٿون ڪندا ھجن تھ انھن جي حڪمرانيءَ جو تحفظ ڪن ۽ انھن تان پنھنجي آشيرواد جو ھٿ نھ کڻن. انھن حڪمرانن کان اسان ھڪ آزاد ملڪ جي اميد ڪيئن ٿا رکي سگھون؟
پاڪستان جي سلسلي ۾ اسان کي اھو معلوم ھجڻ گھرجي تھ ھي اھو ملڪ آھي، جنھن ملڪ کي پھرين امداد تي ھيرايو ويو ۽ پوءِ اھا امداد سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ قرض جي صورت اختيار ڪري چڪي آھي. جيڪڏھن پاڪستان جي حڪمرانن ۾ شعور ھجي ھا تھ ھو ان وقت ئي ھوش ۾ اچن ھا، جڏھن روس جي مقابلي ۾ پاڪستان کي استعمال ڪرڻ لاءِ ھن کي امداد ڏني ويندي ھئي ۽ پاڪستان ان امداد کي پنھنجي لاءِ خوشقسمتي سمجھندو ھو. جڏھن تھ ان وقت پاڪستان کي محسوس ڪرڻ کپندو ھو تھ اھا امداد ھن جي معاشي سگھھ کي نپوڙي ختم ڪري ڇڏيندي. امداد جي سھاري دنيا جي ڪنھن بھ ملڪ ترقي نھ ڪئي آھي. امداد جو سفر تباھيءَ جي طرف ھوندو آھي. امداد اھو ڪاروان آھي، جنھن جي آخري منزل شرمناڪ شرطن وارو قرض ھوندو آھي ۽ ھن وقت پاڪستان اھڙي صورتحال جي عالمي علامت بڻجي چڪو آھي.
آءِ ايم ايف ھڪ ادارو آھي پر اصل ۾ اھو اسان جي ملڪ لاءِ ھڪ اھڙو آءِ سي يو (ICU) بڻجي چڪو آھي، جنھن تي اسان جو ملڪ وينٽيليٽر تي ليٽيل نظر اچي ٿو. پاڪستان کي ان حال تائين پھچائڻ جا ذميوار اسان جا حڪمران آھن پر اھو شرمناڪ مشن آءِ ايم ايف جي تعاون کان سواءِ ڪنھن بھ طرح سان ممڪن نھ ھو. اھو ئي سبب آھي تھ ھاڻي پاڪستان آءِ ايم ايف جي پاليسين معرفت چوکنڀو ٻڌل آھي ۽ ڪائي بھ حڪومت آءِ ايم ايف جي اجازت کان سواءِ پنھنجي آزاد معاشي پلاننگ ڪري نھ ٿي سگھي.
پاڪستان جي حڪمرانن ۾ تھ پنھنجي حرص کان سواءِ ٻيو ڪو بھ احساس باقي نھ بچيو آھي پر پاڪستان جي عوام ۾ پنھنجي ان قومي توھين جو ھڪ ڪروڌ ايتري حد تائين پھچي ويو آھي، جو ان جو اظھار مختلف صورتن ۾ ٿيڻ لڳو آھي ۽ دنيا جي ھر سودخور وانگر آءِ ايم ايف کي بھ اھو احساس ٿيڻ لڳو آھي تھ ڪٿي پاڪستان جو عوام ان جي خلاف رستن تي نڪري نھ اچي. اھڙي خطري کي نظر ۾ رکندي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا ھڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو آھي تھ پاڪستان اميرن کان ٽيڪس وٺي ۽ غريبن کي رليف ڏي. آءِ ايم ايف جو اھڙو انقلابي ۽ غريب پرور موقف ان ڪري وجود ۾ آيو آھي جو ھاڻي ھن عالمي وياج خور اداري کي بھ اھو شدت سان محسوس ٿيڻ لڳو آھي تھ پاڪستان ۾ ھن جي خلاف عوامي سطح تي نفرت پيدا ٿيڻ لڳي آھي. پنھنجو پاڻ کي عوامي ڪروڌ کان بچائڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف اھڙا بيان ڏيڻ شروع ڪيا آھن.، جڏھن تھ پاڪستان جي ھر باشعور شھريءَ کي معلوم آھي تھ اھو آءِ ايم ايف ئي آھي، جيڪو پنھنجي قرض جو وياج وٺڻ لاءِ پاڪستان جي مٿان اھڙا شرط وجھندو رھيو آھي، جنھن جو اثر لازمي طور تي عوام جي مٿان پوي. پاڪستان کي بجلي ۽ پيٽرول مھانگو ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري آءِ ايم ايف اميرن کي سزا ڏئي رھيو آھي يا پاڪستان جي عوام کي پيڙي رھيو آھي؟ جيڪڏھن آءِ ايم ايف کي پاڪستان جي غريب عوام سان ھمدردي ھجي ھا تھ اھي ڪرپٽ حڪمرانن کي قرض ڏئي ملڪ کي مقروض، عوام کي مجبور ۽ اسٽيبلشمينٽ کي مغرور ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا نھ ڪري ھا.