سنڌ ۾ خودڪشيءَ جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿيندي پئي وڃي. خودڪشيءَ جي شرح ۾ هي خطرناڪ واڌ وڏي ڳڻتيءَ جو سبب ٿي رهي آهي. ڪالهه کان نوجوان زوهيب گوپانگ جي خودڪشيءَ جو ڪيس ميڊيا ۾ بحث هيٺ آهي. نوجوان زوهيب گوپانگ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي پنهنجي موجودگي ۽ مثبت رويي جي ڪري مشهور هو. هن نوجوان جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ انڪشاف ڪري رهيا آهن ته ڪجهه عرصي کان هو ڊپريشن ۽ پريشانيءَ جو شڪار هو، سوشل ميڊيا تي هن جي ظاهري طور خوش شخصيت جي باوجود زوهيب اندروني مونجهارن سان جهيڙيندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ نيٺ هن پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن جو ڪيس خاص طور نوجوانن ۾ ذهني صحت جي مسئلن لاءِ وڌيڪ شعور ۽ مدد جي ضرورت تي روشني وجهي ٿو.
ان مسئلي تي ڳالهائيندي نفسيات جي ماهر فرحت جوکيي ٻڌايو ته “خودڪشي هڪ پيچيده عمل آهي، جنهن ۾ ڪيترائي عنصر شامل آهن. جن ۾ ذهني صحت جي خرابي، سماجي ۽ معاشي دٻاءُ ۽ ماحولياتي عنصر شامل آهن. خودڪشي ڪندڙ کي مدد جي ضرورت هوندي آهي.”
بدقسمتيءَ سان زوهيب جو ڪيس ڪو اڪيلو ڪيس ناهي، سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي خودڪشيءَ جو شڪار ٿيا آهن، جن ۾ شاگرد، پروفيشنل، بيروزگار اقليتي برادريءَ سان تعلق رکندڙ عورتون ۽ مرد شامل آهن. هاڻي ته حالت اهڙي ٿي وئي آهي جو ٻار به خودڪشيون ڪري رهيا آهن. اهي سڀ ڪيس ٿلهي ليکي سماجي سهڪار جي کوٽ جو شڪار نظر اچن ٿا. سنڌ ۾ ذهني صحت جي خدمتن جي موجوده حالت پڻ ڳڻتي جوڳي آهي. جيتوڻيڪ سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي قائم ٿيل آهي، جنهن جي منظوري 2013ع ۾ سنڌ اسيمبلي ڏني هئي. ڪجهه تنظيمن پاران شعور پيدا ڪرڻ ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش باوجود، صوبي جي ڪيترن ئي حصن ۾ رسائي ۽ سٺي دماغي صحت جي خدمتن جي کوٽ نظر اچي رهي آهي.
ذهني صحت جي مسئلن تي اسٽگما پڻ ڪيترن ئي ماڻهن کي مدد طلب ڪرڻ کان روڪي ٿي ۽ مسئلي کي وڌايو ڇڏي. سماجي اڻ برابري، معاشي موقعن جي کوٽ، غربت، بد امني، سماجي قدر ۽ اصول، خاندان جون اميدون، ڪرپشن، بد نامي جو خوف، نااميدي ۽ مايوسي سڀ اهڙا عنصر آهن، جيڪي اجتماعي طور ماڻهن جي ذهني صحت جي بگاڙ جا سبب آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي ننڍڙي نويلا کي ماري پنهنجن هٿن سان پوري ڇڏيو هو.
ان کانسواءِ سوشل ميڊيا جي اڀرندڙ لهر سبب ذهني صحت تي پوندڙ اثرن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا سماجي ڳانڍاپي ۽ اظهار لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي. پر اها ئي سوشل ميڊيا، سماجي مقابلي بازي، گهٽ خود اعتمادي ۽ سائبر بلنگ جي احساسن ۾ پڻ حصو وٺي ٿي. اسان خودڪشيءَ ۾ پنهنجون زندگيون وڃائيندڙن لاءِ ماتم ته ڪريون ٿا پر حقيقت ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وڏي سانحي کي روڪڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن. عوام جي ذهني صحت کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان ڏس ۾ ذهني صحت جي خدمتن لاءِ فنڊ وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ ذهني صحت جي صورتحال جي نشاندهي ۽ انتظام ڪرڻ لاءِ ماهرن کي تربيت ڏيڻ ان کانسواءِ ذهني صحت جي مسئلن لاءِ مدد طلب ڪرڻ جي اهميت بابت آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اسڪولن، آفيسن ۽ گهرن ۾ به اهڙو مددگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جتي ماڻهو پنهنجي ذهني صحت جي مسئلن تي آرام سان بنا ڪنهن خوف ۽ اسٽگما جي بحث ڪري سگهن.
سنڌ جي عوام جي ذهني صحت تمام ڌيان طلب معاملو آهي، ڇو ته جنهن سماج جي ذهني صحت ئي خراب هوندي، اهو ڪهڙي ريت سماجي، معاشي ۽ ثقافتي ترقي ڪري سگهندو. وڌيڪ جانين جي نقصان کان روڪڻ لاءِ مددگار ۽ لچڪدار سماج جي ضرورت آهي.