پنهنجي سڀ کان وڏي مخالف جي وڌندڙ پاپولرٽيءَ مان پريشان حڪمران حماقتن جا نوان رڪارڊ ٺاهڻ وارا فيصلا ڪري رهيا آهن. اهڙن فيصلن جو تازو مثال غريبن جي لاءِ پيٽرول 50 روپيا في لٽر سستو ڪرڻ جو فيصلو آهي. دنيا جي تاريخ گواهي ڏئي ٿي ته جڏهن به اميرن جي دل ۾ غريبن جي لاءِ ديا آئي آهي ته انهن انصاف بدران صرف ۽ صرف تماشا ڪيا آهن ۽ اهي تماشا هاڻي اسان کي پوري ملڪ جي پيٽرول پمپن تي ڏسڻ ۾ ايندا. ڇو ته هڪ پيٽرول پمپ تي ٻن اگهن وارو سسٽم جيڪا بدنظمي ۽ جيڪا گاڏين جي قطارن جي نمائش پيش ڪندو، ان سان هيءَ حڪومت مقبول ٿيڻ بدران وڌيڪ خوار ٿيندي. ڇو ته ان قسم جو فيصلو آسانيءَ سان عمل ۾ نه ايندو.
حڪومت کي معلوم هجڻ گهرجي ته غريبن جي لاءِ 50 روپيا رعايتي پيٽرول جو وڪرو چور بازاريءَ ۽ ڪرپشن جا نوان درواز کوليندو. سرڪار کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته هوءَ جنهن شيءَ جي ذريعي سياسي شهرت ۽ عوامي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اها شيءَ حفاظت جي حوالي سان تمام گهڻي خطرناڪ آهي. جيڪڏهن زخيرا اندوزيءَ جي هيراڪ ماڻهن کي پيٽرول جهڙي نهايت حساس شيءَ کي حفاظتي اپاءَ پورا ڪرڻ کان سواءِ ڪٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جا نتيجا ڪنهن به وڏي حادثي جي صورت ۾ نڪري سگهن ٿا. حڪومت کي ان سلسلي ۾ سمجهڻ گهرجي ته هوءَ عوام جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ ڀڙڪندڙ باهه کي ماٺو ڪرڻ لاءِ باهه سان کيڏڻ جو فيصلو ڪري رهي آهي. اهڙا فيصلا صرف ۽ صرف اهڙا حڪمران ڪندا آهن، جن کي عوامي زندگيءَ جون گوناگون گهرائيون معلوم نه هونديون آهن. جن ڪڏهن عوامي زندگيءَ جو تر جيترو تجربو به حاصل نه ڪيو هوندو آهي. انهن کي معلوم نه هوندو آهي ته غريب ماڻهو ڪيئن جيئندا آهن؟
فرانس جي راڻي ميري اينٽوني پنهنجي مزاج ۾ تمام گهڻي خرچائو ۽ پئسي کي پاڻيءَ وانگر وهائڻ جي هيراڪ هئي. هوءَ پنهنجي کاڌي پيتي ۽ پنهنجي لٽي ڪپڙي ۽ هارسينگار ۾ ايتري ته عياش هئي جو هن جي خرچن جا قصا خلق ۾ سرعام بيان ڪيا ويا ويندا هئا ۽ اهي به ان خلق ۾ جنهن خلق ۾ بدحالي ۽ بک هئي. جنهن خلق کان وسري ئي ويو هو ته خوشي ڪهڙي پکيءَ جو نالو آهي. اوهان تصور به ڪري سگهو ٿا ته رومانس ۽ خوشبو جي ماڳ وارن ماڻهن جي ڪڏهن اها حالت هئي. انقلاب فرانس جي پويان تمام گهڻي عوامي پيڙا هئي. اها ايتري ته شديد هئي جنهن جو اندازو ڪرڻ آسان نه آهي. ان لاءِ اسان کي اهي ناول ۽ اهي افسانا ۽ اهي ناٽڪ پڙهڻ گهرجن، جن ۾ فرينچ ليکڪن پنهنجي دور جي درد کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڇو ته عوام جي اذيت کي بيان ڪرڻ ڪنهن مورخ جي وس جو ڪم ڪونهي. هڪ طرف ماڻهو مانيءَ جي ڳڀي لاءِ حيران ۽ پريشان هئا ته ٻي طرف شاهي خاندان پنهنجي لاءِ نوان محل تعمير ڪري رهيو هو. بک ۽ ڏک جي اهڙي موڙ تي عوام جو بيقرار ٿيڻ ۽ پنهنجي جياپي لاءِ آواز اٿارڻ هڪ فطري عمل هو. اهوئي سبب هو ته ان وقت جي پيرس ۾ هر طرف عوامي نعرن جي گونج هئي ۽ محفوظ محلن ۾ موجود شاهي خاندان پنهنجي مٿين فلور جي بالڪونيءَ ۾ بيهي ماڻهن جي ميڙن تي نفرت آميز نظر ڦيريندا هئا. انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته فرانس جي راڻيءَ پنهنجي محل جي ملازمن کان پڇا ڪئي ته ماڻهو ٻاهر ڇا لاءِ شور ڪري رهيا آهن؟ ملازمن پنهنجو ڪنڌ نوائي راڻيءَ کي ٻڌايو ته مادام! ماڻهو بکايل آهن. انهن کي کائڻ جي لاءِ ڊبل روٽي نه ٿي ملي. اهڙو جواب ٻڌي راڻيءَ منهن ۾ گهنج وجهي وراڻيو ته عوام بي عقل آهي. جيڪڏهن انهن کي ڊبل روٽي نه ٿي ملي ته هو ڪيڪ ڇو نه ٿا کائن؟ فرينچ انقلاب جي عالمن جو موقف آهي ته راڻيءَ جي اها راءِ به انهن ڪجهه تيلين مان هڪ هئي، جن جي ڪري فرانس ۾ عوامي بغاوت جي باهه جا ڀنڀٽ ٻريا هئا.
پاڪستان هن وقت پنهنجي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ پيڙا ڀري دور مان گذري رهيو آهي ۽ هن وقت اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جيڪي اتهاس ۾ اڳ ڪڏهن به نه ڏٺا ويا هئا. هن وقت مهانگائي ۽ غربت صرف ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وارا موضوع نه رهيا آهن پر اهي اسان جي زندگين کي هر طرح سان متاثر ڪن ٿا. مهانگائيءَ جو سمورو ملبو هن حڪومت جي مٿان وجهڻ به درست نه ٿيندو پر پاڪستان تمام گهڻي وقت کان وٺي معاشي زوال جي رستي جو مسافر رهيو آهي. ان غربت ۽ مهانگائيءَ جا ڪيترا ئي سبب آهن پر انهن سببن ۾ هڪ وڏو سبب پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام به رهيو آهي. جيڪڏهن عمران خان کي ڏيڍ ٻه سال پورا ڪرڻ ڏنا وڃن ها ته هن مهل ملڪ جو منظر اهڙو نه هجي ها، جهڙو هن وقت نظر اچي رهيو آهي. عمران خان جي سياسي شهرت گهٽجي رهي هئي. پر اها به حقيقت آهي ته عمران خان جي حڪومت کي معاشي نظام سمجهه ۾ اچي رهيو هو ۽ هو پنهنجي مخصوص سسٽم ۾ رهندي اهڙا فيصلا ڪري رهي هئي، جنهن سان مهانگائي ۾ اوچتي اڇل نه ٿي آئي. عمران خان کي حڪومت مان ڪڍڻ جن کي بوتل مان ڪڍڻ جي برابر ثابت ٿيو آهي. هڪ طرح جي پينڊورا باڪس کلي وئي ۽ جنهن مان ڪيتريون نحوستون نڪري رهيون آهن ۽ انهن منحوس شين ۾ سڀ کان وڌيڪ منحوس شيءَ مهانگائي آهي. اها جنهن جي ڪري ملڪ ۾ شديدترين مايوسي جو منظر گهاٽو ٿيندو پيو وڃي.
شهباز شريف جي حڪومت کي عوام سان ڪا به همدردي ناهي پر جيئن ته هڪ طرف انهن جو سڀ کان وڏو مخالف عمران خان پنجاب ۾ مقبول ٿي رهيو آهي ۽ ٻي طرف چونڊون ويجهو اچي رهيون آهن ۽ مسلم ليگ ن جي پيشانيءَ تي پريشانيءَ جو پگهر پري کان پڌرو بڻجي نظر اچي رهيو آهي. اهڙي ماحول ۾ امير حڪمرانن غريبن مان غصو گهٽائڻ جي لاءِ جيڪا اقتصادي اٽڪل ايجاد ڪئي آهي، ان جو حڪومت کي فائدي بدران وڌيڪ نقصان پوندو. ڇو ته اها عوام جي حصي ۾ آيل عذاب کي گهٽائڻ جي سلسلي ۾ ڪو به ڪردار ادا ڪرڻ جو اعزاز حاصل نه ڪري سگهندي. ان سان پاڪستان جي غربت ۽ پسماندگيءَ جو هڪ عالمي تماشو وجود ۾ ايندو. وڏي ڳالهه ته اها شيءَ اهڙي طرح سان عمل ۾ نه ايندي جو ان سان عوام کي رليف ملي سگهي.
حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته جڏهن به ڪنهن نئين پاليسيءَ کي عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪبو آهي ته سڀ کان اڳ ۾ ان جي عمل جوڳو هجڻ جو پهلو ڏسبو آهي. پاڪستان جا حڪمران ڪڏهن پاڻ پيٽرول پمپ ويا هجن ته انهن کي پتو هجي. انهن ڪڏهن قطارن ۾ بيهي انتظار ڪيو هجي ته انهن کي معلوم ٿي سگهي ته عملي طور تي هڪ هٽ تي هڪ شيءَ ٻن اگهن ۾ وڪڻڻ ڪيترو نه ڪٺن هوندو آهي؟ ڇا حڪومت غريبن جا پيٽرول پمپ الڳ ڪندي؟ ڇا حڪومت سستي ۽ مهانگي پيٽرول جي وڪري جا وقت مختلف مقرر ڪندي؟ حڪومت اهڙو ڇا ڪندي جنهن سان پيٽرول جهڙي حساس شيءَ جي هار وير نه ٿيڻ جو جوڳو انتظام ٿي سگهي؟ حڪومت کي معلوم هجڻ گهرجي ته ان قسم جي پاليسي هڪ ته ايڊوينچر آهي ۽ ٻيو ته ان سان عوام جي زندگيءَ آسان نه ٿي سگهندي ۽ ٽيون ته اهو قدم کڻي حڪومت عوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن به طور تي ڪامياب ٿي نه سگهندي.
پيٽرول جي قيمت جو اثر مجموعي طور تي پوري مارڪيٽ تي پوندو آهي. پر انسان جون اصل ضرورتون ٻيون آهن. انسان کي سڀ کان اڳ ۾ پيٽ ڀرڻ جو فڪر هوندو آهي. پيٽ ڀرڻ کان پو هن کي انگ ڍڪڻ جي پريشاني وڪوڙي ويندي آهي. انگ ڍڪڻ کان بعد ۾ هو اجهي جي لاءِ هٿ پير هڻندو آهي. ڇا حڪومت کي ايترو هوش به ناهي جو اها عوام جي بيحد بنيادي ضرورتن ۾ ان جي مدد جو ڪوئي بندوبست ڪري سگهي؟ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ رمضان جو مهينو اچي ويندو ۽ رمضان ۾ پاڪستان جو مارڪيٽ تمام گهڻو گرم ٿي ويندو آهي. ڇا حڪومت عوام کي رمضان پيڪيج ۾ ننڍين گاڏين، رڪشائن ۽ موٽر سائيڪلن ۾ 50 روپيا ليٽر جو فائدو ڏئي، پنهنجو فرض پورو ڪندي؟
حڪومت کي ان سلسلي ۾ جيڪڏهن فوڪس ڪرڻو آهي ته هن کي پنهنجا اهي يوٽيلٽي اسٽور متحرڪ ڪرڻ گهرجن، جتي عوام کي رليف حاصل ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن عوام کي صرف اٽو، چانور، آئل ۽ پتي مناسب اگهه تي ملي پوي ته اهو هڪ تمام وڏو انقلاب هوندو. پر يوٽيلٽي اسٽورن جو عوام جي مٿان پيل عذاب گهٽائڻ ۾ ڪو به ڪردار ڪونهي. يوٽيلٽي اسٽور حڪومت جا پاليل هاٿي بڻجي ويا آهن. انهن جو فائدو ڪجهه به ڪونهي پر ان تي تمام گهڻي رقم خرچ ٿي رهي آهي. عوام جو اصل مسئلو پيٽ آهي. اهو پيٽ جڏهن خالي هوندو آهي تڏهن هر خوشي بي معنيٰ بڻجي ويندي آهي. جيڪڏهن سرڪار ڪجهه ڪرڻ ۾سنجيده آهي ته هن کي کاڌي پيتي جي شين ۾ رليف ڏيڻ جو ڪو موثر ۽ قابل عمل ميڪينزم ٺاهڻو پوندو. ڇو ته ان کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو اهڙو ناهي، جنهن سان ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ همدردي جو جذبو پيدا ڪري سگهجي ٿو.
فرانس جي جڳ مشهور اڳواڻ نپولين بونا پارٽ چيو آهي ته بکيو عوام سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي. اها بک آهي، جنهن انسان جي ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اها بک آهي، جنهن دنيا ۾ انقلابن کي جنم ڏنو آهي. اها بک آهي، جنهن نه صرف جاگرافي پر تاريخ جون ڌارائون تبديل ڪيون آهن. بک بڇڙي بلا آهي. اها بلا عوام کي وڪوڙي وئي آهي ۽ عوام کي ان عذاب مان آجو ڪرڻ بدران هي حڪمران صرف اٽڪلن سان عوامي حمايت حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. عوام کي اٽڪلن سان ڦاسائڻ واري روش تاريخ ۾ سدائين ناڪام ٿي آهي. هن ڀيري به ميان شهباز شريف جو اهو تجربو جنهن دلخراش تماشي کي جنم ڏيندو، ان کي اسان سڀني جون ارهيون اکيون تمام جلد ڏسنديون. سرڪاري سخاوت جو اهو فيصلو حڪومت جي سياسي خواريءَ جو هڪ نئون باب رقم ڪندو.