پنھنجي ملڪ پاڪستان جي معاشي ڏيوالپڻي ۽ سياسي ڏڪار واري حالت کي ڏينهون ڏينهن خلق آزار ٿيندي ڏسي ڏسي ۽ مھانگائي کي منهن ڏيئي ڏيئي، منهنجي ڄمار جا ڪروڙين وطن واسي ھاڻي ٿڪجي پيا آهن. گھڻا ته اھڙي جيئڻ کان مورڳو مايوس ٿي چڪا آهن.
مايوسيءَ جو ڪوبه انت نه ٿو ڏسجي ڇو ته جڏهن ملڪ جو وزيراعظم شھباز شريف پاڻ خدا جي خلق کي اھو چئي ڊيڄاري ٿو ته اڃا به وڌيڪ مھانگائي ٿيندي تڏهن مسڪين ماڻهن کان وٺي سفيد پوش وچولي طبقي جو ساھه ئي سڪي ٿو وڃي. اھڙي ڀوائتي صورتحال ۾ مون کي پنهنجي ماضيءَ جون ساروڻيون ياد اچي ٿيون وڃن. ھي اھو دور ھو جڏھن اڃا ذوالفقار علي ڀٽو سياسي آسمان تي ڪونه چمڪيو ھو. جنرل ايوب خان جي ڊڪٽيٽرشپ ھئي ۽ ڀٽو صاحب جي پرڏيهي وزير واري حيثيت به ايتري معمولي ھوندي ھئي جيتري ھاڻي سندس پوٽي بلاول ڀٽو زرداريءَ جي آھي.
1967 ۾ مئٽرڪ پاس ڪري آئون گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ٿيس. ان زماني ۾ اينٽي ون يونٽ ھلچل پنهنجي عروج تي هئي ۽ جنرل ايوب خان جو زوال شروع ٿي چڪو هو. ڪاليج جي شاگرد يونين جون باقاعدي ھر سال چونڊون ٿينديون هيون جن سان نوجوانن ۾ سياسي شعور پيدا ٿيندو ھو. حيف آهي نام نهاد جمهوري حڪومتن کي جن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي اسٽوڊنٽس يونين تي پابندي مڙهي تخليقي سرگرمين جي نڙيءَ تي ننهن ڏيئي ڇڏيو آهي. ھي ڳالهه چٽي طرح ياد رکڻ گهرجي ته شاگرد يونين جي اليڪشن ۾ ھڪ ٻئي سان مقابلو ڪندڙ گروپن جا اڳواڻ پاڻ ۾ اختلاف ھوندي به ووٽن جي ڳڻپ ۾ ڌانڌلي نه ڪري سگھندا ھئا ڇاڪاڻ ته امپائر استاد سھڻي ساک وارا ھوندا ھئا. ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي امپائرن جيان ھڪڙي ڌر کي ھارائڻ ۽ ٻي ڌر کي کٽرائڻ جي سازش کان پاسو ڪري پنهنجي عزت ۽ مان مرتبو وڌائڻ جي ڪوشش ضرور ڪندا ھئا.
ڪاليج وارين سرگرمين جو ذڪر ان لاءِ ڪيو اٿم ته فرسٽ ايئر فول ٿيڻ شرط ڪجهھ نوان داخل ٿيندڙ شاگرد اھڙو ته جھٽڪو محسوس ڪندا ھئا جنھن جي ڪري ايندڙ وقت ۾ ڏاڍو احتياط سان ھلڻ چلڻ ۽ پڙھڻ سان گڏوگڏ کين احتجاج جو موقعو به ملي ويندو هو. ان دور جو احتجاج اھڙو سادو سودو ھو جو سينئر شاگرد جنھن به نئين شاگرد سان مذاق ڪرڻ بدران کيس ايذاءُ رسائيندا ھئا ته اھڙن بدتميزي ڪرڻ وارن سينئر ڪلاسين جي خلاف پرنسپال کي لکت ۾ دانھن ڏبي هئي. ڪاليج انتظاميه ھڪدم انھن جي خلاف ايڪشن کڻندي هئي. مطلب ته متاثر ٿيل شاگردن کي ترت انصاف ملي ويندو هو. کيچل ڪندڙ سينئر جڏهن پرنسپال جي آڏو متاثر ٿيل جونيئر کان معافي وٺي، پنهنجا ڪن جھلي اٿ ويهھ ڪندو ھو ته سڀ ٺري ٿڌا ٿيندا ھئا ۽ تڪرار ختم ٿيڻ شرط سندن ڪاوڙ دوستيءَ ۾ بدلجي ويندي ھئي. اھا ڪنھن سياسي دشمني وانگر مخالفن جو خون خرابو ٿيڻ نه ڏيندي ھئي جيئن اڄڪلھه واپارين جي سياست ۾ ڌن دولت جي شوقين واپارين مخالفت کي ذاتي دشمني ڪري ڇڏيو آھي.
ھڪ پاسي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ٻولي ٻڌڻ شرط محسوس ٿئي ٿو ته هو اڳوڻي فوجي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جو ذاتي دشمن بڻجي چڪو آهي ته ٻئي پاسي حڪمران پي ڊي ايم وارا سمورين سياسي پارٽين جا ليڊر پاڪستان جي صدر عارف علوي سان ايئن پيا مھاڏو اٽڪائين ڄڻ ته هو ملڪ جو صدر نه پر چوڌري فضل الاهي، رفيق تارڙ ۽ ممنون حسين وانگر اڳڙين جو گڏو آهي. مون کي اھا پڪ ٿي ويئي آهي ته عمران خان کان وٺي شهباز شريف تائين ۽ آصف زرداريءَ کان وٺي مولانا فضل الرحمان تائين ڪوبه ليڊر پاڪستان جي آئين تي عمل ڪرڻ لازمي نه ٿو سمجهي. يا وري ھيئن ٿو ڀانئجي ته اقتدار جي ڇڪ ڇڪان ۾ ھر ڪا ڌر آئين جي تشريح پنهنجي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ جي آسوند آهي. مون ڪئين ڀيرا ھن 1973 واري آئين کي ٺھندي ۽ ڊھندي ڏٺو آهي. ھن دستور کي ٺاهڻ شرط ذوالفقار علي ڀٽي پاڻ انساني حقن ۽ پريس جي آزاديءَ واريون شڪون چوويهن ڪلاڪن اندر ڊاھي ڇڏيون ھيون ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري جنهن جي لاءِ ڊفينس آف پاڪستان رولز جوڙي ھن سياسي مخالفن جو به گلو گهٽي ڇڏيو هو. وڏي چالاڪيءَ سان بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي اڳواڻن خان عبدالولي خان، مير غوث بخش بزنجو ۽ عطاءُ الله مينگل کي صوبائي خودمختياري جو ڏٽو ڏيئي کانئن ھن دستور جي منظوري واسطي صحيحون وٺي، ھفتي ڏيڍ اندر بلوچستان جي حڪومت کي غير قانوني طريقي سان ڊاھي ڇڏيائين ۽ اتي پنهنجي پيپلز پارٽيءَ جي حڪمراني قائم ڪري، جنرل ٽڪا خان کي بلوچن خلاف آپريشن جو حڪم ڏنائين. آپريشن جي خلاف احتجاج ڪندي خيبرپختونخواهه مان ولي خان پنهنجي ۽ جمعيت علما اسلام جي اتحادي سرڪار کي استعيفا ڏيڻ جو حڪم ڏنو. ذوالفقار علي ڀٽي اتي به پنهنجي حڪومت قائم ڪري، مخالفن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جيلن اندر واڙڻ شروع ڪري ڇڏيو. انھن ئي ڏينھن ۾ بلوچ ۽ پختون اڳواڻن تي بدنام زمانه حيدرآباد سازش ڪيس ٿاڦيو ويو.
جيئن وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي صدر چوڌري فضل الاهيءَ کي صدارتي محل ۾ قيد ڪري ويٺو رهيو تيئن پي ڊي ايم جي قيادت به چاھي ٿي ته صدر عارف علوي پنهنجو ڪوبه آئيني اختيار استعمال نه ڪري سگهي. صدر جو عهدو بنهھ بي اختيار نه ھوندو آهي. ٽنھي فوجن جي سپريم ڪمانڊر جي حيثيت ۾ سندس ڪردار رڳو سپاھه سالارن جي مقرري واري فائيل تي صحيح ڪرڻ ناهي. ھو ڪنھن به ماتحت فوجي عملدار خلاف ان صورت ۾ قانوني قدم کڻي سگهي ٿو جيڪڏهن اھو عملدار آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ڇڏي. مثال طور جڏهن به ڪو آرمي چيف مارشل لا مڙهي آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ڪري ته صدر مملڪت نه رڳو سندس غير قانوني فيصلي کي رد ڪري سگهي ٿو پر انھيءَ عملدار جي گرفتاريءَ جو به حڪم جاري ڪري سگهي ٿو. پڙھي ڏسو آئين ته صدر جا ٻيا ڪھڙا اختيار آهن. صدر علوي کي حڪمران پي ڊي ايم جي ليڊرن تڪراري شخصيت ان ڪري بڻايو آهي جو ھن آئين مطابق نوي ڏينهن اندر ضمني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ اليڪشن ڪميشن جي گوٿناٿ کي روڪڻ خاطر 9 اپريل جي تاريخ به ڏيئي ڇڏيائين. سڌي سنئين ڳالهه آهي ته حڪمران اتحاد وارا نه رڳو ضمني چونڊن پر هن سال ٿيڻ وارين عام چونڊن کان به نٽائي ۽ لنوائي رهيا آهن ۽ ان ڪري ئي ملڪ جي ڪروڙين ووٽرن کان ووٽ جو حق کسڻ گهرن ٿا جيڪو غير آئيني ۽ غير قانوني ڪم آهي. دنيا جي ليڊرن ته عالمي جنگين دوران به اليڪشن ڪرائڻ کان ڪڏهن ڪونه ڪيٻايو.
آخر اھو ڪٿان جو انصاف آهي ته چونڊن کي پنج سال پورا ٿيڻ وارا ھجن ته دھشتگردي جو بھانو گھڙي، حڪمران پنھنجي حڪومت جو مدو ھڪ يا ٻه سال وڌائي ڇڏين؟ اھڙي گھرج آھي ته پوءِ دستور ۾ ترميم ڪريو! ظاھر آهي ته تيرھن جماعتي اتحادي سرڪار وٽ آئيني ترميم لاءِ گھربل ٻه ڀاڱي ٽي جھڙي اڪثريت نه آهي. جيئن ته ھو آئيني طريقي سان ايندڙ آگسٽ مهيني کان اڳتي حڪومت ڪري نٿا سگهن تنهن ڪري غيبي طاقتن جي مدد سان اقتدار کي چھٽيل رھڻ چاھين ٿا. صدر عارف علوي سچ چيو آهي ته پاڪستان جو آئين ضمني اليڪشن لاءِ نوي ڏينهن کان ھڪڙو ڏينھن به وڌيڪ نٿو ڏئي. انھيءَ حقيقت کي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٻن قانوني ماهر سياسي اڳواڻن بئريسٽر اعتزاز احسن ۽ سابق گورنر پنجاب عبداللطيف کوسي به صاف لفظن ۾ بيان ڪري ڇڏيو آھي. مولانا فضل الرحمان جو اھو چوڻ ته صدر علوي پاڻ کي بادشاهه سلامت سمجهي آئين جي لتاڙ ڪئي آهي، بلڪل غلط آھي. سندس الزام تراشي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان جي سڀني سياسي اڳواڻن وانگر مولانا صاحب کي به فضل الاهي چوڌري، رفيق تارڙ ۽ ممنون حسين جھڙا قابو ڪوٽن ۾ صدر وڻندا آهن. حقيقت ۾ صدر عارف علوي ته روايتي صدر مملڪت واري خاموشيءَ کي ٽوڙي ھڪ وڏو آئيني فرض پورو ڪيو آهي جنهن کي ڌڪارڻ ئي اصل ۾ آئين جي خلاف ورزي آهي. ھو عوام کي سندن ووٽ جو بنيادي حق ڏيارڻ لاءِ جيڪي به فيصلا ڪري رهيو آهي، انهن سان تيرھن جماعتي اتحاد جي سرڪار کي ته خطرو ٿي سگهي ٿو پر عوام جي راءِ دھي واري حق کي چٿڻ ۽ چيڀاٽڻ کان بچائي ھو ھڪ اھڙو ڀلو مثال قائم ڪري پيو جيڪو پاڪستان جي پنجھتر سالن واري تاريخ ۾ ڪنھن به ووٽن ذريعي چونڊيل صدر نه ڪيو آهي. منهنجي راءِ سان سھمت ٿيڻ ضروري ناھي پر آئون صدر عارف علوي جي ھمت ۽ وقت سر فيصلو ڪرڻ واري جذبي کي ساراهيندو رھندس. ھن ملڪ ۾ جھڙي لولي لنگڙي جمهوريت آهي، ان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪرائڻ ضروري آهي يا اليڪشن کان لنوائڻ؟ اھو اوھان پاڻ سوچي سمجھي سگھو ٿا.