پاڪستان جي ٻين سمورن ادارن ۽ سرشتن جيان ئي هتان جو تعليمي سرشتو به انتهائي پٺتي پيل ۽ ناڪام آهي. سرڪاري پرائمري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن جو وڏو تعداد انتهائي غريب يا هيٺين وچولي طبقي جي ماڻهن جي ٻارن تي مشتمل هوندو آهي. انهن جي گهرن ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي ويندي آهي عام طور تي اسڪول اندر پڙهائيءَ جو ميڊيم اها ٻولي نه هوندي آهي. اهڙن ٻارن کي جڏهن اسڪول ۾ انگريزي، اردو، عربي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻي پوي ٿي ته اهي ويتر مونجهاري جو شڪار ٿي وڃن ٿا.
غريبن ۽ هيٺين وچولي طبقي جي ٻارن جي ابتڙ اميرن جي ٻارن کي گھڻيون رعايتون ۽ سهولتون مليل آهن. اهي ٻار گهر ۾ توڙي پنهنجي دوستن سان انگريزي ڳالهائيندا آهن. ٽي وي ڏسندا آهن. جديد قسم جون مشينون استعمال ڪندا آهن. جن ۾ سمارٽ فون ۽ ليپ ٽاپ وغيره شامل آهن. انهن کي نجي تعليمي ادارن منجهان تعليم حاصل ڪرڻ جي سهولت هوندي آهي. اهي مهانگي اڪيڊمي يا ٽيوشن سينٽر تان ٽيوشن وٺندا آهن. ان جي ابتڙ غريبن جا ٻارَ جنهن اسڪول ۾ پڙهندا آهن ان اسڪول جو نيڪال وارو سرشتو ئي خراب هوندو آهي. واش روم گندا هوندا آهن. بجلي ۽ پاڻي نه هوندو آهي. ايئر ڪنڊيشنر ته ٺهيو، پکو به نه هلندو آهي. تعليم جو معيار انتهائي گھٽ درجي جو ۽ پراڻو هوندو آهي. اهڙن ٻارن جي گهرن جي حالت به ساڳي هوندي آهي. جهڙو گهر تهڙو اسڪول. کين خوراڪ به اڌوري ۽ اڻ پوري ڏني ويندي آهي. جنهن ڪري سندن ذهني ۽ جسماني صحت متاثر ٿيندي آهي. سندن ذهني ڪارڪردگي ان سطح جي نه هوندي آهي جنهن سطح جي هئڻ گھرجي. سندن تعليمي ڪارڪردگي به متاثر ٿيندي آهي. ٻيو ته ٺهيو پر انهن منجهان اڪثر ٻارن کي جوان ٿيڻ ۽ پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان گھڻو اڳ ئي پنهنجي ڪٽنب جي مالي سهائتا ڪرڻ لاءِ، سندن آمدنيءَ ۾ پنهنجو حصو ڳنڍڻ لاءِ ڪو نه ڪو پورهيو ڪرڻو پوندو آهي. ان ڪري ضروري آهي ته سرڪاري اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي بهتر بڻايو وڃي. نجڪاريءَ جي نالي تي انهن کي وڌيڪ خراب نه ڪرڻ گھرجي نه وري اها سوچ اڳتي وڌائڻ گھرجي ته جيڪو ٻار امير پيدا ٿيو آهي ان کي مهانگي نجي تعليمي ادارن ۾ پڙهڻ جو حق آهي باقي ٻين ٻارن کي اهڙي سهولت نه ڏني ويندي. جيڪڏهن ڪو ادارو انتهائي ذهين ٻارن کي پڙهائي تيار ڪري ٿو ته ڪهڙو تير هنيائين. مزو تڏهن آهي جڏهن توهان اهڙن ٻارن کي پڙهايو جن کي پڙهائڻ ڏکيو آهي. پڙهندڙ کي خبر آهي ته ڪيڊٽ ڪاليج کان وٺي آئي بي اي تائين، آغا خان فائونڊيشن جي اسڪولن کان وٺي عبدالقدير خان جي نالي سان منسوب تعليمي ادارن تائين انتهائي مشڪل امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ئي ٻارن کي داخلا ملندي آهي. يعني انتهائي ذهين، لائق ۽ سڌريل ٻارن جي چونڊ ڪئي ويندي آهي. بعد ۾ سندن والدين کان لکين روپيا اوڳاڙي اهي ادارا دعوى ڪندا آهن ته انهن جي پڙهائيءَ جو سرشتو ۽ نظم و ضبط ڪيترو نه ڀلو آهي. يعني اهڙا ذهين ۽ لائق ٻارَ هاڻي انهن ادارن جي برانڊ جي مشهوريءَ جو ذريعو بڻبا آهن.
پاڪستان جي هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي ته رياست کيس تعليم ڏياري. اها تعليم ضرور معياري هئڻ گھرجي. اهو ذمو رياست جو آهي نجي ادارن جو نه. ان ڪري اهو ذمو سرڪاري تعليمي ادارن جو آهي نجي تعليمي ادارن جو نه. جيڪي تعليم ڏيڻ سان نه پر پيسا ڪمائڻ سان دلچسپي رکن ٿا. اسان جي معاشري ۾ تعليم ۽ صحت جي سهولت ڏئي پيسا وٺڻ وارو ڪاروبار انڊسٽريءَ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. والدين ۽ ٻارن کان پيسا اوڳاڙڻ جا ٽيوشن في کان علاوه به انيڪ رستا آهن. جنهن ۾ اسڪول جي ڪينٽين کان وٺي مختلف ڏڻَ ملهائڻ ۽ سير سپاٽي جي نالي تي اوڳاڙيل چندي واري اٽڪل بازي به شامل آهي.
ڏٺو وڃي ته شاگردن کي وڌيڪ پڙهائڻ ۽ سيکارڻ جو ڪم نوجوان استاد ڪندا آهن. پر اسان جو سرشتو وري اهڙو آهي جو اهو جهوني استادن کي وڌيڪ پگهار به ڏيندو آهي ۽ ڊپارٽمينٽل پروموشن به انهن جا وڌيڪ ٿيندا آهن. جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نوجوان استادن کي پگهار به وڌيڪ ڏيڻ گھرجي ۽ پروموشن به انهن جو ٿيڻ گھرجي. رواجي ۽ روايتي تعليم سان گڏوگڏ نوجوانن کي هنر مند بڻائڻ به انتهائي ضروري آهي. دنيا جي ڪنهن به ملڪ نوجوانن کي نظر انداز ڪري يا کين هنرمنديءَ کان پري رکي ترقي نه ڪئي آهي. پاڙيسري ملڪ چين کي ڏسون ته اتي به اسڪولن ۾ مختلف هنر سيکاريا ويندا آهن. اهڙا هنرمند ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ ئي مختلف قسم جون شيون تيار ڪري مارڪيٽ ۾ وڪڻندا آهن. اهڙين شين جي سڀ کان وڏي خريدار پاڻ رياست هوندي آهي. اهي ماڻهو پنهنجي ننڍڙين ڪوششن ذريعي ملڪي معيشت کي هٿي وٺرائي رهيا هوندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ اهو عمل ڪنهن حد تائين پنجاب ۾ جاري آهي پر رياستي سرپرستي اتي به ڪانه ٿي ملي. ماڻهو پنهنجي ليکي مختلف شيون ٺاهيندا ۽ وڪڻندا رهن ٿا.
جهڙي نموني سان اميرن لاءِ ٺاهيل اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ذهين ترين ٻارن کي پاڻ وٽ کڻي وٺنديون آهن جيڪي صحتمند به هوندا آهن ۽ ايترا آسودا به جو انهن تعليمي ادارن جون ڳريون فيون ڀري سگهن اهڙي نموني عالمي طور تي به هڪڙو رواج پئجي ويو آهي ته ترقي پذير ملڪن جا اهي ذهين ترين شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيڪي ڪنهن حد تائين پيسي وارا به آهن تن کي امير ترين ملڪن ڏانهن ڊوهي کڻي وڃجي. ان ڪري پاڪستان جهڙي ملڪن منجهان اهڙا ڪارائتا ٻارَ پهرين فرصت ۾ ڀڄي وڃي آمريڪا، يورپي يونين جي ڪنهن ملڪ يا پڇاڙي ايشيا جي ئي نسبتن سڻڀي ملڪ ڏانهن اڏامڻ چاهين ٿا. اتي وڌيڪ پڙهڻ، روزگار ڪرڻ يا ايتري تائين جو مزدوري مڙهي ڪرڻ کي به هن ملڪ ۾ رهڻ کان بهتر سمجهن ٿا. اسان جي ماڻهن کي سنڌ اندر نجي ٽي وي چينلن جي سموري سڌي سنئين نشريات جي ڊائريڪٽر واري نوڪريءَ کان وڌيڪ بهتر ڪينيڊا يا آمريڪا جي ٽيڪسي ڊرائيور واري نوڪري لڳي ٿي. ذهنن جي اهڙي لڏپلاڻ انهن غريب ملڪن کي انتهائي نقصان ڏئي رهي آهي جيڪي انهن ذهين ترين ٻارن کي پاڻ وٽ نه ترسائي سگهيا. جڏهن ته ميزبان ملڪن کي انهن جي ڪري تمام گھڻو فائدو پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهي ٻارَ پنهنجي ملڪ اندر انتهائي ذهين ۽ قابل ٻارَ هئا جن جو قدر نه ڪيو ويو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪانامڪس جي تازي رپورٽ موجب ملڪ اندر گريجوئيشن مڪمل ڪندڙ نوجوانن منجهان 31 سيڪڙو بيروزگار آهن. اهڙيءَ ريت يونيسڪو جي ايگزيڪيوٽو ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان منجهان ماهرن جي ملڪ ڇڏڻ جو تناسب 1990 واري ڏهاڪي ۾ 6.1 سيڪڙو ۽ 2020 ۾ 13.1 سيڪڙو هو جيڪو هاڻي 50 سيڪڙو ٿي ويو آهي. ان ڪري جيڪڏهن رياست اهڙن مايوس نوجوانن لاءِ اميد جو ڪو ڏيئو ٻارڻ ۾ ائين ئي ناڪام رهي ته پوءِ پاڻ رياست جو به الله واهي آهي.