ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن خلاف احتجاج

ڪجهه ڏينهن اڳ بيدرديءَ سان قتل ڪيل ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري آهي. هڪ پروفيسر جو قتل يقينن ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي رهيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي ۽ هتي ڪوبه ماڻهو محفوظ ڪونهي. ڇاڪاڻ ته قبيلائي تڪرارن سبب مارجي ويل ماڻهن جو ڪو داد فرياد ئي ڪونه ٿيندو آهي. جڏهن انصاف جي ڳالهه ٿيندي آهي ته جرڳو ڪري خون بخش ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙي ريت ڪئين زندگيون لڙهي وينديون آهن. جنهنڪري ملڪ ۾ انصاف عام ماڻهوءَ جي رسائي اڄ به مشڪل آهي. ڇاڪاڻ ته قاتل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انصاف فراهم ڪندڙ ادارن کان زور آهن. پر سنڌ ۾ هلندڙ احتجاجن جو سلسلو ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهي ته سنڌ واسي ڊاڪٽر اجمل ساوند جي خون سان انصاف چاهين ٿا ۽ اهي سنڌ ۾ پرامن ماحول جا گهرجائو آهن. ٻه ڏينهن اڳ به سنڌ جي مختلف شهرن احتجاج ڪيا ويا آهن.
پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لا حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي جي ضلعي صدر جان محمد جوڻيجو، رستم لاشاري، ناري تحريڪ جي صدر حاڪم زادي ٿيٻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريڊيو پاڪستان چوڪ کان پريس ڪلب تائين مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج ڪندڙن قبائلي جهيڙن ۽ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف نعرا پڻ هنيا. ٽنڊي محمد خان ۾ اقبال حاجاڻو جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي ھائوس کان ريلي نڪتي جيڪا پريس ڪلب اڳيان ختم ٿي. جيڪب آباد ۾ ترقي پسند ھائوس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو. قمبر – شهدادڪوٽ ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل تي حڪومتي خاموشي ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ محمد صادق لاشاري، اختر بليدي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهر جي سياسي اڳواڻن، ڊاڪٽرن، وڪيلن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سکر ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران محمد علي شيخ، نومي سنڌي، ظفر کوسو، ڪامريڊ واحد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، دادو ۾ ڪارڪن محبوب لاکير جي اڳواڻي ۾ رستن تي نڪري آيا. ٻئي طرف ڄامشورو، ميرپور ماٿيلو، نوشھرفيروز، ٽنڊوالھيار، بدين، چيلھار، نواب شاھه، ٺل، مٺي، سانگهڙ، ميرپورخاص، ٺٽو، سجاول، ملير، مٽياري، کوسڪي ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري پروفيسر اجمل ساوند جي خون سان انصاف جا مطالبا ڪيا ويا.
اسين سمجهون ٿا ته پروفيسر اجمل ساوند جي خون سان انصاف تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو، جڏهن سندس قاتل گرفتار ڪيا وڃن، نه رڳو گرفتار ڪيا وڃن پر انهن کي قانون موجب سزا پڻ ڏني وڃي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ننڌڻڪو ٿي قتل ٿيڻ جو سلسلو وڏي وقت کان هلندڙ آهي ۽ مقتولن جا وارث سدائين انصاف جي اوسيئڙي ۾ رهندا آهن پر انهن کي انصاف ڪونه ملندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پروفيسر اجمل جي قاتلن کي ترت گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button