سنڌ ۾ بد امني خلاف ٿيندڙ احتجاج ۽ مظاهرا ڄڻ حڪومت جو ڌيان ڇڪائين ئي نٿا. سنڌ ۾ اغوا، ڦرون ۽ ڌاڙن جو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي. اهڙي ريت شهرين کي قتل ڪرڻ جو سلسلو به هلندڙ آهي. جڏهن ته عوام سدائين اهو چاهيو آهي ته سنڌ جي هر شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هجي ته جيئن ڪنهن به قسم جي اڻوڻندڙ صورتحال پيدا نه ٿي سگهي. پر هيستائين اهڙو ڪجهه به نه ٿي سگهيو آهي. نتيجي ۾ بد امنيءَ جي باهه هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين پکڙجڻ ۾ دير نٿي ٿئي، تنهنڪري حيدرآباد به بد امنيءَ کان بچيل ڪونهي. ڪڏهن ڪو شهري اغوا ٿئي ٿو ته ڪڏهن وري قتل ٿي ويندو آهي، ڪالهه به اهڙي ئي هڪ خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن کي پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حيدرآباد ۾ بد امنيءَ جي باهه جهڪي ڪونه ٿي آهي. هٽڙي وٽ اڳوڻي يوسي چيئرمين ۽ پ پ اڳوڻ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي.
حيدرآباد ۾ هٽڙي وٽ هٿياربندن اڳوڻي يوسي چيئرمين ۽ پ پ اڳواڻ ذوالفقار شاهه عرف ڪامل شاهه کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. هٽڙي با پاس وٽ موٽرسائيڪل تي سوار 2 هٿياربندن گوليون هڻي 50 ورهين جي ذوالفقار شاهه عرف ڪامل شاهه کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. قتل واري واقعي کان پوءِ ڳوٺاڻا ۽ پ پ ڪارڪن وڏي انگ حيدرآباد سول اسپتال پهچي ويا. پوسٽ مارٽم کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. قتل جو واقعو روزو کولڻ کان اڳ ۾ پيش آيو، مقتول هٽڙيءَ جو اڳوڻو يوسي چيئرمين ۽ مقامي پ پ اڳواڻ ٻڌايو پيو وڃي. ان ڏس ۾ ايس ايڇ او هٽڙي ڪاشف گاڏهي ٻڌايو ته پ پ اڳواڻ ڪامل شاهه جي قتل واقعي جي جاچ ڪريون پيا. هو نئين ٺًاهيل گهر ڏانهن ڪار ۾ آيو پئي ته هٿياربند کيس قتل ڪري فرار ٿي ويا. هن چيو ته جوابدارن مقتول تي 8 فائر ڪيا، جنهن ۾ مقتول کي ٻه گوليون لڳيون، باقي 6 گوليون ڪار کي لڳل آهن. هڪ گولي دل مان آرپار ٿي وئي، هڪ گولي هيٺ لڳي آهي. هن چيو ته قاتل ترت گرفتار ڪيا ويندا، قتل جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نظر ڪونه پئي اچي. پوليس جو ڪم آهي ته اها هر شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکي، ڇاڪاڻ ته پوليس جو ڪم عوام جي جان مال جي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي. پوليس جيڪڏهن شهرين جي حفاظت نٿي ڪري سگهي ۽ امن امان جي صورتحال کي بهتر نٿي ڪري سگهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته پوليس پنهنجو ڪردار سٺي نموني ڪونه نڀائي رهي آهي ۽ اها شهرين جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان واقعي جي هر پاسي کان جاچ ڪئي وڃي ۽ جيڪي ماڻهو به ذوالفقار شاهه جي قتل ۾ ملوث آهن، انهن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي.