ماڻھن جي ڀلائيءَ لاءِ ھونئن ته کوڙ اھم ڳالهيون آھن پر ھتي گهٽ ۾ گهٽ پنجن ڳالهين جو حوالو ڏجي ٿو. مون کي اميد آھي ته جيڪڏھن عام ماڻھو انھن تي نيڪ نيتيءَ سان عمل ڪندا ته سڄي سماج جي ڀلائي ٿي سگهي ٿي پر ھڪ اھم ڳالھه جي سمجهاڻي ڏيڻ به ضروري آھي ته عوام جي ڀلائيءَ لاءِ اھي سکڻيون پنج ڳالهيون ناھن پر ٻيون به کوڙ آھن. تفصيلي داستان بيان ڪرڻ کان بھتر آھي ته پھرين مختصر ڳالهيون لکجن جن کي عام ماڻھو سولائيءَ سان پڙھي سگهندا ۽ انھن کي ٺيڪ سمجهي انھن تي عمل به ڪري سگهن ٿا. ائين ڪرڻ سان سماج جي گڏيل ڀلائي به سمايل ھوندي. ھونئن به سماج جي ڀلائيءَ جو انھيءَ ڪري حوالو ڏجي ٿو جو اڄڪلھه جي دور ۾ اسان جي سنڌ ۾ ماحول سڌرڻ بدران ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندو پيو وڃي. ڪير مڃي يا نه پر اسان جي ملڪ ۾ ڪيترا ماڻھو عام ڀلائيءَ واريون ڳالھيون دل سان ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونھن.
اچو ته پنجن ڳالهين جو مختصر حوالو ڏيون ته جيئن صورتحال کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. اھي هي آھن. 1.زندگيءَ ۾ ڪنھن تي الزام نه ھڻو 2. سُٺا ماڻھو توھان کي خوشي ڏيندا 3. خراب ماڻھو توھان کي تجربو ڏيندا 4. بيڪار ماڻھو توھان کي سبق ڏيندا 5. بھتر ماڻھو توھان کي يادون ڏيندا.
بھرحال، اھا سچائي آھي ته اسان جي ملڪ ۾ کوڙ خوبيون آھن ته ڪيتريون خاميون به آھن. خامين کي دور ڪرڻ لاءِ انھن جو حوالو ڏيڻ به مناسب آھي جڏھن ته اسان ۾ اهڙا کوڙ ماڻهو آھن، جيڪڏھن ڪا خامي دور ڪرڻ لاءِ لکبي ته انھيءَ جو ڳوڙھو جائزو وٺي انھن خلاف ناجائز تنقيد ڪندا رھندا پر ڪو به جائز دليل ڪونه ڏيندا آھن. ھئڻ ته ائين گهرجي ته جيڪڏھن ڪنھن جي تبصرن ۾ خامي يا گهٽتائي آھي ته بردباريءَ سان درستيءَ لاءِ پوسٽ ڪجي ته وه واه پر رڳو تنقيد جو سلسلو جاري رھندو ته ملڪ جون حالتون ڪڏھن به بھتر ٿي ڪونه سگهنديون، الٽو معاملو ڏينھون ڏينھن خراب ٿي ويندو. جن کي شڪ ھجي سي ڀلي سنڌي فيس بوڪ جو جائزو وٺن پر ھڪ ڳالھه جي سمجهاڻي ڏيڻ بلڪل ضروري آھي ته فيس بوڪ تي پوسٽن دوران مڪمل تفصيل نٿا ڏئي سگهجن ڇاڪاڻ ته عام طور ڪيترا ماڻھو رڳو پوسٽن جون خبرون پڙھندا رھندا آھن.
اسان وٽ اھا بدقسمتي آھي ته کوڙ خوبين باوجود سنڌين جي پراڻي نفسيات اھا آھي ته سندن دوست يا مائٽ ڪو ڪوڙ ڳالھائين ٿا ته به کين سچو سڏيندا آھن ۽ ڪير جائز اعتراض ڪندو ته ان کي ڪوڙو سڏي ان جي بيعزتي ڪندا رھندا آھن. نه رڳو قصو ايترو پر جيڪڏھن ڪو مخالف ڌر جو ماڻھو سچ ڳالھائيندو ۽ کين ڳالهه پسند ڪونه ھوندي ته ان کي ڪوڙو سڏيندا رھندا. سچائي اھا آھي ته ڪوڙ کي ڪوڙ ۽ سچ کي سچ سڏجي ته وه واه پر اسان وٽ ائين ڪونه ڪندا آھن. ھڪ ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته جنھن ڏينھن سنڌي، پبلڪ ۾ سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ سکيا، سندن ترقي کي ڪير به روڪي نه سگھندو. ھونئن به جيڪڏھن سو سيڪڙو سچ کي سچ چوڻ جي ڪوشش نٿا ڪن ته گهٽ ۾ گهٽ انھيءَ چڱائيءَ تي وڌ کان وڌ عمل ڪن ته به ڪنھن حد تائين بھتر ھوندو. انھيءَ کان سواءِ اھو به ته سٺا ماڻھو توھان کي خوشي ڏيندا يا کڻي چئجي ته اوھان کي خوش ڪندا پر مطلب اھو آھي ته ڪيترا ماڻھو اوھان جي بھتر فيصلي جي واکاڻ ڪري سگهن ٿا پر منھنجي ايمانداريءَ سان اھا راءِ آھي ته ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيل فيصلن سبب اوھان جو پنھنجو ضمير ته سچ پچ خوش ٿيندو پر جيڪڏھن ڪي متاثر ماڻھو واکاڻ نٿا ڪن يا انھيءَ جو حوالو به نٿا ڏين ته ڀلي وقتي طور ائين ڪن ڇاڪاڻ ته سندن ضمير ته اڳ ئي مطمئن ھوندو سو اھو ئي ڪارنامو آھي. تنھنڪري عرض آھي ته پنھنجي ضمير موجب عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوششون جاري رکو، پوءِ ڀلي واسطيدار ماڻھو واکاڻ ڪن يا نه. ھونئن به جيڪڏھن عوام جي ڀلائيءَ لاءِ پنھنجو ضمير خوش آھي ته اھو ڪم جاري رکڻ گهرجي.
مون جيڪي ڪارناما لکيا آھن تن ۾ ھڪ اھو به آھي تہ زندگيءَ ۾ ڪنھن تي الزام نه ھڻو. مطلب اھو آھي ته ڪنھن تي اجايو يا ناجائز الزام نه ھڻڻ گهرجي پر جيڪڏھن ڪو غلطي ڪري ٿو ته ان کي پيار سان سمجهائڻ گهرجي ته ھو پنھنجي غلطي مڃي معافي وٺي سگهي ٿو. ھونئن به ڪنھن جي فيصلي جي ڪري ڪن کي نقصان پھچي سگهي ٿو سو سوچي سمجهي ڪارروائي ڪندا ڪريو ته ڪنھن کي اجايو نقصان نه پھچي ته بھتر ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ ڪن اڳواڻن جو رويو عوام دشمن ھوندو آھي. مون پاڻ وڊيو ٻڌي ھئي ته 12 مئي 2007ع تي کوڙ انسان ڪراچيءَ ۾ قتل ٿيا ھئا جن ۾ ايم ڪيو ايم جو مکيه ھٿ ھو. انھيءَ وقت جي حڪمران جنرل پرويز مشرف تقرير ڪئي ھئي: “اھا اٿئو اسان جي طاقت”.
اھو بيان سندس ظلم ھو سو ڪوشش ڪري اھڙين ڪاررواين کان پاسو ڪجي ته بھتر ٿيندو. اھو به چوڻ آھي ته بھتر ماڻھو اوھان کي يادون ڏياريندا. اھو درست آھي ته بھتر ماڻھو اھو ٻڌائي سگهن ٿا ته اوھان به عوام توڙي ملڪ جي ڀلائيءَ ڪھڙا ڪھڙا اپاءَ کڻندا رھيا آھيو پر اھي سڀ ڪارروايون ذميداريءَ سان اختيار ڪرڻيون آھن، جنھنڪري انسان ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. جيڪي ماڻھو ناجائز فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين کي مجبور ڪندا آھن سو متاثر ماڻھو اھڙن کي سڄي حياتي وساريندا ڪونه آھن ۽ مٿن تنقيد به ڪندا رھندا آھن.
اھڙو ڪم ڇو ڪجي جو عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڳنڀيرتا سان خدمتون ڪجن ۽ جيڪي رڪاوٽون وجهن يا مسئلا پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا رھن ھا، انھن ۾ احساس پيدا ڪجي ته ھو غلط ڪم ڪندا آھن جن جو حشر نيٺ خراب ئي ٿيندو آھي.
ھڪ اھا به چوڻي ھئي ته خراب ماڻھو اوھان کي تجربو ڏيندا. منھنجي خيال ۾ اھا دعوى درست آھي. ھن دنيا ۾ کوڙ اھڙا ماڻھو آھن جيڪي ناجائز زيادتيون ڪن ٿا. ڀلي سندن ڪارروائي غلط ھجي پر انھن جي ڪري ڪيترن انسانن کي بھتر تجربو حاصل ٿي ويندو ۽ ھو اڳتي ھلي اھڙين زيادتين ملڻ کان پاسو ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندا رھندا. ھونئن به انسانن کي سندن حياتين ۾ مختلف تجربا حاصل ٿيندا رھندا آھن جڏھن ته اصل ڳالهھ، انھن کي مناسب طريقي سان منھن ڏيڻو ھوندو آھي يعني پاڻ به بچي وڃي ۽ عام انسانن کي به بچائي سگهي. انھيءَ سلسلي ۾ سڄي ڪارروائي تي بردباريءَ سان ڪوششون ڪرڻ گهرجن جيئن جان به ڇٽي سگهي ۽ ڪنھن کي اجائي تڪليف به نه پھچي. ڇاڪاڻ ته صورتحال کي بھتر طريقي سان منھن ڏيڻ لاءِ پاڻ اڳتي وڌندو رھجي ۽ ڪير رڪاوٽ وجهي ته ان کي ڀلي احساس ڏيارجي پر ان کي ذاتي سزا ڏيڻ کان پاسو ڪجي ته بھتر.
اھو به چوڻ آھي ته خراب ماڻھو اوھان کي تجربو ڏيندا. اھا به سچائي آھي ته خراب ماڻھن جي ڪارڪردگي، ڳنڀيرتا سان ڏسي انھيءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ بھتر طريقي سان سوچجي ته ڪھڙو رستو اختيار ڪجي جو جند به ڇٽي وڃي ۽ ڪنھن ٻئي کي اجائي تڪليف به نه پھچي. ھونئن به بيڪار ماڻھو غلط تجربو ڏيندا آھن، سو بھتر آھي ته مختلف طريقن سان سلامتي حاصل ڪرڻ لاءِ انھن کان جان آجي ڪري سگهجي ته بھتر ھوندو.