گذريل ڏينهن ملڪي آئين جي سالگرهه هئي. ان ڏينهن اسان کي معلوم ٿيو ته اسان جو آئين اڌ صديءَ جو وقت گذاري چڪو آهي. هاڻي هن جا پنجاهه سال پورا ٿيا آهن. پر انهن پنجاهه سالن جي سفر ۾ اسان جي آئين کي ڪيتري تڪليف مان گذرڻو پيو آهي؟ جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ها ته ڪاغذن کي به ڪڏهن زبان ملي ها ته هو ٻڌائي سگهن ها ته پنجاهه سالن جو اهو سفر ڪيترو نه ڪٺن رهيو آهي.
پاڪستان جي آئين کي ڪيترا ڀيرا معطليءَ جي تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو آهي؟ ملڪي آئين کي ڪيترا ڀيرا ترميمن جا زخم لڳا آهن؟ اهو آئين جيڪو ملڪ کي هڪ سسٽم فراهم ڪري ٿو. اهو آئين جيڪو ملڪ کي قانون مطابق هلڻ جي لائق بڻائي ٿو. ان آئين جي آمرن ڪيتري نه توهين ڪئي آهي؟
درد جو اهو داستان تمام گهڻو طويل آهي. مشڪل اها آهي ته هن مهل تائين اسان جي آئين جي حصي ۾ ايل مشڪلاتون نه گهٽيون آهن. هن وقت جيڪو ملڪ ۾ سياسي بحران آهي، ان ۾ آئين جي حوالي سان به تمام گهڻا نقطا بحث جو موضوع بڻجي رهيا آهن. ملڪ ۾ هلندڙ سياسي بحران جهڙي ريت عدليا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو آهي ۽ عدليا جو مستحڪم وجود جهڙي ريت منتشر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان سان آئين جي مٿان سڀ کان وڌيڪ وزن آهي. ڇو ته هن وقت هر ڌر پاڻ کي آئين جو محافظ قرار ڏئي رهي آهي ۽ پنهنجي مخالفن کي آئين جو مخالف سمجهي ٿي. جڏهن ته آئين جي تشريح ڪرڻ جو فرض صرف ۽ صرف عدليا جو هوندو آهي. پر جڏهن عدليا ۾ هڪڙا منصف آئين جي تشريح هڪڙي طرح سان ڪن ۽ ٻيا منصف آئين جي وضاحت الڳ طرح سان ڪن ته اهڙي ماحول ۾ ملڪ جي اندر مونجهارو ڪيئن نه وڌندو؟
ملڪ ۾ سخت مونجهه آهي. هر شيءَ جي حوالي سان هڪ الڳ قسم جي ڪيفيت آهي. ڇو ته هر شيءَ غيريقيني ڪيفيت جي ور چڙهيل آهي. جڏهن ته آئين جي هوندي ان قسم جي صورتحال نه هجڻ گهرجي. اهو آئين ئي هوندو آهي، جيڪو ملڪن کي مونجهاري مان ڪڍي کين صحيح دڳ سان لڳائيندو آهي ۽ انهن کي ٻڌائيندو آهي ته ڇا غلط آهي ۽ ڇا درست آهي؟ پر اهو صرف ان حالت ۾ ممڪن آهي، جنهن حالت ۾ آئين آزاد هجي ۽ ملڪ جا سمورا ادارا ۽ سمورا ماڻهو آئين جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي حوالي سان پابند هجن. اسان وٽ عام ماڻهو ته ويچارو آئين ۽ قانون تي هلڻ جي لاءِ مجبور بڻايو ويو آهي. جڏهن ته طاقتور لاءِ ڪو به آئين ناهي. هن جي لاءِ ڪو به قانون ناهي. جيڪڏهن هن کي آئين مان ڪو فائدو حاصل ٿئي ٿو ته هو آئين کي تسليم ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن آئين به هن جي مفادن جي راهه ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي ٿو ته هو آئين کان ماوار فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن وقت اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي.
حڪومت جي پاران جيڪو قانوني سڌارن جو بل پيش ڪيو ويو، ان کي ايوان صدر پاران ان نوٽ سان واپس ڪيو ويو ته ان تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ حڪومت گذريل ڏانهن اهو بل گڏيل اجلاس مان پاس ڪرايو آهي. هاڻي ظاهر آهي ته ايوان صدر وٽ انڪار جي ڪا گنجائش باقي نه بچي آهي. ان حوالي سان اهو خيال به اچي ٿو ته جڏهن حڪومت کي معلوم هو ته انهن جي پيش ڪيل بل سان ايوان صدر ۾ ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو ته پوءِ اها فارملٽي ڇو ڪئي وئي؟ جڏهن آئين جي تي عمل نه ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي فائدي لاءِ آئين کان مٿڀرا رستا ڪڍڻا آهن ته پوءِ اجايا تڪلف ئي ڇو ڪيا وڃن؟ پاڪستان هن وقت تمام گهڻي مشڪل ۾ آهي. ڇو ته ملڪ جا مجموعي ادارا هڪ قسم جي گهڻ طرفي گهيري ۾ آهن ۽ اهي ادارا ان ڪري اهڙي حال کي پهتا آهن جو انهن پاڻ آئين جي پاسداري ڪرڻ ۽ آئين کي سڀ کان وڌيڪ احترام ڏيڻ وارو قانون ۽ انصاف وارو رستو ڇڏي ڏنو.
اسان جي ملڪ جي آئين جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو رهيو آهي ته جهڙي طرح ملڪ جي لاءِ هميشه اهو چيو ويو آهي ته ملڪ مشڪل موڙ تان گذري رهيو آهي، ساڳي طرح سان اسان آئين کي ڏکين حالتن مان گذرندي ڏٺو آهي ۽ اڄ به ڏسي رهيا آهيون. پاڪستان جو آئين اهو مظلوم آئين آهي، جنهن کي سدائين پنهنجن محافظن مان خطرو پيش ايندو رهيو آهي. اسان کي انهن محافظن جا نالا کڻڻ جي به ضرورت ناهي. ڇو ته هاڻي عوام ايترو هوشيار ٿي ويو آهي جو ان کي معلوم آهي ته ڪنهن ڪنهن آئين کي لتاڙيو آهي ۽ ڪهڙي طرح لتاڙيو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن لتاڙيو آهي؟
آئين جي آزاد وجود کي هن وقت به تمام گهڻو خطرو آهي. اسان عام طور تي اهو سمجهندا آهيون ته آئين کي تحفظ ڏيڻ واري قوت عدليا جي هوندي آهي. پر جڏهن عدليا ڪنهن وقت ”نظريه ضرورت“ جي ڪري مجبور ٿي پوي يا ڪنهن وقت عدليا جا حڪم عمل ۾ نه اچن ته ان صورت ۾ اهو عوام جو فرض هوندو آهي ته اهو پنهنجي آئين جو تحفظ ڪري. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان جي عوام هميشه پنهنجي ملڪي آئين جي عزت، آبرو ۽ هن جي وجود جي تحفظ لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. ڇو ته عوام جڏهن به ڪنهن آمريت سان ٽڪر ۾ ايندو آهي ته هو دراصل آئين جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪندو آهي. جمهوريت جو ٻيو ڪو مطلب ڪونهي. جمهوريت جو مطلب آهي، آئين جي بحالي!
آئين جي بحال ڪرڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي عوام جي تمام وڏي جدوجهد رهي آهي. جڏهن ملڪ جون ٻيون قوتون اهڙو اعزاز حاصل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهن. ڇو ته انهن جي مٿان ڪنهن نه ڪنهن وقت ۽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ آئين جي پائماليءَ جي تهمت لڳي آهي ۽ اها تهمت ايتري غلط به نه رهي آهي.
هن وقت جڏهن ملڪ ۾ مڪمل طور تي بحران ڇانيل آهي ۽ آئين جي آزاد روح مٿان پابنديون عائد ڪرڻ ۽ آئين کي پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ جون جيڪي به ڪوششون ٿي رهيون آهن، انهن جي هوندي جيڪڏهن اڄ به ڪا قوت پنهنجي ملڪ جي آئين جي اصل محافظ ٿي سگهي ٿي ته اها قوت صرف ۽ صرف عوام جي قوت آهي.
اقتدار پرست قوتون آئين سان سچيون ناهن. انهن کي صرف پاور گهرجي. جڏهن ته عوام کي معلوم آهي ته ملڪ کي آئين گهرجي. ڇو ته آئين هڪ روشني آهي. اسان جو قومي ۽ انفرادي سفر آئين کان سواءِ ممڪن ناهي. ان صورت عوام لاءِ سڀ کان اهم آئين جو تحفظ آهي.