ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شوگر ڪيڏي وڏي مصيبت آهي!

Editorial-Article-Wastullah Khan


هي ٻه ڏهاڪا اڳ جو قصو آهي، بي بي سي بش هائوس ريسٽورنٽ ۾ هڪ مهمان ڊاڪٽر اوچتو پڇيو ته توهان روز ڪيترا ڪوپ چانهه پيو ٿا. مون چيو شايد 7-8 ۽ کنڊ في ڪوپ گهڻي استعمال ڪريو ٿا؟ مون چيو ٻه چمچا. ڊاڪٽر کنڊ داڻي مان 16 چمچا کنڊ ڪڍي ساسر ۾ هڪ ننڍڙو مٺو دڙو ٺاهيندي چيو ته هي آهي اهو زهر جيڪو اوهين روز جسم ۾ بنا ضرورت جي اوتيو پيا، ۽ واڪ ڪيتري ڪندا آهيو؟ مون چيو وقت ئي نٿو ملي، ڪڏهن صبح واري شفٽ هوندي آهي ته ڪڏهن رات واري. وڌ کان وڌ آفيس کان ٽيوب اسٽيشن ۽ اتان کان 4-5 سئو گز پري گهر تائين.
ڊاڪٽر صاحب فرمايو ته گهٽ ۾ گهٽ 30 منٽ واڪ تي 24 ڪلاڪن مان ڪنهن به هڪ وقت ٿي سگهي. اسين ماڻهو پاڻ کي مصروفيت جي دوکي ۾ رکي، سوا پاڻ تي اڌ ڪلاڪ خرچ ڪرڻ جي، باقي هر اهم ۽ غير اهم ڪم ڪندا آهيون. پاڻ کي ايئن دوکو ڏيندا رهيا ته جسم هڪ ڀيرو اوچتو جواب ڏئي ويندو.
ٻي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن توهان کي روز 16 چمچا کنڊ وجهڻي آهي ته پو لاڳيتو ويهڻ واري نوڪري اوهان لا مناسب ڪانهي. پو توهان جسماني پورهيو ڪريو ته جيئن جسم اها کنڊ هضم ڪري سگهي. جنهن کي انهي جي بلڪل به ضرورت ڪانهي. جيڪي ڀاڄيون ۽ فروٽ ايستائين جو ماني کائو ٿا انهن ۾ به قدرتي کنڊ ايتري هوندي آهي جو جسم جي کنڊ جي بنيادي ضرورت پاڻهي پوري ٿي ويندي آهي. جسم کي الڳ سان هٿرادو کنڊ ۽ مٺايون کارائڻ ايئن آهي جيئن ڪنهن مهمان جو پيٽ ڀريل هجي، پو به توهان انهي جي وات ۾ گرهه ٺوسيندا هجو. ظاهر آهي يا ته هن کي الٽي اچي ويندي يا وري ميزبان کان نفرت ٿي ويندي. تنهنڪري جسم سان ايترو ئي پيار ڪريو جيتري ضرورت آهي، نه ته هاڻي ايتري قدر به نه چاهيو جو دم نڪري وڃي وارو ڪم ٿي سگهي ٿو. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن هاڻ منهنجي زبان ڦڪي چانهه جي هيراڪ ٿي وئي آهي، مٺي چانهه ٻه ڍڪ به برداشت نه ٿي ٿئي ۽ جسم ڪڏهن به وري اها شڪايت ناهي ڪئي ته هي مون سان ڇا پيو ٿئي.
هونئن به چون ٿا ته لائيف اسٽائيل تبديل ڪرڻ ۾ هڪ مهينو يا عادت بدلائڻ لا گهٽ ۾ گهٽ 3 مهينا گهربل آهن. ٻه ڏهاڪا اڳ مون کنڊ ڇڏي ڏني پر شوگر جي خوف کان نه بلڪه طبعي منطق سبب قائل ٿيس. اڄ 60 سالن جي ڄمار ۾ به هيستائين خدا شوگر کان بچائي رکيو آهي، پر ڪيستائين آئون نٿو ڄاڻان. روزمره جون پريشانيون منهنجي حصي ۾ ايتريون ئي آهن، جيڪي ڪنهن ٻئي انسان کي هونديون آهن، پر انهن پريشانين کي شوگر جو هڪ وڏو سبب ٿيڻ کان اڳ ئي 40 منٽ جي پنڌ سان ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ڊاڪٽر اهو به چون ٿا ته لاڳيتي ذهني دٻا ۽ ننڊ جي اٿل پٿل به توهان جي لبلبي تي اثر انداز ٿئي ٿي ۽ پو جڏهن هڪ ڏينهن اوهان تي حقيقت کلي ٿي ته پهرين گار اوهين ڊاڪٽر کي ڏيو ٿا ته کنڊ مون استعمال نٿي ڪئي پو شوگر ڪيئن ٿي. تنهنڪري منا ڀائي ايم بي بي ايس جو اهو فارمولو خراب نه آهي “ٽينشن ليني ڪا نئين ديني ڪا”.
2003ع جي آمريڪا – عراق جنگ دوران ڏيڍ مهينو قاهره ۾ گذاريم. هي شهر نه رات جو سمهي ٿو نه ڏينهن جو، شام ٿيندي ئي فجر تائين پراڻي قاهره جون هوٽلون ڀريل رهن ٿيون ۽ قهوي مٿان قهوو هلندو رهندو آهي. مصري چون ٿا ته اهو قهوو ئي ڪهڙو جنهن ۾ ايتري کنڊ نه هجي جو چمچو ان ۾ بيهي سگهي. نتيجو اهو آهي جو شوگر مصر جي قومي بيماري قرار ڏني وئي آهي. 35 سيڪڙو آبادي ان ۾ ورتل آهي ۽ ڪروڙين روپين جي کنڊ اربين روپين جو علاج ڪرائي رهي آهي. رڳو مصري ڇا جيڪڏهن سڄي اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر کي ڏٺو وڃي ته هر ڇهون ماڻهو شوگر جو شڪار آهي.
ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته هر سال وانگر هن ڀيري به 12 نومبر تي شوگر جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان موقعي تي عالمي ڊائيبيٽڪ فيڊريشن (آ ڊي ايف) جي تازي رپورٽ موجب دنيا ۾ هر ڏهون ماڻهو شوگر ۾ ورتل آهي. اهو انگ 2019ع جي ڀيٽ ۾ 19 سيڪڙو وڌيو آهي. ان مان 140 ملين چين ۾، 74 ملين ڀارت ۽ 33 ملين پاڪستان ۾. يعني شوگر جي عالمي رينڪنگ ۾ پاڪستان ٽئين نمبر تي آهي. اضافي طور 11 ملين پاڪستاني امپريٽيڊ گلوڪوز ٽالرينس (آ جي ٽي) جو شڪار آهن. مطلب اهو آهي ته اهي ڪنهن وقت به ٽائيپ-2 شوگر ۾ وٺجي وڃڻ لا بلڪل تيار آهن.
هڪ چوٿائي کان وڌيڪ ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته اهي شوگر ۾ ورتل آهن. اهڙا مريض جيڪي علاج وچ ۾ ڇڏيو ڏين اهي دل جي عارضي، گڙدن جي ناڪاره ٿيڻ، نظر گهٽجڻ ۽ پير يا ٽنگ ڪٽجڻ جي خطرن لا عام ٿي چڪا آهن. هنن حالتن ۾ گهر ڀاتين لا مريض جي طبعي سار سنڀال، مالياتي ۽ جذباتي قيمت ڪيتري قدر آهي، اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي.
هر سال پاڪستان ۾ 4 لک ماڻهو شوگر جي ڪري مريو وڃن. هر چوٿون پاڪستاني ان ۾ ورتل آهي يا وٺجڻ چاهي ٿو. يعني 2019ع کان وٺي هيستائين شوگر جي شڪار مريضن جي ڪاٿي ۾ 70 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. انهن مان چاليهه سيڪڙو اهو به نٿا ڄاڻن ته اهي ورتل آهن. ڇاڪاڻ ته نه ته طبعي سهولتون ڪافي آهن ۽ جتي آهن اتي به هر ماڻهو پنهنجو ويڄ پاڻ بڻجي شوگر کان به وڌيڪ خطرناڪ مرض يعني پنهنجي چڪاس ۾ ورتل آهي. هي افلاطون تڏهن ئي طبعي معائني تي راضي ٿئي ٿو، جڏهن جسم پادرن سان مارڻ شروع ڪري ٿو. هن سال انسولين جي دريافت جي صدي مڪمل ٿي وئي آهي، پر سو سالن کانپو شوگر ۾ ورتل ماڻهو انسولين تائين رسائي ڪانهي يا اهو ان کي خريدڻ کان عاري آهي. شوگر جي مريضن جي 90 سيڪڙو عالمي آبادي ٽائيپ-2 شوگر ۾ ورتل آهي. انهي جا اهم سبب غربت، مسئلن ۾ جڪڙيل هجن، جسماني ورزش جي اهميت نه ڄاڻڻ، ٿولهه ۽ پيٽ جو نڪري اچڻ ٻڌايو وڃي ٿو. شوگر جي ترت چڪاس ٿي سگهي ته انهي کي پسپا ڪري سگهجي ٿو يا ذيلي اثرن کي گهٽ کان گهٽ سطح تي رکي سگهجي ٿو.
2021ع ۾ شوگر سان جڪڙيل مسئلن جي علاج معالجي جو عالمي خرچ 966 ارب ڊالر تائين پهتو آهي، يعني گذريل 15 سالن ۾ انهن خرچن ۾ 316 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. اسان جو ڌيان گذريل ٻن سالن کان ڪووڊ سبب مرندڙ ماڻهن تي آهي، پر ان حقيقت کي وڌيڪ اهميت نٿي ڏني وڃي ته 2021ع ۾ آڪٽوبر تائين 67 لک ماڻهو شوگر يا ان سبب ٿيندڙ جسماني مونجهارن سبب مري ويا آهن. ڇا هاڻي به ڪو اها ماجرا پڙهي چوندو “سڀ کان پهرين اوهان کي گهبرائڻو ناهي.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button