ڪوبه انسان جڏهن ڪامِل قُرب جي ڪايا ۾ سمائجي ويندو آهي تڏهن سندس سمورو وجود لُطف جي لالاڻ سان رڱجي معرفت جي انهي مالها ۾ جڙجي وڃي ٿو، جنهن مالها جي هر موتيءَ ۾ هڪ ڪائنات هوندي آهي، هڪ زمانو پنهان هوندو آهي ۽ هر زماني کي پنهنجي پنهنجي خوشي توڻي پيڙاهه هوندي آهي.
اهڙي سفر ۾ جڏهن جڏهن به انهي انسان مٿان خاموشي، قطب تاري جي روشنيءَ جيان، وصل – فراق جي واٽ ۾ وسندي آهي، تڏهن انهي انسان جي وجود ۾ موجود ڪنهن نه ڪنهن محفل جو مڻيو وڄڻ شروع ٿيو وڃي ۽ انهي محفل سان منسوب ڪونه ڪو زمانو قديم لکت جيان ورق ورق ٿي سندس سامهون کلندو ويندو آهي، جنهن کان پوءِ اهو انسان سمورو ساز بڻجي ويندو آهي.
اهڙي ريت ڪالھه کان منهنجي وجود ۾ به جنهن محفل جا آلاپ آهن، سا آشرم جي اماوس جي رات واري اها محفل هئي، جنهن ۾ اٺاويهينءَ جي آسمان جا سڀئي ستارا مون پنهنجا ازلي سنگي محسوس ڪيا هئا ۽ اتي جيڪي به ڀڪشو ساٿي هئا، سي پڻ سڀ جا سڀ انسان جي شعوري ارتقا جو اهڙو آئينو بڻجي پيا هئا، جنهن آئيني ۾ سڀني کي فقط هڪ ئي صورت نظر ٿي آئي. ها اها صورت، جيڪا “صورتِ يار” هئي.
شعور جي اها ارتقا جيڪا ٻڌائي ٿي ته ڊهڻ کان سواءِ ٺهڻ ممڪن ناهي. جيسين جهنگ نٿو وڍجي، تيسين گُلاب جي پوکي نٿي ٿئي. ايئن انهي رات سمورن ڀڪشوئن تي اهو ئي ڊهڻ کان پوءِ ٺهڻ وارو اسرار عيان ٿيو هو ۽ سڀئي ان نئين لمحي ۾ ٻيهر ڄميا هئا.
جيتوڻيڪ مون کي اڄ ڏينهن تائين اها خبر ناهي ته ان لمحي ۾ موجود هجڻ وارن مان ڪيترن ان لمحي کي پاڻ ۾ سدا لاءِ سمائيو، البت منهنجي وجود ۾ اڄ تائين اهو لمحو ساهه کڻندو رهي ٿو.
انهي ئي سفر ۾ مون کي سُرخ گلابن جهڙي اها گهڙي به ته نٿي وسري، جڏهن هڪ شام بئنجو ۾ جذب ٿي، مون پهريون ڀيرو پنهنجي ذات کي ڪامِل سُر ۾ محسوس ڪندي معرفت جي محراب ۾ شڪر جو سجدو ادا ڪيو هو. جيتوڻيڪ مون ڪبير کان اهو اڳ به ٻڌو هو، جنهن ۾ ڪبير اهو سمجهائي ٿو ته “پريت نڀائڻ ۾ هنج سڀ کان وڏو مثال آهي. پوءِ ڀل جو کڻي ان کي پٿرن سان گذارڻو پئجي وڃي.” پر انهن هنجن کي ڪيئن ڳولجي؟ انهن کي ڪيئن سڃاڻجي؟ اها پروڙ مون کي ان ڪامل سُر سان شناسائيءَ کان پوءِ پئي ۽ اڄ ڏينهن تائين ان آلاپ کي آئون هڪ عظيم احسان طور ساهه سان سانڍي جيان ٿو. ان ڪيفيت کان پوءِ هاڻ بس هاڻ رڳو ساز آهي، ٻيو ڪجهه به ناهي. جي نه ته انهي ڪامل سُر جي معرفت کان اڳ مون پاڻ کي ڦِٽل کوھه پاسي ڀڳل گهڙي جيان ٿي محسوس ڪيو. پر شايد جيستائين ڪوئي ڊهي نٿو ته ٺهي به نٿو ۽ ڀڄي نٿو ته جُڙي به نٿو.
پر ڪامل سُر ۾ تحليل ٿيڻ کان پوءِ آئون نديءَ جي ڇولين مان ٻولڻ لڳس، وڻن جي ٽارين ۾ وڄڻ لڳس، ڌڻن جي ٽلين ۾ ٽُرڻ لڳس ۽ پکين جا ٻول ٿي ويس. خاموشي منهنجو ويس ٿي وئي ۽ درد منهنجو ديس ٿي ويو. پن ڇڻ ۾ پئي ڇڻيس ۽ بهارن ۾ ڦُٽس. رڻ ٿيس، درياهھ ٿيس، سِڪ ٿيس پوءِ ساهه ٿيس، گُل ٿيس پوءِ گاھه ٿيس. جهار ٿيس، ڳاهه ٿيس. بس ايئن جُهڙ ۾، ڪڏهن جَهپ ۾، ڪڏهن لُڙ ۾، ڌڌڙ ڌوڙئون ڌوڙ ۾ جوڳ جو ڪو گس ٿيس، وس ٿيس. لس ٿيس، روڳ ٿيس، رس ٿيس. سڙهه ٿيس، سيِر ٿيس. مَڪڙين جو مَک ٿيس، ڪيچ ٿيس، ڪنواٽ ٿيس. ڪيف ٿيس، ڪاڪ ٿيس. لِڪ ٿيس، هاڪ ٿيس، خاڪ ٿي پوءِ چاڪ ٿيس ۽ ايئن ئي هلندي هلندي ڪامِل قُرب جي قرار ۾، ڪنهن ڌوڙاٽيل ڌُن جي ڪنهن تار ۾ اڄ ڏينهن تائين ٿو وڄان.