صفدر زيديءَ جي لکيل ۽ عبدالمومن ميمڻ جو ترجمو ڪيل ناول “سنڌ ڪماري” عڪس پبليڪيشن لاھور پاران ٢٠٢٢ع ۾ ڇاپيو ويو آهي. ھي ناول انهن ناولن مان ھڪ آهي جن کي پڙهڻ کانپوءِ ختم ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي جاءِ تي رکڻ جي دل ڪونه چوندي آهي. ڪتاب وٺڻ وقت آئون ناول نگار ۽ سنڌيڪار کان ٺپ اڻ واقف هئس. ناول جي ٽائيٽل ھيٺ لکيل هو “بن قاسم ۽ راجا ڏاھر جي روئيداد” سو مون به سوچيو ته تاريخي واقعن کي ناول جي شڪل ڏيڻ، وري ان کي ترجمو ڪرڻ ۽ وري اسان جھڙي تاريخ کان صدين جي مفاصلي تي بيٺل ماڻھوءَ لاءِ پڙھي پورو ڪرڻ ته تمام ڏکيو ڪم آهي پر جيئن ورق اٿلائي پڙهڻ شروع ڪيم ته ذھن اٿلون کائي پھچي ويو ٦٠٨ع واري دمشق ۾ جتي مسلمانن جو خليفو ابو وليد بازنطيبي ثقافت سان سجايل محل جي حجري ۾ سھڻين سھڻين ٻانھين جي گھيري ۾ عود جي خوشبوءَ جو واس وٺندي، حجاج بن يوسف ثقفي کي خاص انجير کارائيندي سھڻي سرسبز سُک شانتي جي ديس “سنڌو ديس” تي ڪاهه ڪرڻ ۽ فارس صوبي ۾ اسلامي خلافت کان پکڙجندڙ عطيه بن عوس جي بغاوت، بنو اميه جي مبينه خطري ۾ پيل خلافت بابت صلاح مشورا ڪندي نوان حڪم ناما جاري ڪرڻ لاءِ اجلاس جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. حجاج بن يوسف تجربيڪار منتظم جي حيثيت سان بنو اميه گهراڻي جي نسلن کان خدمت ڪندو رهيو هو، سندس موجب بنو اميه خلافت جي سلامتيءَ لاءِ خلافت کي دنيا جا وڌيڪ ديس فتح ڪري سندن تسلط ۾ آڻڻ جي شديد ضرورت هئي، سندس بيت المال خالي ٿي رهيو هو، فوجون ٿڌيون ٿي ويون هيون، سندن سپاهين جي تلوارن جي چمڪ ڪفار، مشرڪن ۽ ملحدن جي رت لاءِ اڃايل هئي.
حجاج بن يوسف بنو اميه جي خليفي کي سنڌ تي فتح جو جواز “سنڌ جي حڪمران، مهاراجا ڏاهر ۽ سندس پيءُ چچ پاران بنو اميه خلافت جي مخالف عربن ۽ خلافت مان ڀڄي ويل آتشت پرست فارسين کي پناهه ڏيڻ ۽ سرانديپ ڏانهن ويندي سنڌ جي آبي گذرگاهن مان لنگهندڙ مصالحي جي ٻيڙن کان ڀتو گهرڻ ۽ سنڌ جي بندرگاهه ديبل مان ڪپڙي جي خريداري ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ بيهندڙ ٻيڙن کان ٽيڪس وصولي ٻڌائي ٿو.”
سنڌ تي ڪاهه کي ڪامياب بنائڻ لاءِ حجاج بن يوسف پناهه وٺندڙن جي ويس ۾ ڪيئي جاسوس به سنڌ موڪليا هئا جن اتي رهي مقامي ٻولي به سکي ورتي ۽ حڪومتي ادارن ۽ اهلڪارن سان ناتا به جوڙي ورتا هئا. اجلاس ختم ٿيندئي خليفته المسلمين جي “سنڌ تي ڪاهه” جي حڪم جي پابندي ڪندي حجاج بن يوسف اُٺ جي کل تي چٽيل سنڌ ۽ مڪران جي نقشي تي پنهنجي قابل ترين ۽ ڀروسي جوڳي آفيسرن ابو هشام ۽ ابو يزيد سان صلاح ڪندي پهرين ته کين فارس ۾عطيه بن عوف جي سربراهيءَ ۾ ٿيندڙ بغاوت کي ڪُچلڻ ۽ سندس 13 ورهين جي يتيم نينگر، سپهه سالاري جي فن توڙي دنيا جي ڪيئي ڌنڌن کان اڻڄاڻ، ڀائٽي محمد بن قاسم کي کٿابي مان جنگي جوڌو بنائڻ جو انتهائي وڏو ڪم سونپيو ۽ پوءِ سنڌ تي ڪاهه جا حڪم ڏيندي بن قاسم کي فارس جو حاڪم به مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اهڙي حڪمنامي جي نه چاهيندي به بجا آوري ڪندي ابو يزيد بن قاسم جي جنگي چالن بابت ٻن سالن تائين تربيت ڪندو رهيو، نه صرف جنگي چالُن پر مفتوح قومن جا نسل کارڻ جي ٽريننگ به سندس تربيت جو حصو هئي جنهن جي شروعات سندس خيمي ۾ موڪليل ڪنيزن (جيڪي باغي سردارن جون ڌيئر ۽ زالون هيون) سان عصمت دري ڪري پاڻ کي لائق ۽ قابل ثابت ڪرڻو هو. هوڏانهن سنڌ ۾ ٻوڌي، مهاويري، زرتشتي، جيني، سناتن ڌرمن کي مڃيندڙ امن ڀائيچاري سُک ۽ شانتي سان رهندي ڪپڙي، لوهه ۽ گرم مصالحي سميت ڪيترائي واپار ڪندا هئا. سندن مندر سون سان مالا مال هئا جيڪي هاڻي لٽجڻ، ڦرجڻ ۽ تباهه ٿيڻ وارا هئا، ڇاڪاڻ ته اهو وقت اچي ويو، جڏهن ابويزيد، ابو هشام ۽ جنرل خالد ثقفي جيڪو بحري فوج جو مڃيل سالار هو، پنهنجا گهوڙي سوار ۽ لسي تري وارا ٻيڙا وٺي مڪران پهتا. مڪران جي ساحلن تي بنو اميه جا ٽيئي آفيسر حڪمت عملي ۽ تجربن کانپوءِ ڳجهن هٿيارن، توپن، مٽي جي گولن، منجهن چوڌاري ويڙهيل اڳڙين سان جانورن جي ڳاريل چرٻي، ٻئي ساز سامان سان سٿيل ٻيڙو، گهوڙي سوار فوجي دستا ۽ سپاهين جي خوراڪ لاءِ رڍن ٻڪرين جو ڌڻ، لشڪر ۾ موجود جاسوسن جي مدد سان ديبل جي مک در تائين پهچي پرهه ڦٽي تائين ستل شهرين تي حملو ڪيو، لاڳيتو باهه اوڳاڇيندڙ گولا ۽ تير وسائي سڄي شهر کي باهه جي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو ۽ نيٺ ديبل سندن قبضي ۾ اچي ويو. پوءِ رخ اروڙ ڏانهن ڪين.
ناول ۾ راجا ڏاهر جي محل ۾ سندس ڌيءَ راج ڪماري پاران فارسي، عربي، جيني ۽ سناٿن ڌرم جي چڱن مڙس پاران محفلون، مناظرا بحث ۽ مباحثا ڏيکاريا ويا آهن ته ٻئي پاسي فارس، دمشق، واسط، جي محلن جي محفلن ۾ فارس جي ٻانهين جو عربي ڌنن تي ناچ، گهنڊي وارن واري سهڻين پويان الر، خليفي جي خيمن مان آيل عورتاڻيون رڙيون، ڪنيزن جون رڙيون، ڳاڙهن انگورن ۾ نپوڙيل ڳاڙها مشروب، لوڀ کي ڀڙڪائيندڙ لباس پهريل ٻانهيون، اڌ ننگيون ناچڻيون، عربي موسيقي تي ٿڙڪندڙ ڇاتيون ۽ سٿر، ڪوئلي جي تپش تي عود ۽ صندل جو دونهون، حجامڻين پاران تيار ٿيل خاص حمام، خليفي جي حضور ۾ پيش ڪيل مخالف رياستن جون باندي بڻايل شهزاديون ڏيکاريون ويون آهن.
ابو هاشم ۽ ابو يزيد ديبل کانپوءِ اروڙ تي ڪاهه ڪن ٿا سنڌو ڪناري ميٽوڙين پٿرن سان اڏيل چچ جي پٽ راجا ڏاهر جو محل جنهن ۾ راجا ڏاهر، مهاراڻي، سندن ڌيئرون راجڪماري سوريا ۽ پري مل رهندا هئا. چچ جي زماني کان ئي سنڌ ۾ عام ماڻهن، زرتشتين، مسلمانن ۽ يهودين عالمن پناهه وٺي وسنديون آباد ڪرڻ شروع ڪيو هيون. جن کان پڻ راجڪماري سندن علم سکي عبور حاصل ڪيو هو، جيڪا عربي ۽ فارسيءَ جي پڻ ماهر ٿي پئي هئي. جڏهن مهاراجا ڏاهر کي ديبل جي شڪست ۽ اروڙ تي ڪاهه جي خبر پئي ته هن سندس سمورين فوجن جي ڦڙتيلن دستن کي اروڙ ۾ ڪٺيو ڪيو، جن سنڌو ڪناري وسنديون وسايون ۽ پاڻ پنهنجي خاص هاٿي تي سوار ٿي ڇانوڻيءَ جو معائنو ڪيو ته ٻئي پاسي عربن جا لشڪر، جهاز، ٻيڙا، هٿيار ۽ سپاهي جاسوسن جي مدد سان اروڙ جي ويجهو سنڌو ڪناري تي پهتا. نيٺ اها نڀاڳي گهڙي به آئي جڏهن سنڌي لشڪر ۽ عربي لشڪر دوبدو هئا، جنگ لڳي چڪي، خالد ثقفي جي جنگي ٻيڙن ۽ تيل، چرٻي ۽ باهه سان ڀريل گولن ۽ ڳجهن هٿيارن باهه جا بادل برسايا. بن يزيد باهه وسائيندڙ تيرن جي دستن جي ڪمانڊ ڪئي، ابو هشام ابو يزيد جي گهوڙن جي دستن ۾ اضافو ڪندو ويو ۽ بن قاسم توپن جي پويان گهوڙي تي سوار ٿي ميدان جنگ جو صرف جائزو وٺي رهيو هو. هوڏانهن راجڪماري پنهنجي دستي جي ڪمانڊ ڪندي لاتعداد عرب سپاهين جي ڪنڌ ڪيرائيندي خالد ثقفي جي سيني ۾ تکو ڀالو وهائي کيس ڪيرائي وڌائين، ٻئي پاسي ابو يزيد جو تير راجا ڏاهر جي ڪنڌ ۾ اچي کپيو ۽ هو اتي ڍرڪي پيو. راجڪماريءَ جي گهوڙي جي سيني ۾ تير لڳڻ سبب گهوڙو ڪري پيو ۽ هوءَ به عرب سپاهين سان اڪيلي سر وڙهندي لاشن جي ڍير مٿان بيهوش ٿي ڪري پئي. جنگ بنديءَ جو اعلان ٿيو، نغارا وڳا عربن پاران سوڀ جو اعلان ٿيو. ابو يزيد جي حڪم تي “ابو خولي” نالي سپاهي پنهنجي خنجر جي مهارت سان مهاراجا ڏاهر ۽ محمد بن علافي جون منڍيون ڌڙ کان ڌار ڪيون. جن کي بعد ۾ مال غنيمت سان گڏ حجاج بن يوسف ڏانهن رروانيون ڪيون ويون.
دمشق جي بازارن ۾ حجاج بن يوسف جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌي قيدين جو جلوس، پويان ٻن سپاهين جي هٿن تي جهليل نيزن تي راجا ڏاهر ۽ محمد بن علافيءَ جون اڀيون سسيون ۽ نيزن جي وچ ۾ محمد بن قاسم پاران حجاج سان دوکو ڪري موڪليل ڳاڙهي ويس ۾ ملبوس راجا ڏاهر جي ڌي نقلي راجڪماري، سپاهي جي هٿ ۾ راج ڪماريءَ جي ڳچيءَ ۾ پيل رسي جي مُهار ۽ پويان ننگين ڇاتين سان ڳچين ۾ رسيون سنڌي قيدياڻين جو هجوم انهن پويان سنڌي قيدي ڇوڪرين جون قطارون، مٿن تي سنڌ مان لٽيل سون ۽ جواهرات سان ڀريل ڪاٺ جون پيتيون، دمشق جي گهٽين ۾ نغارن ۽ دَفَ جي واڪن تي گهرن جي ڇتين تان نظارا ڏسندڙ اهڙن منظرن جا عادي شهري، ٻئي پاسي سنڌ ۾ بدبختي جي علامت بڻيل انساني گوشت جي سڻڻ جي ڌپ ۾ ورتل راجا ڏاهر جو محل، جينين، مهاويرين، ٻوڌين، زرتشتن ۽ سناتن ڌرمن کي مڃيندڙن جي پيرن هيٺيان ڦريل ڌرتي ماتا، اگني ديوتا حوالي ڪندڙ جئه ڀواني جو ورد ڪندڙ مهاراني سميت پنهنجون لڄون بچائيندڙ ڪيئي ناريون، راجا ڏاهر جي محل ۾ سپاهين جي بوٽن جا ڊوڙندڙ آواز، راجا ڏاهر جي تخت تي ٺهي جڙي ويٺل بن قاسم، ان آڏو پيش ٿيل فوجي لباس ۾ ملبوس، وکريل وارن سان، هٿ ڳچيءَ ۾ زنجيرن سان جڪڙيل اگهاڙن پٺن ۽ ڇاتين سان سنڌي جنگي عورتون، وکريل ڪارا وار، ڦٽيل ٻانهن رت ۾ لت پت لباس، اکين ۾ ڌڪار ۽ ويڙهاڪ راجڪماري .
ابو ھاشم ۽ ابو يزيد کي حجاج جو حڪم هو ته بن قاسم کي رھڙ به نه اچي، ان ڪري کيس ھر وقت خاص سپاھين جي ڪڙي ۾ رکيو ويو ۽ ديبل جي فتح توڙي اروڙ ۽ اُُچ جي فقط جنگي معاملن جي اپڊيٽ، موجوده صورتحال جي نظرثاني حجاج جا ملندڙ خط پڙھڻ ۽ دستاويز حڪمنامن تي صحيحون ڪرڻ لاءِ ئي آندو ويو ھو، جيڪو اڳتي هلي راجڪماريءَ جي عشق ۾ صفا انڌو ٿي ٿو وڃي. ان ڪري اٽڪل ڪري راجڪماريءَ جي جاءِ تي دمشق ٻي ٻانھي رواني ڪئي ۽ راجڪماري سان رھندي سنڌ جي تاريخ، تھذيب مختلف مذھبن، سنگيت بوڻينڊي جي ڌُن، يوگا سنڌو ۾ ترڻ کان ويندي شھوت، جسم کي ٿڌو ۽ گرم ڪرڻ، جون مڪمل تربيت سکي ٿو ۽ بار بار اھو خيال پيو ايندو ھئس ته مان معصوم ڇوڪرو جنگي جنون ۽ رتو ڇاڻ کان ڏور رهڻ وارو ڪيئن حجاج بن يوسف جي چالاڪي سبب ڦاسي پيس. ڪيئن مون کي جنگين جي دلدل ۾ ڦٽو ڪري وڌائين، ھاڻي ڪيئن به ڪري راجڪماريءَ سان ابو ھاشم ۽ ابو يزيد ۽ سڄي فوج کان ڏور ڀڄي وڃڻو آھي. راجڪماريءَ جو ڪردار پهرين ته خاندان جي زوال ۽ ڌرتي ماتا جي هارائجڻ تي بن قاسم کان نفرت پر پوءِ آهستي آهستي سڀڪجهه وساريندي ساڻس محبت ڪندي نه فقط پنهنجو جسم بن قاسم حوالي ڪري ٿي پر هن کي جنسي لاڳاپن کان ويندي مختلف مذهبن، ثقافتن، تاريخ، ٻولين، سُرن ۽ اخلاقيات جي استاد ٿي وڃي ٿي، جيڪو جلدي هضم ٿيڻ جهڙو قصو ناهي.
ھوڏانھن بصري ۾ حجاج بن يوسف اميه جي خليفي ابو وليد کي مارائڻ لاءِ ڏيئي جي تيل جي ڊم ۾ زھر وجهائي ڇڏيو هو جيڪو دونهن سبب ساهه کڻڻ سان خليفي جي رڳن ۾ آھستي آھستي داخل ٿيندو ويو ۽ خليفي جي ڦڦڙن تي اثر ڪندو ويو. تنهنڪري اڪثر بيمار رھڻ ۽ جسم ۾ زھر جي موجودگيءَ جي شڪ تي سندس خاص طبيب پيا معدو صاف ڪرڻ جون ڦڪيون ڏيندا ھئا.
حجاج جي چالاڪي، بنو اميه جي خلافت ختم ڪري ثقفي خلافت قائم ڪرڻ لاءِ سازش، فوج ۾ پنهنجا من پسند سپاهه سالار لڳائڻ، سنڌ جون واڳون بن قاسم حوالي ڪرڻ واري سموري سازشن جي پرک مخبرن ذريعي جڏهن خليفي ابو وليد تائين پھتي ته ھن ڪنهن بھاني سان حجاج کي گھرائي زھريلا انجير کارائي سِيئي تپ ۾ تڙپائي باهه ۾ ٽپو ڏياري مارائي ڇڏيو ۽ بن قاسم کي گرفتار ڪرڻ لاءِ فوجون سنڌ ڏانهن روانيون ڪيون جن بن قاسم کي ان وقت گرفتار ڪيو. جڏهن هو راجڪماريءَ کان بوڻينڊي جو سُر ٻڌي رهيو هو، راجڪماري عرب سپاهين کان پاڻ بچائنيدي سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو.
ناول ۾ تاريخي واقعن کي تمام مختصر ڪري تيزيءَ سان اڪلايو ويو آهي، ڪيئي ڪردار ايئن پيش ڪيا پيا آهن جيئن انهن کي هجڻ نه کپي تنهن هوندي به هي ناول عربن جي سنڌ تي انڌي ڪاهه جي بنيادي بائيوگرافي ته آھي ئي پر عربن جي عياشين، ڦرلٽ، مال غنيمت جي نالي تي ظلم زيادتين، عبرتناڪ سزائن جي نالي تي حيوانيت، جنسي لاڳاپن، شھوت ۽ حوس سان ٽمٽار حيرانگيءَ جو حدون ٽپائيندڙ ڪٿا به آهي، جيڪا ضمير کي جھنجھوڙي ٿي. ذھن کي لوڏي ٿي، دل کي ولوڙي ٿي ۽ من ۾ طوفان برپا ڪري ٿي. بلڪل ايئن ڄڻ عربن جي گھوڙن جون ٽاپون اسان جي سينن کي لتاڙي رھيون آھن.