ڪلاسيڪي مارڪسزم جي رياست بابت اوزاري Instrumentalist)) تصور کي پاڻ مارڪسي فڪر اندر چئلينج ڪندڙ مفڪر انٽونيو گرامچي هو. ڪلاسيڪي مارڪسزم ۾ رياست رڳو جبر جو اوزار هئي. يعني حڪمران طبقو رڳو جبر وسيلي ئي پنهنجي حاڪميت قائم رکندو آهي. جيتوڻيڪ مارڪس، اينگلز ۽ بعد ۾ لينن تسيلم ڪيو ته معاشي استحصال سرمائيداري جي هلندڙ چرخي پويان واحد محرڪ ڪونهي. طبقاتي لاڳاپن جي نئين سر پيداوار ۽ ان جي عمل ۾ موجود تضادن کي لڪائڻ ۾ حڪمران طبقي جي خيالن ۽ قدرن جو به ڪردار هوندو آهي. بقول اينگلز جي ته “غلط شعور” ذريعي مزدور طبقو پنهنجي ظلم کي قبول ڪري ٿو. جيئن لينن به چئي ٿو ته بورجوا نظرئي جي طاقت اها آهي جو مزدور طبقو رڳو ٽريڊ يونيني شعور ئي حاصل ڪري سگهي ٿو، ٽريڊ يونين جي شعور جي غلبي سبب مزدور طبقو سرمائيداريءَ جي دائري اندر رهندي پنهنجين مادي حالتن ۾ سڌارا آڻي ٿو، تنهنڪري اهو ضروري آهي ته تاريخي شعور سان هٿياربند پيشيور انقلابين جي وينگارڊ پارٽي مزدورن جي مهنداري ڪري، انقلاب ذريعي سرمائيداراڻي حاڪميت جو خاتمو آڻي. پر ان تصور جي سرشتيوار تشڪيل بهرحال گرامچي ئي ڏني.
گرامچيءَ جي نظر ۾ سرمائيداراڻي رياست ٻن تهن جي ٺهيل آهي، جنهن مان هڪ کي هو سياسي سماج Political Society (جيڪا قوت وسيلي حڪمراني ڪري ٿي) ۽ ٻي کي هو شهري سماج Civil Society (جيڪا رضامنديءَ ذريعي بالادستي قائم ڪري ٿي.) سڏي ٿو. انهن ٻنهيءَ جي هيڪڙائي سالم رياست (Integral State) آهي. سول سوسائٽيءَ جو اهو تصور موجوده سول سوسائٽيءَ جي ان انجمني تصور کان بنهه مختلف آهي، جيڪو سول سوسائٽيءَ جي رضاڪاراڻين تنظيمن ۽ اين جي اوز وغيره جي هڪ سيڪٽر طور وضاحت ڪري ٿو.
گرامچيءَ جي نظرياتي اسڪيم موجب سول سوسائٽي هڪ اهڙو عوامي دائرو آهي جتي ٽريڊ يونينون، سياسي پارٽيون بورجوا رياست کان رعايتون حاصل ڪن ٿيون، ۽ اهو دائرو جنهن ۾ خيالن ۽ عقيدن جي صورتگري ٿئي ٿي، جتي بورجوا بالادستي ميڊيا، يونيورسٽين ۽ مذهبي ادارن ذريعي ثقافتي زندگيءَ ۾ نئين سر پيدا ٿئي ٿي، جنهن سان حڪمران طبقو پنهنجي لاءِ رضامندي ۽ قانوني حيثيت جي جوڙجڪ ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي ته هن سرمائيداريءَ جي خاتمي لاءِ ٿيندڙ سڌي انقلابي جدوجهد، جنهن کي هو “وار آف مينيور” چئي ٿو، جي محدود امڪانن کان خبردار ڪيو. گرامچيءَ موجب اها وار آف مينيور تڏهن ڪامياب ٿيندي، جڏهن ان کان اڳ “وار آف پوزيشن” ۾ حڪمران طبقي لاءِ عوام منجهه موجود رضامندي ختم ڪئي وڃي. ان وار آف پوزيشن ۾ حڪمران طبقي جي خيالن ۽ عقيدن خلاف جدوجهه ڪئي وڃي ٿي، ته جيئن نئون غلبو/مهنداري (Hegemony) قائم ڪري سگهجي. جنهن کي هو رد-بالادستي (Counter-hegemony) چئي ٿو. اڳتي هلي يورپ ۾ رد-بالادستيءَ لاءِ ٿيندڙ جدوجهد جي ان تصور، جيڪو حڪمران طبقي جي مروج، تسليم ٿيل ۽ قانوني حيثيت رکندڙ نظرئي جي متبادل طور اڳيان آيو، کي سماجي ۽ سياسي تحريڪن ۾ وڏي موٽ ملڻ لڳي. ان سان ان خيال کي به هٿي ملي ته “ڄاڻ” سماجي تشڪيل (Social Construct) آهي جيڪا سماجي ڍانچن کي جائز ٺهرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. اهڙي نموني طاقت/اقتدار جبر بدران راضپي وسيلي اظهارجندڙ خيالن ۽ ڄاڻ جي دائري ۾ متعين ٿين ٿا.
پر ڇا گرامچي پهريون مفڪر هو جنهن اهو خيال پيش ڪيو ته حڪمران طبقو رڳو جبر نه پر رضامنديءَ وسيلي پيڙيل ۽ ڏتڙيل طبقن تي پنهنجي بالادستي برقرار رکندو آهي؟ بلڪل به نه! گرامچيءَ کان اڳ ۾ جنهن اهو تصور پيش ڪيو، اهو فرينچ مفڪر بوئٽي هو. ايٽيني دي لا بوئٽي سورهين صديءَ ۾ پنهنجي هڪ مضمون رضاڪاراڻي غلاميءَ بابت ڳالهه ٻولهه (The Discourse on Voluntary Servitude) ۾ ان مسئلي کي بحث هيٺ آندو آهي. بوئٽي چئي ٿو ته سڀ سرڪارون/حڪومتون جن ۾ جابر حڪومتون به اچي وڃن ٿيون، ان ڪري ڊگهي مدي تائين پنهنجي حاڪميت برقرار رکي سگهن ٿيون جو کين عوامي حمايت حاصل هوندي آهي. جيڪي حڪمراني ڪن ٿا، اهي جيتوڻيڪ حڪمرانيءَ هيٺ رهندڙ ماڻهن کان انگ ۾ گهٽ آهن پر حڪومتن جي قبضي هيٺ آيل اڪثريتي عوام جيڪو افرادي قوت ۽ وسيلن جي لڳاتار فراهمي ڪندو رهي ٿو، جيڪڏهن هڪ ڏينهن اهو عوام فرمانبرداريءَ کان انڪار ڪري ڇڏي ته مٿن ظلم ڪندڙ اگهاڙا ۽ برباد ٿي ويندا ۽ اهي ڪجهه به نه رهندا، بلڪل ايئن جيئن وڻ جي پاڙن کي غذا نه ملڻ جي ڪري ان جون ٽاريون ڳري سڙي ختم ٿي وينديون آهن، اهي حڪومتون به ڪجهه نه رهنديون. تنهنڪري عوام پاران پنهنجي پاڻ کي ظالم ترين حڪومتن حوالي ڪرڻ وارو عمل به هميشه رضاڪاراڻي غلامي ئي هوندي آهي. جيڪا عوامي رضامندي تي ٻڌل هوندي آهي. بوئٽي چئي ٿو: “ظاهر آهي ته هڪ جابر جي خاتمي لاءِ ويڙهه ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته هو پاڻهي هارائي وڃي جيڪڏهن عوام پنهنجي غلاميءَ تي راضي ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏي.”
اڪثر جانور پنهنجي آزاد هئڻ جي فطري جبلت کي ظاهر ڪندا آهن. جڏهن هڪ جانور کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته هو ڊپ ۾ ٽاهه کائي ٿو يا ردعمل ۾ سخت مزاحمت ڪري ٿو. جڏهن ان کان ان جي فطري عادت کسي وڃي ٿي ۽ ان کي واڙيو وڃي ٿو ته ان جي پيدائشي قوت ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿي ۽ ان جي جاءِ سستي ۽ ماتحتي والاري وٺي ٿي. نسلن کي پالتو بڻائڻ وارو عمل عام طور جانورن جي گهمڻ ۽ آزاد رهڻ واري جبلت جي خاتمي لاءِ اڻڳڻين نسلن جي منتخب افزائش جو گهرجائو هوندو آهي. لا بوئٽي چئي ٿو ته انسان ۾ هي آزاد رهڻ جي جبلت خاص ڪري چٽي آهي. تڏهن به، ڪيترن ئي سماجي محرڪن وقت گذرڻ سان گڏ ان فطري جبلت کي ڪمزور ڪري ان نقطي تي پهچائي ڇڏيو آهي جو هاڻي اهو آزاديءَ سان اصل پيار گهڻو فطري نٿو لڳي. بوئٽي موجب ان مان هڪ محرڪ طاقتور رسمن ۽ رواجن جو اثر رسوخ به آهي يا ٻين لفظن ۾، اسان جو انهن سماجي ۽ سياسي حالتن جو عادي ٿيڻ جو لاڙو، جن ۾ اسان جنم وٺون ٿا. جيئن هڪ قيد ۾ واڙيل جانور کي آزادي جي غيرموجودگيءَ جي ڪا به خبر ناهي هوندي ان ڪري ئي هو پنهنجي زنجيرن خلاف مزاحمت نٿو ڪري، اهو انهن لاءِ پڻ آهي جيڪي رياستي غلاميءَ ۾ جنم وٺن ٿا، هو ان ڄاڻ کان وانجها آهن ته آزاد رهڻ جي معنيٰ ڇا هوندي آهي ۽ ان ڪري پنهنجي غلاميءَ کي ايئن قبول ڪن ٿا ڄڻ اها فطري هجي. جڏهن ڪي پنهنجي تشڪيلي سالن دوران پنهنجي چوڌاري رهندڙن جو مشاهدو ڪن ٿا، جيڪي مٿن ظلم ڪندڙ خلاف مزاحمت نه ٿا ڪن، انهن کي قبول ڪن ٿا، ايتري قدر جو انهن جي پوڄا ڪن ٿا، رسمن ۽ رواجن جو اثر آزاديءَ جي فطري جبلت کي بي اثر ڪري ڇڏي ٿو ۽ غلامي عادت بڻجي وڃي ٿي. بوئٽي لکي ٿو:
“اهو سچ آهي ته شروعات ۾ ماڻهن جبر ۽ طاقت جي بنياد تي غلامي قبول ڪئي، پر اهي جيڪي انهن کان پوءِ آيا، بغير ڪنهن پڇتاءُ جي اطاعت قبول ڪئي، ان کي خوشيءَ سان ادا ڪيو، جيڪي سندن پيشرو ڪري ويا هئا. ان ڪري ئي ماڻهو غلاميءَ ۾ ڄائو ۽ ان ۾ ئي سندس واڌ ويجهه ٿي ۽ وڏو ٿي بغير ڪنهن مٿاڪٽ جي ان کي پنهنجين انهن اباڻين حالتن ۾ ئي جيئڻو پيو، جيڪو پنهنجي ٻي ڪنهن به حالت يا حق کان اڻڄاڻ آهي، ۽ انهن حالتن کي بنهه فطري سمجهي ٿو جن ۾ هنن جنم ورتو.”
پر رسم رواج ماڻهن جي رضاڪاراڻي غلاميءَ جو اڪيلو بنيادي محرڪ ڪونهي. جيئن ته حڪمران طبقن کي اها وڏي وقت کان خبر آهي ته طاقت يا اقتدار کي برقرار رکڻ لاءِ رضامنديءَ کي انجنيئر ڪرڻ ضروري هوندو آهي، بوئٽي چئي ٿو: “ناٽڪ، مزاح، گليڊيئيٽر، ميڊل، تصويرون ۽ اهڙيون ٻيون شيون: آڳاٽن ماڻهن جي غلامي، آزاديءَ جي قيمت ۽ جبر جو اوزار هيون.” جڏهن ته جديد دور ۾ جبر جا اهي اوزار شڪل ۾ ته کڻي مٽيل آهن پر انهن جو ڳر ساڳو آهي. آڳاٽن جابرن پاران رضامنديءَ کي انجنيئر ڪرڻ جو هڪ ٻيو طريقو ساڳو اڄوڪي “فلاحي” رياست جهڙو به هو. بوئٽي چئي ٿو سال جي مخصوص ڏهاڙن تي حڪمران طبقا ماني، وائين، ۽ ٿورڙا ڏوڪڙ عوام ۾ ورهائيندا هئا، ان جي مطمئن ٿيڻ کان پوءِ عوام “بادشاهه زنده باد” جا نعرا هڻڻ لڳندا هئا. اڄ به حڪمران طبقا اهڙا طريقا اختيار ڪندا رهن ٿا، ڪڏهن احساس پروگرام ته ڪڏهن انڪم سپورٽ پروگرام جي شڪل ۾. اهڙن قدمن سان حڪمران طبقا پنهنجي لاءِ عوام ۾ رضامندي پيدا ڪندا رهن ٿا. بوئٽي چئي ٿو: بيوقوف اهو محسوس نه ڪيو ته هو پنهنجي ئي ملڪيت مان ڪجهه حصو اوڳاڙي رهيا آهن. (مثال طور احساس پروگرام يا انڪم سپورٽ پروگرام جي شڪل ۾ حڪمران طبقو جيڪي ڏوڪڙ ورهائي “سخاوت” جو مظاهرو ڪري ٿو، اهي به دراصل عوام جا ئي پئسا آهن جيڪي عوام کي خيرات جي شڪل ۾ ڏئي حڪمران عوام ۾ پنهنجي لاءِ حمايت ۽ رضامندي پيدا ڪن ٿا.) پر اهي خيراتي عمل وغيره ئي جبر جا اوزار ناهن. ڏندڪٿائون، ڌرمي رسمون، پرستش، طاقت ۽ اقتدار جي علامت بڻجندڙ عمارتن جي تعمير اهي سڀ عوام تي حڪمرانيءِ جا ٽول آهن.