دنيا ۾ ڪو ملڪ ڪيترو به ترقي يافته ڇو نه هجي پر ان جا به سماجي ۽ نفسياتي مسئلا ضرور هوندا آهن، جيڪي اتان جي سماج جي ڀڃ ڊاهه جو ڪارڻ ٿيندا آهن. انهن مسئلن کي منهن ڪيئن ڏجي ۽ انهن مان پار ڪيئن پئجي اهو سوچڻ اتان جي ماڻهن جو ڪم آهي. آمريڪا هن وقت دنيا جو سپر پاور ملڪ سمجهيو وڃي ٿو پر ائين ناهي ته اتي هر معاملو سٺو آهي ۽ جيڪي ڪجهه اسان کي بهتر نظر اچي ٿو، اهو واقعي به بهتر آهي. تازو آمريڪي سماج سياسي طور ڊونلڊ ٽرمپ جو تجربو ڪيو آهي، جهڙي ريت پاڪستان ۾ عمراني تجربو ڪيو ويو. انهن ٻنهي سياسي تجربن ۾ ڪئين هڪجهڙايون آهن. ٽرمپ آمريڪي سياسي نظام ۾ هڪ اهڙي صدر طور متعارف ٿيو، جنهن جي صدر ٿيڻ جا امڪان بنهه ڪونه هئا. اهڙي ريت عمران خان نيازي به هڪ اهڙي سياستدان طور سامهون آيو، جنهن لاءِ اڳواٽ ڪئين بندوبست ڪيا ويا هئا ۽ اهي سڀ بندوبست هتان جي “ڪمپني بهادر” ڪيا هئا.
ٽرمپ هليو ويو پر هن جيڪو نقصان آمريڪي سياسي ڍانچي کي ڏنو، ان جو پورائو اڃا تائين ڪونه ٿي سگهيو آهي. ساڳي ريت عمران خان نيازي به اقتدار مان تڙجي ويو پر هن ملڪي معيشت ۽ سياسي ادارن کي جيڪو نقصان ڏنو، اهو اڃا تائين پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي. آمريڪا ۾ رهندڙ ڪي صحافي ۽ دانشور آمريڪا جي هاڻوڪي دور کي سياسي تبديليءَ سان ڀيٽين ٿا. اها سياسي تبديلي هڪ ته انهن ڊونلڊ ٽرمپ جي شڪل ۾ ڏٺي پر ٻيو ان کان پوءِ جو بائيڊن انتظاميا وارو دور آهي، جنهن ۾ اهي سياسي تبديلي ڏسي به رهيا آهن ۽ محسوس پڻ ڪري رهيا آهن. آمريڪي سماج ۾ جيڪو خوف اڃا تائين به موجود آهي، ان بابت ماڻهو ڳالهائين ٿا ۽ پنهنجا رايا پڻ پيش ڪن ٿا. جيئن بينجامن ڪربلي ان تي هڪ سيشن ۾ ڳالهايو هو.
بينجامن ڪربلي هڪ ڪميونيڪشن ماهر، ڪميونٽي ايڊووڪيٽ ۽ سياسي ماهر آهي. هن سينٽ پيٽرس برگ فلوريڊا جي ميئر لاءِ ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن وقت هو بي جي ڪي ڪنسلٽنگ جو پرنسپال آهي، اها هڪ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن فرم آهي. بينجامن ڪربلي بل ڪلنٽن واري دور ۾ وائيٽ هائوس ۾ پبلڪ افئير آفيسر طور به ڪم ڪندو رهيو آهي. هن جو ڪم آمريڪي سياست، وفاق، مقامي حڪومت ۽ ايڊووڪيسيءَ جي معاملن تي رهيو آهي، جتي هن ويهه سال ڏنا آهن. هو سمجهي ٿو ته آمريڪا هن وقت هڪ خوف مان گذري رهيو آهي. اهو خوف هڪ پاسي ڪوڙين خبرن جو آهي ته ٻئي پاسي سوشل ميڊيا جي غير ذميواراڻي رپورٽنگ جو آهي. کيس لڳي ٿو ته جيڪي ڪجهه آمريڪا ٻين ملڪن سان ڪندو رهيو آهي، ان جي ردعمل جو خوف ان کي وڪوڙي رهيو آهي. هو آمريڪا ۾ ٿيندڙ هاڻوڪي اٿل پٿل کي سياسي ٽرانسفارميشن سمجهي ٿو. ان دوران آمريڪا ڪورونا جهڙي وبا مان به گذريو آهي ۽ نفسياتي طور ماڻهو اڃا به ان وبا جي خوف ۾ ورتل آهن. مون کيس چيو ته ڇا ڪٿي آمريڪا لاءِ هاڻوڪو دور fear transformation جو ناهي. هن ان ڳالهه کي قبول ڪيو.
سوشل ميڊيا جتي هر سماج کي اظهار جي آزادي ڏئي ڇڏي آهي، اتي اها غيرذميوار رپورٽنگ جي به ذميوار آهي، جنهنڪري سماج ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو يا ڪا ڪوڙي خبر سوشل ميڊيا تي اچي ٿي ته ماڻهو ان کي ترت سچ سمجهڻ لڳن ٿا ۽ اهي سمجهن ٿا ته سچ اهو ئي آهي، جيڪو سوشل ميڊيا تي بيان ڪيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ به اخبارن جو حال هاڻ ساڳيو ناهي رهيو. ان ڪري خبر جي تصديق ٿيڻ تائين ماڻهو ان ڪوڙ کي سچ سمجهي ٻائتيال مچائڻ لڳن ٿا، جيڪو حقيقت کان گهڻو پري هوندو آهي. ڪربلي جو خيال آهي ته جيستائين ماڻهن کي سچي خبر يا حقيقت تائين رسائي ناهي تيستائين ان خوف کي ختم نٿو ڪري سگهجي.
هو 9/11 واري واقعي جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن آمريڪي سماج کي نفسياتي طور ڌوڏي رکيو هو. ان کان پوءِ افغانستان جي جنگ جنهن ۾ آمريڪا کي سوڀ نصيب ڪونه ٿي ۽ ماڻهو سوال ڪن ٿا يا انهن جي ذهنن ۾ اهو سوال پڻ جنم وٺي ٿو ته ڪٿي ان جو ڪو ردعمل ته آمريڪا ڏانهن ڪونه ايندو. ڪو اهڙو واقعو جيڪو انساني زندگين لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿئي. ان کانسواءِ ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ جيڪا سياسي غيريقيني پيدا ٿي آهي يا وري ڪارن جي زندگين بابت جيڪا مهمBlack Live Matter هلي هئي، جنهن جا پوسٽر هر شهر ۾ اڃا تائين به نظر اچن ٿا. ان بابت عام آمريڪي شهري هڪ خوف مان گذري رهيو آهي. اهو خوف انهن سياسي فيصلن جي ڪري پيدا ٿيو آهي، جيڪي آمريڪا جي هر سياسي انتظاميا مختلف دورن ۾ ڪيا آهن.
هڪ خبر کان پوءِ ٻي خبر ۽ ان کان پوءِ ڪا نئين خبر آمريڪي سماج ۾ اٿل پٿل آڻي ڇڏيندي آهي. ماڻهو سچ ڄاڻڻ ته چاهين ٿا پر ان سچ تائين رسائي ڪافي ڏکي ٿي پئي آهي، ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا ماڻهن لاءِ گهڻيون پريشانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن پر هڪ آزاد سماج ۾ جتي اظهار جي آزادي لازمي هجي اتي ان کي روڪي نٿو سگهجي. ڪربلي ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ته جيڪي ڪجهه هن وقت ميڊيا ۾ ٿئي پيو يا سوشل ميڊيا وسيلي عام ماڻهن تائين پهچي رهيو آهي، اهو آمريڪي شهرين جي خوف کي وڌائي سگهي ٿو. هن جو خيال آهي ته اسان کي سياسي طور ڪي اهڙا فيصلا ضرور ڪرڻا پوندا جيڪي آمريڪي سماج کي ڪنهن ڊپ ۾ نه وڪوڙين پر ان کي خوف کان ڇوٽڪارو ڏيارين.
بينجامن ڪربلي سوشل ميڊيا جي ڪردار بابت ان خيال کي صحيح سمجهي ٿو ته في الحال ان جو ڪو به حل نظر نٿو اچي ته ان ميڊيا کي ذميوار ڪيئن بڻائجي. ڇو ته اها سڌي ريت حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ڪونهي ۽ عام ماڻهو ان کي جيئن چاهي ائين استعمال ڪري سگهي ٿو. تنهنڪري هو ان سوال جي جواب جي ڳولا ۾ آهي ته آمريڪي سماج ڪڏهن خوف کان آجو ٿيندو.