مثال طور پنهنجي هڪ ڪتاب “دنيا جي تاريخ جون جهڪليون” ۾ جيڪو 1934 ۾ ڇپيو، هن لکيو آهي: “لينن پنهنجي جنم ڀومي روس ۾ ئي نه پر سڄي دنيا ۾ هڪ زبردست روايت جو مقام حاصل ڪري چڪو آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سندس قدڪاٺ بلند کان بلند ٿيندو پيو وڃي. هو دنيا جي انهن چونڊيل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ٿي چڪو آهي، جيڪي سدائين امر رهندا. پر لينن زنده آهي، يادگارن ۽ تصويرن ۾ نه، پر پنهنجي زبردست ڪم ۾ ۽ انهن ڪروڙين مزدورن جي دلين ۾ جيڪي سندس مثال مان ولولو ۽ سٺي مستقبل جي اميد حاصل ڪن ٿا.”
عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب کان پوءِ سوويت روس ايندڙ هندستانين اتان جي اصل واقعن کان هندستاني عوام کي باخبر ڪرڻ ۾ هڪ زبردست رول ادا ڪيو.
ڪيترن ئي هندستانين کي لينن سان ملاقات جو موقعو مليو هو. هو ساڻس هندستان ۾ پورهيت عوام جي ڪمزور حالت ۽ برطانوي راڄ خلاف سندس جدوجهد بابت پڇندا هئا. لينن جي ڪل لکڻين ۾ انهن هندستانين جا نالا ملن ٿا، جن کي ساڻس ملاقات ڪرڻ جو شرف مليو هو.
نئين ٺهيل سوويت رياست جي راڄڌاني ۾ سڀ کان پهرين ٻه ماڻهو آيا جن پنهنجا نالا محمد هادي ۽ احمد حارث ٻڌايا هئا. هو نومبر 1918 ۾ ماسڪو پهتا ۽ 23 نومبر تي ڪريملن ۾ لينن سان ملاقات ڪئي.
هندستان جي ڳجهي پوليس کي دوکو ڏيڻ لاءِ هنن پنهنجا اصل نالا تبديل ڪيا هئا.
سوويت روس اچڻ ۽ لينن سان ملاقات ڪندڙ جي اکين ڏٺي شاهدي اوڀر جي ماڻهن کي ان ڳالهه کان باخبر ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ته مزدورن ۽ هارين جي پهرين رياست ۾ ڪيتريون زبردست تبديليون اچي رهيون آهن.
1920 کان شروع ٿيندڙ ڏهاڪي ۾ نه رڳو اهو ته هندستاني اخبارن ۾ مضمون ڇپيا پر سندس زندگي ۽ ڪم بابت هندستاني ليکڪن جا طبع زاد ڪتاب به ڇپيا. هندستان ۾ ڇپيل اهڙين پهرين لکڻين مان ڏکڻ هندستان جي هڪ انقلابي سوشلسٽ شري جي وي ڪرشنا رائو جو هڪ پمفليٽ نڪولائي لينن، سندس زندگي ۽ ڪم به شامل آهي.
اهو پفليٽ ئي انگريزي ٻولي ۾ ڇپجندڙ واحد ڪتاب نه هو. اپريل 1922 ۾ هڪ ڪتابڙو گانڌي بمقابلا لينن بمبئي مان ڇپيو. ان جو ليکڪ هڪ نوجوان شري پد امرت ڊانگي هو جيڪو هن وقت هندستاني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي وقمي ڪائونسل جو چيئرمين آهي. هن ان ڪتابڙي ۾ روس ۾ آڪٽوبر انقلاب جي نتيجي ۾ ايندڙ تبديلين ۽ هندستان تي ان جي اثر جي تجزئي جي ڪوشش ڪئي هئي.
لينن بابت هنديءَ ۾ پهريون ڪتاب 1921 ۾ ڇپيو. ان جو نالو هو بالشيوڪ جادوگر. ان جو ليکڪ رما شنڪر اوسٿي هو جنهن جو ذڪر اسان اڳ ۾ ڪري چڪا آهيون.
1921 کان 1924 دوران هنديءَ ۾ لينن ۽ آڪٽوبر انقلاب بابت ڪيترائي نوان ڪتاب ڇپيا. 1921 ۾ شري سوم دت جو ڪتاب روس جو جنم ڇپيو. 1923 ۾ شري وشومڀرناٿ ججا جو ڪتاب روس ۾ نئون دور ۽ پرديپ ناٿ جو ڪتاب روس جي سويت رياست ڇپيو ۽ اهي ۽ انهن کان پوءِ ڇپجندڙ ٻيا ڪتاب انتهائي ڄاڻ تي ٻڌل آهن ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ٺوس ڄاڻ فراهم ڪئي وئي هئي جنهن کي مختلف ۽ غيرمعمولي ذريعن کان حاصل ڪيو ويو هو.
هندستاني اديبن ۽ صحافين آڪٽوبر انقلاب ۽ لينن جي رول بابت اردو، مراٺي، بنگالي، پنجابي ۽ هندستان جي ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ لکيو. هڪ ڪتاب روس ۾ غريبن جو مسيحا، نڪولس لينن جي دريافت مون لاءِ خاص ڪري اطمنان بخش ثابت ٿيو. اهو ڪتاب ڪرناٽڪ مان ڇپيو هو، ان جي ليکڪ جو نالو شري گورک ۽ ڇپجڻ جي تاريخ 20 نومبر 1923 آهي.
ولاديمير لينن جي گهڻ رخي نظرياتي ۽ عملي سرگرمين بابت ليکڪ جي ڄاڻ حيرت ۾ وجهندڙ آهي.
لينن ۽آڪٽوبر انقلاب بابت شروعاتي ڪتابن هڪ اهڙي زماني ۾ لينني تصورن کي اجاڳر ڪيو جڏهن هندستان ۾ قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي هڪ زبردست لهر هلي رهي هئي. اهي ڪتاب سجاڳ ٿيندڙ اوڀر جي ملڪن ۾ سماجي فڪر جي تشڪيل تي ليننزم جي سگهاري اثر جو ثبوت آهن.
ان سوال جي جواب ۾ ته سوريءَ تي چڙهڻ کان اڳ ڀڳت سنگهه لينن بابت ڪهڙي ڪتاب جو مطالعو ڪري رهيو هو، هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه مون آڏو آئي. جيتوڻيڪ گهربل ڪتاب بابت قطعي ڄاڻ حاصل نٿي سگهي. تڏهن به ان ڳولها جي نتيجي ۾ اهڙو مواد سامهون آيو جيڪو ان ڳالهه جو لقاءُ آهي ته هندستان ۾ پورهيت عوام جي ان عظيم اڳواڻ ۽ استاد کي زبردست مقبوليت، احترام ۽ محبت مليل هئي. آڪٽوبر انقلاب جي روح روان جنهن کي ڀڳت سنگهه پنهنجي آخري زندگيءَ ۾ ياد ڪندو رهيو، هندستان جي لکين انقلابين ۽ وطن پرستن کي سامراج خلاف ۽ پنهنجي ماترڀوميءَ جي آزادي، جمهوريت ۽ سوشلزم لاءِ بي لوث جدوجهد جو ولوو عطا ڪيو هو. بزرگ هندستاني انقلابي، ڪميونسٽ بابا سوهن سنگهه ڀڪنه جا هيٺيان خيال، جنهن سان مان 99 ورهين جي ڄمار ۾ سندس وفات کان ٻه هفتا اڳ مليو هوس:
منهنجي نظر ۾ لينن بني نوع انسان جو سڀ کان عظيم قائد آهي جنهن پرولتارين کي استحصال کان ڇوٽڪارو ڏياريو. مارڪس جي زندگيءَ ۾ ڪيترا ئي ماڻهو سندس خيالن کي حيرت انگيز پر عمل جوڳا نه سمجهندا هئا. لينن نه رڳو اهو ته مارڪسي نظرئي کي عملي شڪل ڏني پر ان کي اڳيان به وڌايو ۽ هي ثابت ڪري ڏيکاريو ته اهو يوٽوپيا نه پر هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کي عملي ۾ آڻي سگهجي ٿو.”
بابا وڌيڪ چيو: “اسان جي دور جي سڀ کان وڏي ضرورت ڪميونسٽ تحريڪ ۽ سوشلسٽ ڪيمپ ۾ اتحاد حاصل ڪرڻ آهي. مون کي سڄي دنيا جي ڪميونسٽن جي عظيم اڳواڻ لينن جي تعليم جي سچائيءَ تي سدائين يقين رهيو آهي.”
بابا جي موڪلاڻيءَ کان اڳ مون کيس سوويت پڙهندڙن کي ڪجهه چوڻ جي درخواست ڪئي. هن پنهنجن ڪمزور هٿن ۾ فائونٽين پن کنئي ۽ پنجابيءَ ۾ لکيو: ساٿيو، مون لاءِ اها ڳالهه خوشيءَ جوڳي آهي ته اسان اوهان سان گڏجي لينن جي 100هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون. ان موقعي تي مان اوهان جا پنهنجي پاران ٿورا مڃيان ٿو. مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته مون کي اوهان تائين هيءَ ڳالهه پهچائڻ جو موقعو مليو. سوهن سنگهه ڀڪنه.”
هندستاني عوام جي ان سپوت جا خيال انهن آدرشن جي عڪاسي محافظ خانن ۾ محفوظ هزارين دستاويزن جي ڀيٽ ۾ ڪيئي ڀيرا وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪن ٿا جيڪي هندستاني انقلابين جي رڳن ۾ سمايل هئا.
)پورو ٿيو)