ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪيفي ادب: هڪ جائزو

Editorial-Article- Qazi GM

سنڌ ۾ ناول لکڻ جو سفر اڳيان وڌي رهيو آهي. ناول هاڻ جھٽ پٽ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچن پيا، اها سنڌي ادب جي سوڀ آهي پر ان ناول نگاري معيار ۽ ان جي اهميت تي تنقيدي جائزو پيش ڪري ناول نگاريءَ تي وسيع نظر سان تجزيو ڪرڻ وارا گهٽ ادبي ليکڪ ملن ٿا. ناول لکڻ يعني پنا ڀرڻ مسئلو ناهي پر ان ناول سان نڀائڻ ۽ ڪردارن کي پنهنجي اصلي جوهر ۾ کڻي هلڻ اصل تخليق جو امتحان آهي. ڪيفي ادب ناول هن سال ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ليکڪ ان کان اڳ هڪ ناول “ڪووڊ-19” لکيو آهي، جيڪو پڻ پنهنجي منظرنگاري ۽ پلاٽ توڙي ڪردار ۾ اهميت رکي ٿو. بنيادي طور ڪيفي ادب هڪ اهڙو ناول آهي جيڪو ادبي مافيائن، تخليقي ادب جي دفاع، ڪهاڻين جي اهميت ۽ انهيءَ سان گڏ انهن ادبي ليکڪن جي تعصبن ۽ نفسياتي پاسن کي پڌرو ڪري ٿو، جيڪي نج سنڌي سماج جو حصو آهن.

ليکڪ ناول جي شروعات هڪ اهڙي منظرنگاريءَ کان ڪري ٿو جنهن ۾ وجودي بحران، ويڳاڻپ، هڪ تخليقڪار جي پيڙا ۽ سندس زندگيءَ جي انهن سڀني رخن کي بيان ڪري ٿو جيڪي نج اسان کي حقيقي زندگيءَ ۾ ملن ٿا. حقيقي ادب سماج جو اصلي عڪس آهي جنهن ۾ شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول ذريعي به ليکڪ فڪشن ۾ بيان ڪري ٿو.

ناول جو مک ڪردار آدرش آهي، جيڪو هڪ ڪهاڻيڪار آهي. انهيءَ سان گڏ introvert  ذهنيت جو مالڪ آهي، آدرشي، وجودي بحران، غربت، سماج جي منافقت کي منهن ڏيندڙ آهي. مافيائن جا ڪيترائي ئي قسم هوندا آهن جن ۾ ادبي مافيائون به هونديون آهن. آدرش ادبي مافيائن کي للڪاريندڙ آهي. هي ناول حيدرآباد جي هڪ فليٽ کان شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ آدرش جي زندگي جو هڪ خاڪو پيش ڪيو ويو آهي، آدرش هڪ ڪهاڻيڪار آهي، هو اخبار ۾ ڪالم نويسي به ڪري ٿو. هو ڊائجسٽي لکڻين جو نقاد به آهي ۽ انهي سطحي جملي بازيءَ کي ادب جي صنف ۾ اهم نٿو سمجهي. فليش فڪشن جنهن ۾ سو لفظن يا ڪجهه مخصوص لفظن جي جوڙيل لکڻين کي هو ڪهاڻين سان ناانصافي چئي ٿو.

آدرش جهڙا ڪردار اسان جي سماج جو حصو آهن. آدرش هڪ Trauma مان گذري ٿو جيڪو هن جي زندگيءَ کي کائي ٿو. ناول نگار هڪ واقعو به پيش ڪري ٿو، جيڪو لساني پس منظر ۾ آهي. آدرش جو ڀاءُ قتل ڪيو وڃي ٿو جيڪو آدرش جي سامهون دم ڏي ٿو. اهو خيال جنهن تي سندس ڀاءُ ان کي چئي “ڀڃ هتان ڀڃ” اهو خواب آڌرش کي بار بار پيڙا ۾ وجهي ڇڏيو، آدرش جو دوست دلبر جيڪو هن کي ڏکي سکئي وقت ۾ مالي توڙي نفسياتي طور تي سهارو ڏي ٿو. آدرش جو گذر سفر اخبار جي ڪالم نويسيءَ تي آهي، جيڪا ڪجهه عرصي کان پوءِ آدرش جا ڪالم ان بنياد تي ڇپڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ٿي جو آدرش ڪنهن مخصوص ادبي سنگت جيڪا آدرش خلاف آهي. ان تي ٻه اکر تعريف نه لکڻ جي ڪري ٽارچر ڪري ٿي. لاجواب هڪ عورت اديب آهي، جنهن سبب آدرش گهڻو ڪجهه ڀوڳي ٿو. ڇاڪاڻ ته آدرش هڪ ڪهاڻيڪار هئڻ جي ناتي سطحي ۽ پنهنجي پاڻ کي پڏائڻ وارن کي مختلف نظر سان ڏسي ٿو.

پر بعد ۾ اها ئي لاجواب آدرش لاءِ “لاجواب” ٿي وڃي ٿي. ليکڪ ناول کي گهڻو طويل نه ڪري سگهيو آهي، گهڻا ئي ڪردار جنهن تي بهتر انداز سان ڳالهائڻ جي ضرورت هئي جنهن ۾ انهن ڪردارن جا نفسياتي لاڙا ۽ جنسي خواهشون هڪ انداز سان دلچسپ ڏسڻ ۾ ملن ٿيون. مثال طور هڪ ڪردار سڪايل جيڪو لاجواب ڪردار سان مهاڏو اٽڪائيندي ئي جنسي طور متحرڪ ٿئي ٿو ۽ انهي جي استعمال ٿيل ٽشوز کي پنهنجي انگ سان مهٽي پنهنجي اندر کي ڀرپور نموني تسڪين ڏي ٿو.

جيڪو نج نفسياتي اصلاح ۾ fetishism جو شڪار لڳي ٿو. اهڙا ڪيترا ئي ڪردار جيڪي ڪيفي ادب ۾ ناول کي جوڙي رکن ٿا. جنهن اي بي سي جيڪو هڪ انسان دوست آهي جنهن کي آدرش متاثر ڪري ٿو. آدرش جو دوست دلبر جيڪو کيس ڏک سک ۾ مدد ڪري ٿو. انساني زندگي هڪ ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ليکڪ سڀني پس منظرن کي وقفي وقفي سان بيان ڪري ٿو. 1971 واري جنگ جي تاريخ، حيدرآباد جي پراڻي شهر جو تصور ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪي اسان جي روزمرہ سرگرمين ۾ ڌولابي ۽ ٻٽا معيار ڏسڻ ۾ اچن ٿا، يعني بصري دنيا ۾ هڪ ۽ حقيقي زندگيءَ ۾ مخلتف ٿي ڪري ماڻهو پيش اچن ٿا.

ڪيفي ادب جو مرڪزي نقطو ادب جي دفاع آهي. بقول منٽو جي ته ادب فحش ناهي ٿيندو. ادب ادب آهي. جيڪڏهن ڪهاڻين ۾ اخلاقي ٻوليءَ کي فوقيت ڏيڻي هجي ته پوءِ ڪهاڻي نه چئبي.

هڪ ليکڪ جڏهن غربت جهڙي عذاب مان گذرندو آهي، جڏهن ڏوڪڙ انهيءَ کي للڪاريندا آهن ڪنهن بيماري يا مجبوريءَ ۾ تڏهن ان جي تخليق ۾ ان جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندي آهي. آدرش غربت جي بدحاليءَ مان گذرندي پنهنجي ماءُ ڪي بيماري عيوض پنهنجي ادبي پورهيي کي وڪرو ڪري ٿو. اڄ ڪلھه جي زماني ۾ پليجرزم عام جام آهي. ڪيترائي اڌ-پڙهيل ماڻهو پنهنجي نالي ته ٻين جون تخليقون ڇپرائيندي دير ناهن ڪندا. آدرش اڪيلائيءَ جي ان لهه وچڙ ۾ ماڻڪ سان ڳالهائيندي سندس ناول پنهنجي هنج ۾ رکندي پنهنجي ڪهاڻين کي مجبوريءَ ۾ ڪمرشلائيز ڪري ٿو پر هڪ ڪردار ڊاڪٽر رجب نالي جيڪو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي تجربا ڏسي ٿو. آدرش کي حوصلو ڏي ٿو. آخر ۾ لاجواب آدرش جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”ڪيفي ادب“ پنهنجي نالي نٿي ڇپرائي بلڪه اهو ڪتاب آدرش جي نالي سان ئي ڇپجي پڌرو ٿئي ٿو، جيڪو آدرش لاءِ هڪ سرپرائيز هوندو آهي.

ڪيفي ادب ناول ۾ ليکڪ ادب جي آزاديءَ جي ترجماني ڪري ٿو. هڪ ليکڪ يا اديب ان خيال بلڪل پابند ناهي ته اهو فقط ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ لکي. آدرش ان ڳالهھ تي زور ڀري ٿو ته ادب جو اهو ڪم ناهي ته رڳو ماڻهن کي اصولن جو پابند يا اخلاقي رهنمائي ڪندڙ هجي. ادب سماج جو آئينو آهي جيڪو فرد جي انفرادي ۽ اجتماعي پاسن کي وائکو ڪري ٿو ۽ ڪيفي ادب اديبن جي انهن لاڙن ۽ سنڌ سماج ۾ ڪهڙي قسم جي متڀيد ٿئي ٿي ۽ ڪهڙي ريت مثبت سوچ جا ماڻهو قربانيون ڏين ٿا ۽ انهي سان گڏ هڪ ڪهاڻيڪار جي زندگيءَ ڪهاڻي تي ناول آهي.

ناول ۾ آدرش جي مڪمل تعارف ڪو خال محسوس ٿئي ٿو. ناول جي شروعات توڙي انجام انتهائي زبردست آهي.

ڪجهه سٽون جيڪي هن ناول ۾ انتهائي بهترين لڳيون.

“هر ماڻهو اڪيلو آهي پر هر ڪنهن جي اڪيلائيءَ جو ڪارڻ پنهنجو پنهنجو آهي.”

“اسان لاءِ اهي سڀ ماڻهو گونگا آهن، جن لاءِ اسين اهم ڪونه آهيون.”

“جڏهن عورت جي سونهن موڪلائي ويندي آهي ته پيريءَ جي ڳڻتي کيس ڏينهون ڏينهن وڌيڪ پوڙهو ڪندي رهندي آهي.”

“جنگ انسان کائيندي آهي، ڌرتيءَ ڳڙڪائيندي آهي. زمين کي رت سان ريٽو ڪندي آهي ۽ هر جيو کي تباهه ڪندي آهي.”

“اسان جا اديب دب کي ڪنڊوم پرائڻ جي چڪر ۾ آهن.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button