ملڪ جو سياسي تاڃي پيٽو، ڀورا ڀورا ٿي چڪو آهي، ڪا به سياسي اتفاق راءِ نظر نٿي اچي، نه فقط سياسي قيادت پر واڳ ڌڻي به ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهايل آهن. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جو مستقبل ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ان جو اندازو لڳائڻ ڪو مشڪل ڪم ناهي. ان حوالي سان سياسي نظريي دان، روشن خيالي جي اهم اهڃاڻ ۽ آمريڪي بحرانن کي ويجهو کان ڏسندڙ فلسفي ٿامس پين(Thomas Paine) جي تعليم مان سبق پرائي سگهجي ٿو. هي اهو فلسفي آهي، جنهن سياست توڙي فلسفي ۾ Common Sense جي سوچ متعارف ڪرائي هئي. هن جو چوڻ هو ته Lead, follow, or get out of the way (اڳواڻي ڪريو، پوئواري ڪريو يا ميدان ڇڏي ڀڄي وڃو). هن اصل ۾ گڏجي رهڻ واري سوچ کي اڳتي وڌايو هو، هن گهٽ ۾ گهٽ عمران خان جهڙن سولو فلائيٽ ڪندڙن لاءِ اهڙي ڪابه ڳالهه نه لکي هئي.
اسان وٽ سماج جي ڪيترن ئي حلقن سياسي گرمي پد کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ ان حوالي سان اهڙا سياسي ڏاهپ رکندڙ ڪردار به سامهون آيا، جن سياسي قيادت تي زور ڀريو ته انهن وٽ ڳالهين جي سياست کانسواءِ اڳتي وڌڻ جو ڪوبه گس ناهي. پر هڪ ڌر، هميشه انا جو مظاهرو ڪيو ۽ ان کي پاڻ کانسواءِ ڪوبه سياسي اڳواڻ ان جي اهل نظر نه آيو ته ٽيبل تي ويهي ڳالهيون ڪري بحران مان نڪري سگهجي. هڪ ڌر اتحادي حڪومت کي دٻاءُ ۾ رکڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا، روڊن ۽ رستن جي سياست کان وٺي، واڳ ڌڻين جي طاقتور حلقن جي ذريعي سياسي قيادت کي مجبور ڪيو ته اها گوڏا کوڙي پر ناڪامي کانسواءِ ڪجهه به نه ٿيو. ڪجهه حلقن ته ملڪ جي اعليٰ عدالت جو ڪلهو به استعمال ڪيو ۽ ان حوالي سان فيصلا موجود آهن. سپريم ڪورٽ جا فيصلا به زميني حقيقتن جي ابتڙ سمجهيا ويا، انڪري جماعت اسلامي جو امير سراج الحق ميدان ۾ آيو. هن پهرين عمران خان سان ڳالهين لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ ان کانپوءِ لاهور ۾ وزير اعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ته جيئن ملڪ جي سياسي بحران کي ٽاري سگهجي. ان کان اڳ ۾ حڪومت توڙي مخالف ڌر اعلان ڪري چڪيون هيون ته هو ڳالهين لاءِ هڪ ٽيبل تي نه ويهنديون. ماضي ۾ سياسي قيادت کي هڪ هنڌ ويهارڻ جي صلاحيت جهوني سياستدان نوابزادي نصرالله خان ۾ هئي، پر ماضي قريب کان اهڙو ڪو به شخص نه بچيو آهي، جيڪو سياسي اسٽيرنگ کي موڙي سگهي.
حڪومت مخالف عمران سمجهيو پئي ته مختلف ادارن اندران کيس ايتري حمايت حاصل آهي جو هو اتحادي حڪومت کي مجبور ڪندو ته اها سندس شرطن تي عام چونڊون ڪرائيندي. هن ان مقصد لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي جون اسيمبليون ٽوڙيون ۽ احتجاج منظم ڪيا. ان جو نتيجو هي نڪتو ته عمران خان کي گوليون لڳيون ۽ هينئر به صورتحال انتهائي ٻڏتر واري آهي. هينئر جماعت اسلامي جي امير، سياسي قيادت ۾ سرچاءُ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، ان حوالي سان اڳ ئي اتحادي حڪومت جي اهم پارٽي، پ پ جي قيادت ته ڳالهين لاءِ ڪميٽي به جوڙي چڪي آهي، جنهن ڪجهه سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. ان سان گڏ وڪيل ڪميونٽيءَ جي انتهائي سينيئر عهديدارن سان به ملاقاتون ڪيون ويون. ان سان گڏ دانشورن ۽ ليکڪن جي هڪ گروپ به سرچاءُ لاءِ ڪوششون ورتيون، پر حڪومتي اتحاد اهو چئي عمران خان سان ڳالهين کان انڪار ڪيو هو ته هو پنهنجن شرطن تحت حڪومت کي ڳالهين لاءِ مجبور ڪري رهيو آهي. عمران خان ڪڏهن واضح ته ڪڏهن وري ٻڏتر واري سوچ کي اپنائيندي چئي رهيو هو ته هو فقط عام چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ به ساڳي نوعيت جون ڳالهيون ڪندا رهيا، پر ڪنهن به سنجيدگيءَ جو مظاهرو نه ڪيو. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته جماعت اسلامي به عمران خان جي سوچ جي ويجهو رهي آهي، انڪري ان پارٽي کي اشاري ذريعي چيو ويو ته اها اڳتي وڌي.
هينئر به وزير اعظم ۽ جماعت اسلامي جي امير ۾ ڪجهه معاملن تي اتفاق مس ٿيو آهي، پر ان حوالي سان آخري فيصلو ميان نواز شريف کي ئي ڪرڻو آهي. اتحادي حڪومت جي ٽين قوت جي يو آءِ فضل الرحمان آهي، جيڪا پڻ عمران خان جي سخت مخالف آهي، ان جو پس منظر به آهي، ڇاڪاڻ ته عمران خان پنهنجي دور ۾ مولانا فضل الرحمان تي ذاتي نوعيت جا حملا ڪيا، جنهن جو ردعمل به ايندو رهيو. اتحادين مان اڪثريتي پارٽيون ۽ اڳواڻ چاهين ٿا ته ڳالهين جي ميز تي ويهجي ۽ بحران جو ڪو نه ڪو حل ڪڍي وٺجي.
پي ٽي آءِ، حڪومت سان سڌين ڳالهين جي هينئر به مخالف آهي، پر اها ٽين ڌر، جماعت اسلاميءَ جي ٽياڪڙيءَ ۾ معاملا طئي ڪرڻ گهري ٿي. هي سڀ ڪجهه اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي، جڏهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سياسي ۽ فوجي قيادت ڪيترن ئي معاملن تي هڪٻئي کي اعتماد ۾ ورتو آهي. فوجي قيادت جو هي چوڻ ته اها پارليامينٽ سان گڏ بيٺل آهي. ان اعلان ذريعي به عمران خان ۽ ٻين کي پيغام ڏنو ويو ته معاملو ايترو سادو ناهي، جيترو سمجهيو وڃي ٿو. ملڪ ۾ جنهن نئين فوجي آپريشن جو اشارو ڏنو ويو آهي، ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته مستقبل قريب ۾ عام چونڊن جا امڪان تمام گهٽ آهن. دهشتگردن خلاف آپريشن به پي ٽي آءِ سوچ جي خلاف آهن، عمران خان تي الزام لڳا آهن ته هو افغانستان مان دهشتگردن کي واپس وٺي آيو، جيڪي سياسي ۽ فوجي قيادت کي للڪاري رهيا آهن، انڪري هاڻ سيڪيورٽي توڙي سياسي قيادت اڳ بندوق بازن مان جان آجي ڪرائڻ گهري ٿي. جماعت اسلاميءَ جي امير جي ايتري سياسي Capacity به ناهي ته اها سياسي توڙي فوجي قيادت اڳيان بيهي سگهي يا وري سمورين ڌرين کي ڳالهين لاءِ مجبور ڪري سگهي. پر جهڙي قسم جي صورتحال آهي، ان ۾ اهڙي اڳڀرائي کي به گهڻي اهميت ڏني پئي وڃي. جيڪڏهن سياسي قيادت پوءِ اها اتحادين جي هجي يا پي ٽي آءِ جي، انهن جي سوچ کي پڙهي ان نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته ڳالهين جا امڪان گهڻا گهٽ آهن، پر هڪ ٽيبل تي ويهڻ کانپوءِ به هي ٻنهي ڌرين جي لچڪدار رويي تي هوندو ته اهي ڪهڙين پوائنٽس تي اتفاق ڪن ٿيون. جيڪڏهن هڪ ڏينهن اندر سموري ملڪ ۾ چونڊن تي اتفاق ٿئي به ته ان لاءِ ڪافي وقت گهربل هوندو. اهو به ممڪن آهي ته ٻئي ڌريون هڪ وچولي گس تي اتفاق ڪن. جيڪڏهن ڳالهيون شروع به ٿي وڃن ته تڪرار واري برف رجڻ شروع ٿي ويندي.