پنجاب پاڪستان جو اهو سياسي سج بڻجي ويو آهي، جنهن جي چوڌاري ملڪي سياست گردش ڪري رهي آهي. ڪڏهن اهو اعزاز سنڌ کي حاصل هو. ڪڏهن سنڌ پاڪستاني سياست جي سرواڻ هئي. سنڌ کي صرف اهو اعزاز نه هو ته هن قائد اعظم ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جهڙا مثالي سياستدان پيدا ڪيا. سنڌ کي ان تي به فخر رهيو آهي ته سندس عوام سياسي طور تي نه صرف باشعور رهيو آهي پر هن عملي طور تي اهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو پاڪستان جي ٻين قومن جي حصي ۾ هن مهل تائين نه اچي سگهيو آهي. اهو سنڌ جو عوام هو جنهن جنرل ضياءَ جي جبر جو ثابت قدميءَ سان مقابلو ڪيو. جنهن ايشيا جي ماڊل آمر سان ڪنهن به طرح جو سياسي ته ڇا پر سماجي سمجهوتو به نه ڪيو. جنرل ضياءَ نهن چوٽيءَ جو زور لڳايو پر هو سنڌ کي سياسي طور تي فتح نه ڪري سگهيو.
سنڌ جي سياسي شعور ۽ سياسي سگهه کي عالمي سطح تي پهريون ڀيرو تڏهن تسليم ڪيو ويو، جڏهن هن جنرل ضياءَ جي خلاف ڀرپور عوامي تحريڪ هلائي. سنڌ ۾ جنرل ضياءَ جي دور ۾ جيل سياسي قيدين سان ڇلڪندا رهيا. اها سنڌ هئي، جنهن جي ڪردار سبب ملڪ کي هڪ آمر مان نجات ملي. سنڌ کي جمهوريت جي سالار هجڻ جو اعزاز حاصل رهيو. اهوئي سبب هو ته جڏهن به راولپنڊيءَ ۾ ڪوئي سياسي پلان وجود ۾ آندو ويندو هو ته سڀ کان اڳ ۾ سنڌ جي ردعمل تي غور ۽ ويچار ڪيو ويندو هو. اهو هڪ ڪمال هو ته سنڌ زرعي دور مان گذرندي به پنهنجي سياسي شعور جي اهڙي ته آبياري ڪئي هئي جو اها قبيلائي سوچ جي محدود دائري کي پوئتي ڇڏي هڪ باوقار قومي ڪردار جي مالڪ بڻجي وئي هئي. ان سلسلي ۾ صرف جمهوريت جو نعرو هڻندڙ پارٽين جو ڪردار نه هو پر کاٻي ڌر جي ترقي پسند سياست جو مقدار ڀلي اٽي ۾ لوڻ برابر هجي پر ان جو معيار به اٽي ۾ لوڻ جهڙو هو. ليفٽ اهو لوڻ هو، جنهن کان سواءِ سياست جو دسترخوان ڦڪو ۽ بي ذائقا محسوس ٿيندو آهي.
سنڌ ۾ صرف سياست جو جوش نه هو پر سنڌ ۾ ادب جو به تمام گهڻو اوج رهيو. سنڌ ۾ جيڪو به ادب تخليق ٿيندو هو، ان ۾ تمام گهڻي طاقت به هئي ۽ ان جو روح مڪمل طور تي انقلابي هو. ان ۾ مردار معاشري جي خلاف سخت نفرت جو اظهار هو. ان ۾ سماج دشمن روين ۽ سوچن جي مٿان تمام گهڻي تلخ تنقيد ٿيندي هئي. اهو سنڌي ادب جو ڪمال هو، جنهن سنڌ ۾ ڀرپور وڏيراشاهيءَ جي هوندي اهو ڪم ڪيو جيڪو سياست به نه ڪري سگهي.
پاڪستان جي مختصر سياسي تاريخ ۾ سنڌ هڪ اهڙي جوهر جي مالڪ هئي، جنهن ۾ اڳتي وڌڻ جي صرف تمنا ئي نه پر طاقت به هئي ۽ سنڌ اهو ڪجهه ڪري ٿي سگهي جيڪو ٻين قومن جي لا مثال ٿيندو آهي. سنڌ ڀرپور انداز سان تيار هئي ته هڪ اهڙي انقلاب کي جنم ڏئي، جيڪو هن جي قومي ۽ عوامي وجود جي طاقت کي نه رڳو مڃرائي پر پنهنجي عوام کي سک ڏئي. عورتن کي برابريءَ جو حق عطا ڪري. ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائي. ماحوليات جو تحفظ ڪري. هڪ پرامن ۽ انصاف واري معاشري جي تشڪيل لاءِ سنڌ بلڪل تيار هئي پر ڇا ٿيو؟ پوءِ ڪنهن ذليل سازش سبب سنڌ ان انقلابي دور کي جنم ڏئي نه سگهي. سنڌ جو اهو تاريخي ڳرڀ ضايع ٿي ويو. ڪوئي ڇا به چوي ته پر سنڌ جو باقي بچيل شعور اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته اهو عمل مس ڪيريج (Miscarriage) وارو هو. اهو ابارشن (Abortion) هو. سنڌ جي ڪک مان انقلاب جو ٻار ڪيرائڻ ۾ انهن قوتن جي سازش شامل هئي، جن کي خوف هو ته سنڌ انهن جي غيرعوامي، غير جمهوري ۽ جابر وجود تي تهس نهس ڪري ڇڏيندي.
سنڌ جڏهن سياسي عروج جي علامت هئي. سنڌ هاڻي سياسي زوال جو مثال بڻجي وئي آهي. سنڌ جي سياسي تباهي ۽ برباديءَ سبب نه صرف سنڌ جي وسيلن جي پهرين کان وڌيڪ ڀينگ ٿي رهي آهي پر سنڌ جي تعليم تباهيءَ جو شڪار آهي. سنڌ جي سياسي زوال جو سڀ کان وڏو ڪيتو سنڌ جو اهو سماج ادا ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سياست جمهوري ڌارا کان نڪري وري ڪڙم، قبيلي ۽ ذات پات واري سسٽم جي ور چڙهي مخصوص وڏيرن ۽ سردارن جي بنگلن تائين محدود ٿي وئي آهي.
سنڌ جي سياست سان ڪڏهن ڪتاب جو ساٿ هو ۽ اڄ سنڌ جي سياست مڪمل طور تي ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي. عوام جو سياسي ڪردار زيرو ڊگريءَ تان به هيٺ ڪري چڪو آهي. ان جي نتيجي ۾ هڪ لاپرواهه ۽ نااهل حڪومت جيئن چاهي ٿي.، تيئن سنڌ جو حشر نشر ڪري رهي آهي. سنڌ کي باوقار قوم ٿيڻ کان روڪي ان کي هڪ فقير ۽ پينو ٽولي ۾ تبديل ڪرڻ جي جيڪا سازش رچائي وئي آهي، ان جي نتيجي ۾ هر ڏينهن ڪو نه ڪو صدماتي واقعو رونما ٿيندو رهي ٿو.
اجمل ساوند جهڙي عاليشان شخص جو قبيلائي دشمنيءَ جي نالي ۾ قتل ڪو گهٽ سانحو آهي؟ هن وقت تائين سنڌ ان صدمي مان نڪري نه سگهي آهي ته ڪهڙي طرح فرانس مان پنهنجي ديس جي ترقيءَ لاءِ خواب کڻي ايندڙ هڪ عالم ۽ اسڪالر سرعام خون ڪيو ويو. هن جو قتل سنڌ کي تمام تڪليف ڏئي ويو پر هن مهل حشر اهو آهي ته اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ٿي نه سگهيا آهن. اهي ڪٿي آهن؟ ڪنهن جي پناهه ۾ آهن؟ ڪنهن کي ڪجهه به پتو ناهي. جڏهن ته سنڌ ۾ ايجنسيون جيتريون سرگرم آهن، ايتريون شايد ئي ڪنهن ٻي صوبي ۾ هجن پر ڪا قوت پتو نه ٿي ڏئي ته اجمل ساوند جا قاتل ڪٿي آهن؟
سنڌ ۾ پوليس جو حال تمام برو آهي. پوليس جي حالت اها آهي ته هر ڏينهن مٺ جيترا ڌاڙيل وڊيوز رڪارڊ ڪري قانون جو مذاق اڏاري رهيا آهن. اهي ماڻهن کي اغوا ڪن ٿا. اهي ڀنگ گهرن ٿا. اهي ڪچي ۾ قبضا ڪري ويٺا آهن. انهن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو راڄ قائم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. پوليس بنا تياريءَ ۽ بغير پلاننگ جي پنهنجا ڪجهه اهلڪار ٻيلن ۾ موڪلي ٿي ۽ سوشل ميڊيا تي انهن مسڪينن جا گولين سان پروڻ ٿيل لاش ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهو آهي حشر، قانون ۽ انصاف جو ان سنڌ ۾ جنهن کي ڪڏهن ملڪ جي سياسي راڻي سڏيو ويندو هو.
سنڌ ۾ قانون جي عدم موجودگيءَ سبب حال اهو ٿيو آهي جو تازو ساڳي برادريءَ سان تعلق رکندڙ ماڻهن بخشاپور ۾ گولين سان هڪ پنج ڪونڌر قتل ڪري ڇڏيا آهن. رستن تي رت جا دٻا نظر پئي آيا. انسان ڦتڪندا رهيا. پوليس ٿاڻي تي ويهي انتظار ڪرڻ لڳي ته جيستائين هٿيار ۽ زخمي ٺري مري وڃن، تيستائين چرڻو پرڻو ئي ناهي.
سنڌ جو اهو حال صرف ۽ صرف ان ڪري ٿيو آهي جو سنڌ ۾ سياست جو زوال اچي ويو آهي. سنڌ جي سياسي زوال جو ڪهڙو علاج آهي؟ ان سوال تي اسان سڀني کي نه رڳو سوچڻ گهرجي پر ان سوچ کي عمل ۾ آڻي سياسي سگهه ذريعي پنهنجي قومي ۽ عوامي وجود کي بچائڻ ۾ گهربل تاريخي ڪردار به ادا ڪرڻ گهرجي. قومي نجات جو اهوئي رستو آهي. اهو رستو جيڪو هن وقت پنهنجن مسافرن جي قدمن جو منتظر آهي.