چين جي ٽياڪڙيءَ کان پوءِ سعودي حڪومت ۽ ايراني حڪومت ايندڙ ٻن مهينن اندر هڪ ٻئي سان سفارتي لاڳاپا ٻيهر قائم ڪرڻ تي راضي ٿي ويون آهن. وچ اوڀر ۾ چين جي ڪردار جو اهڙو اظهار اڳ نه ڏٺو ويو هو. اهو ئي سبب آهي جو ڏيهي توڙي عالمي ميڊيا ان اڳڀرائيءَ تي لڳاتار تبصرا ڪري رهي آهي.
ٻنهي ملڪن (سعودي عرب ۽ ايران) جا سفارتي لاڳاپا خراب ۽ ختم ٿيڻ جو پسمنظر اهو آهي ته 2014 ۾ حوثي باغين پاران تڏهوڪي صدر منصور هاديءَ جي حڪومت جو خاتمو ڪري صنعا تي قبضو ڪيو ويو هو. حوثي شيعا آهن ۽ ايران سان سندن لاڳاپا لڪل ڪونهن. جڏهن ته صدر هادي رياض وارن سڳورن جو لاڏلو هو اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪل ڪانهي. حوثي باغين ماضيءَ ۾ خود سعودي عرب جي حڪومت ختم ڪرائڻ لاءِ پڻ بغاوتون ۽ ويڙهاڪ ڪاروايون پئي ڪيون آهن. بهرحال صدر هاديءَ جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ سعودي عرب 9 ملڪن جي فوجي اتحاد کي ساڻ ڪري يمن تي چڙهائي ڪري ڏني جنهن جو مقصد صدر هاديءَ کي ٻيهر اقتدار ڏيارڻ ٻڌايو ويو هو. ان بمباريءَ دوران صنعا ۾ ايراني سفارت خاني تي به حملو ڪيو ويو هو. جنوري 2016 ۾ جڏهن ايراني پرڏيهي وزارت اهو بيان جاري ڪيو هو ته سندن سفارت خاني تي سعودي جنگي جهازن ڄاڻي ٻجهي حملو ڪيو آهي ته سعودي عرب 47 سعودي شهري شيعن کي موت جي سزا ٻڌائي جن ۾ هڪڙو عالم آيت الله شيخ باقر النمر به شامل هو ٻئي پاسي ان واقعي جي ردِعمل طور تهران ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندڙن سعودي عرب جي سفارت خاني کي باهه ڏئي ڇڏي هئي. جنهن کان پوءِ سعودي عرب ايران سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا هئا.
هڪ اندازي موجب مارچ 2023 تائين يمن جي آبادي سوا ٽي ڪروڙ کن آهي. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب يمن واري ان نام نهاد گهرو ويڙهه ۾ هن وقت تائين ڏيڍ لک ماڻهو مارجي چڪا آهن. ان کان علاوه 2 لک 27 هزار ماڻهو وري ڏڪار، بک، بيمارين ۽ صحت جي سهولتن جي اڻاٺ سبب ماريا ويا آهن. چين جي تازي ادا ڪيل ڪردار کان پوءِ اميد آهي ته يمن ۽ شام ۾ امن امان بحال ٿي وڃي.
آمريڪا ۽ برطانيا هڪڙي پاسي سعودي عرب کي هٿيار ۽ علائقي تي قبضي جي لالچ ڏئي هڪڙي ننڍڙي ۽ غريب ملڪ جي ماڻهن تي ظلم ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي وري عدن ۽ حديديه جا بندرگاهه بند ڪري يمن جي ماڻهن خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن کي مرڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن. ان ڪري جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته آمريڪا ۽ برطانيا مهذب ملڪ آهن اهي تمام گھڻا غلط آهن. انهن ملڪن پنهنجي خوشحالي يمن جهڙي ملڪن کي ڦُري لٽي حاصل ڪئي ۽ هاڻي ان خوشحاليءَ کي قائم دائم رکڻ لاءِ به جنگين ۽ قبضن واري پاليسيءَ کي جاري رکيون پيا اچن. حقيقت اها آهي ته آمريڪا يمن ۾ پراڪسي جنگ پيو وڙهي. يمن کان پوءِ يوڪرين ۾ به اهڙي جنگ ڇيڙي وئي آهي. يوڪرين واري صورتحال کان ڊيڄاري فنلينڊ کي نيٽو جو ميمبر بڻايو ويو آهي. ساڻس ڪيل معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن روس فنلينڊ تي حملو ڪيو ته نيٽو جا 30 ٻيا ميمبر ملڪ گڏجي فنلينڊ جو دفاع ڪندا. خبر ناهي ته جيسيتائين اها ظالم سامراجي رياست تباهه ٿي وڃي، الائي ڪيترن بي ڏوهن کي سندس سازشي پاليسين جو شڪار بڻجڻو پوندو.
يمن جي جاگرافيائي اهميت عربي سمنڊ جي مٿان سندس اهڙي هنڌ موجودگي آهي جتان دنيا جي توانائيءَ توڙي ٻين ضرورتن لاءِ درآمد ۽ برآمد جي سامان جو 70 سيڪڙو کان به وڌيڪ لنگهندو آهي. ان ڪري سمجهي سگهجي ٿو ته يمن تي سعوديءَ جي چڙهائي اصل ۾ سعوديءَ جي ذريعي آمريڪي چڙهائي آهي. اڄ به سعودي عرب اندر آمريڪي فوجي اڏا موجود آهن. اڄ به آمريڪا طئي ٿو ڪري ته واپار جي نوعيت ڪهڙي ۽ ڪيئن هوندي. پر اها صورتحال جلد تبديل ٿيڻ واري آهي.
چين وچ اوڀر ۾ بلڪل اهڙي نموني پنهنجا اتحادي ڳولي رهيو آهي جيئن اڀرندڙ قوتون هميشه ۽ هر جاءِ تي ڪنديون آهن. آمريڪا جو مخالف هئڻ ڪري ايران فطري طور تي چين کي ويجهو آهي. جنهن ڪري ايران جي اثر هيٺ وچ اوڀر جا ڪجهه ٻيا ملڪ به چين جي ويجهو ٿين پيا جهڙوڪ: عراق، شام، لبنان، يمن ۽ ٻيا. چين جي هڪڙي خوبي اها آهي ته اهو آمريڪا جي يار ملڪن سان به دوستاڻا لاڳاپا بحال رکيون ٿو اچي جن ۾ خاص ڪري سعودي عرب، قطر، دبئي ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. چين ان علائقي ۾ پنهنجا سياسي معاشي مفاد محفوظ بڻائڻ لاءِ اهڙو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي جيئن خطي ۾ سندس اهميت هميشه اتاهين رهي. چين جيڪي ڪجهه ڪيو آهي اهو ايران کان وڌيڪ سعودي عرب جي فائدي ۾ آهي ڇاڪاڻ ته يمن منجهان انصار الله نالي تنظيم سعودي عرب جي تيل وارن ذخيرن ۽ فوجي اڏن تي سڌا سنوان حملا ڪري سعودي عرب کي تمام گھڻو نقصان پهچائيندي رهي آهي. ان ڪري سعودي عرب وٽ ان کان سواءِ ٻي ڪا واٽ ڪانه هئي ته خطي ۾ امن امان قائم ٿئي ۽ هُو مال ميڙيندو رهي. شهزادو محمد بن سلمان جهڙي قسم جا خيال رکي ٿو ۽ پنهنجي سڌار وادي سياست ذريعي سعودي عرب کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو سو تيسيتائين ممڪن ڪونهي جيسيتائين هُو ايران ۽ يمن سان امن امان بحال نه ٿو ڪري. ايران کي به وچ اوڀر ۾ گھڻي کان گھڻا دوست ملڪ گھرجن ته جيئن هُو آمريڪي ڪاوڙ ۽ نفرت سان منهن ڏئي سگهي. ان ڪري جيڪڏهن سعودي عرب سان دوستي ٿي وڃي ٿي يا ايتري تائين جو رڳو معمول جا سفارتي لاڳاپا ئي قائم ٿين ٿا ته ايران جو فائدو آهي. ان منجهان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سعودي عرب، ايران ۽ چين جو فائدو ان ۾ آهي ته ايران ۽ سعوديءَ جا لاڳاپا بهتر هجن. باقي جنهن کي انهن بهتر لاڳاپن جي ڪري تڪليف ٿيندي سو آهي آمريڪا. جنهن وٽ وچ اوڀر منجهان پنهنجا آٿر کڻي روانو ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونهي.
وچ اوڀر جي مختلف ملڪن ۾ چين جي سيڙپڪاري 2019 ۾ 180 ارب ڊالر هئي جيڪا 2021 ۾ وڌي وڃي 259 ارب ڊالرن تائين پهتي. ان جي ابتڙ خطي ۾ آمريڪي سيڙپڪاري گھٽبي رهي آهي. 2019 ۾ اها 120 ارب ڊالر هئي جيڪا 2021 ۾ گھٽجي وڃي 82 ارب ڊالر رهي. هن وقت چين رڳو ايران ۾ ئي 400 ارب ڊالر سيڙائڻ لاءِ تيار آهي. جنهن کان پوءِ ايران تي آمريڪي پابنديون ۽ بليڪ ميلنگ پنهنجو اثر وڃائي ويهندي.
1971 ۾ سعوديءَ جي تڏهوڪي بادشاهه آمريڪا سان هڪڙو معاهدو ڪيو هو جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته سعودي عرب تيل جو سمورو ڪاروبار آمريڪي ڊالر ذريعي ڪندو. ان سان هڪڙي پاسي آمريڪي ڊالر کي ٽيڪ ملي ته ٻئي پاسي وري دنيا تي پيٽرول ۽ ڊالر جي حڪمراني قائم ٿي وئي.
سال 2000 ۾ چيني جي ڊي پي آمريڪي جي ڊي پي جو رڳو 12 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻي 80 سيڪڙو آهي. يعني چين تمام وڏو خال تمام ٿوري وقت ۾ ڀريو آهي. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته چيني معيشت 2035 تائين آمريڪي معيشت کان اڳتي نڪري ويندي. ان وقت چين جيئن چاهيندو تيئن فيصلا ڪندو. دنيا ۾ وڻج واپار جي صورتحال کي پنهنجي مرضيءَ سان جيئن چاهي بيهاريندو. چين جي اهڙي اڀار کي روڪڻ لاءِ آمريڪا خاص ڪري تائيوان ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ لڳاتار مداخلت جي ذريعي چين کي جنگ ۾ گهلڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. چين ان جي ابتڙ آمريڪا سان هٿياربند جنگ ڪرڻ بدران کيس معاشي ۽ حڪمت عمليءَ ذريعي شڪست ڏيڻ جي رستي تي هلندو رهيو آهي. ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب 1980 کان 2008 تائين جي 28 سالن ۾ سموري دنيا اندر 13 ملين ماڻهن کي غربت کان ٻاهر ڪڍيو ويو جڏهن ته ان ساڳي عرصي ۾ چين اڪيلي سر 662 ملين ماڻهن کي غربت واري زندگيءَ منجهان آجو ڪيو آهي. اهڙي طرح رڳو پنهنجي ماڻهن لاءِ ئي نه پر چين دنيا جي ٻين ترقي پذير ملڪن جي عوام لاءِ به گھڻو ڪجهه ڪيو آهي مثال طور هن 2008 کان 2021 تائين 22 ترقي پذير ملڪن کي معاشي طور سهارو ڏيڻ لاءِ 240 ارب ڊالر خرچ ڪيا آهن. انهن ملڪن ۾ پاڪستان به شامل آهي.
آمريڪا چين سان جنگ ڪرڻ لاءِ اتاولو ته آهي پر جيڪڏهن اها جنگ واقعي به ڇِڙي پوي ته گھڻو تڻو نقصان پاڻ آمريڪا جو ئي ٿيندو. ڇاڪاڻ ته 2020 جي پڇاڙيءَ تائين چين ۾ ڪاروبار ڪندڙ پرڏيهي ڪمپنين جو تعداد هو 1040480 جن منجهان 60 سيڪڙو آمريڪي ڪمپنيون آهن. هاڻي سوچيو ته جيڪڏهن آمريڪا چين سان جنگ ڪري ٿو يا رڳو مٿس معاشي پابنديون ئي مڙهي ٿو ته به پاڻ آمريڪا کي ڪيترو نقصان ڀرڻو پوندو. ان ڪري آمريڪا وٽ ان کان سواءِ ڪو چارو ڪونهي ته جنگ جنگ کيڏڻ بند ڪري، دنيا ۽ پنهنجي معيشت کي بهتر بڻائڻ ڏانهن ڌيان ڏئي.