هڪڙي پراڻي چوڻي آهي ته جڏهن جهاز ٻڏڻ وارو هوندو آهي ته سڀ کان پهريان ان منجهان ڪُوئا لهي ڀڄڻ شروع ڪندا آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جهاز جي ٻڏڻ جو هڪڙو وڏو سبب پڻ اهي ڪوئا ئي هوندا آهن، جيڪي عام ڏينهن ۾ جهاز سميت هر شي کي پيا ٽُڪيندا ڪُتريندا آهن. سياسي حڪومتن جي جهازن ۾ به اهڙا ڪُوئا سوار هوندا آهن جيڪي سڪون وارن ڏينهن ۾ پنهنجا مفاد پيا ماڻيندا آهن پر جڏهن گھوٽالو پيدا ٿئي، جڏهن حڪومت مسئلن جي ور چڙهي وڃي، جڏهن حڪومت جو خاتمو ويجهو هجي ته اهي ڪُوئا هڪ ٻئي پٺيان حڪومتي جهاز منجهان لهندا ويندا آهن. لڳي ٿو موجوده حڪومت جي جهاز ٻڏڻ جو وقت به ويجهو اچي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته سڀ کان پهرين پاڻ وزيرِ اعظم پنهنجي انتهائي ويجهن ساٿين کي اهو چيو هو ته حڪومت لاءِ ايندڙ ٽي مهينا انتهائي اهم آهن. باخبر حلقن وزيرِ اعظم جي اهڙي اشاري کي آ ايس آ چيف جي مقرري ۽ پاڪ-آمريڪا لاڳاپن جي تناظر ۾ ڏٺو. ان کان پوءِ گهرو وزير شيخ رشيد احمد جو بيان سامهون آيو، جنهن ۾ هن چيو هو سندس دعا آهي ته عمران خان جي حڪومت پنجن سالن وارو پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري. شيخ صاحب کي سدا بهار سياستدان سمجهيو ويندو آهي، جيڪو مرحوم پير پاڳاري جيان هميشه اندران ٻڌل ڳالهيون ٻاهر اچي ڪندو آهي. ان کان پوءِ شيخ صاحب جي پير ڀائي چوڌري ڀائرن به ساڳي ڳالهه ڪئي. مسلم ليگ (ق) ۽ ايم ڪيو ايم وارن پهرين پنهنجن “خدشن” جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتائون. پڙهندڙ ڄاڻي ٿو ته (ق) ليگ حڪومت جي نه رڳو مرڪز پر پنجاب جي صوبائي حڪومت ۾ به اهم اتحادي آهي. ان ڪري ان جي الڳ ٿيڻ سان تحريڪِ انصاف جي رڳو مرڪزي حڪومت ئي نه پر پنجاب ۾ سندس صوبائي حڪومت جو مستقبل به خطري ۾ پئجي ويندو. اهي سڀ فيصلا ۽ ڳالهيون توڙي بيان بازيون ان ڳالهه جو اظهار به ٿي سگهن ٿيون ته حڪومت جو ٻيڙو ٻڏڻ وارو آهي ۽ اهو ان جو اظهار به ٿي سگهي ٿو ته حڪومت کي بحران ۾ ورتل ڏسي هر اتحادي ان کي بليڪ ميل ڪري پنهنجو مقصد ماڻڻ چاهيندو هجي. هن وقت پاڪستاني سياست جي صورتحال اهڙي ٻڏتر واري ٿي وئي آهي جو هر ڪوئي سمجهي ٿو ته ملڪ جو مستقبل اونداهو آهي. شايد وزيرِ اعظم عمران خان پاڪستان جو گورباچوف ثابت ٿئي. اڳوڻي سوويت يونين ۾ جڏهن گورباچوف اقتدار ۾ آيو هو ته هر ڪنهن کي ائين پئي لڳو ته هُو سوويت يونين لاءِ سٺو حڪمران ثابت ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هُو نئين سوچ رکندڙ ۽ سلجهيل اڳواڻ سجهيو ويندو هو. ان وقت سوويت يونين کي جنهن قسم جي سڌارن جي ضرورت هئي، سمجهيو پئي ويو ته گورباچوف اهي سڌارا لاڳو ڪندو ۽ ملڪ کي مسئلن کان ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيندو پر دنيا ڏٺو ته اهڙيون سڀ اميدون هوريان هوريان ڌوڙ ٿينديون ويون. گورباچوف جي اڳواڻيءَ ۾ سوويت يونين اڳتي وڌڻ ته ٺهيو، ويتر پٺتي هلندو ويو. مسئلن جي شڪار ملڪي معيشت ويتر تباهيءَ ڪناري وڃي پهتي. سماج افراتفريءَ جو شڪار بڻجي ويو. غربت وڌي وئي ۽ امير ماڻهن جو طبقو وجود ۾ آيو جنهن وٽ دولت جا بي مثال انبار ڪٺا ٿي ويا جنهن سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ سرڪاري ملڪيت طور هلندڙ لڳ ڀڳ سمورا ادارا خريد ڪري ورتا. هڪڙو اهڙو ملڪ جنهن ۾ نجي ملڪيت جو تصور ئي ڪونه هو. جتي آمدنيءَ ۾ اڻ برابري نه جي برابر هئي. اهڙي ملڪ ۾ ڪجهه مخصوص ماڻهن وٽ اوچتو ايتري دولت نيٺ ڪٿان اچي وئي جو اهي سرڪاري اثاثا خريد ڪرڻ جهڙا بڻجي ويا؟
اڄڪلهه پاڪستان جي حالت به ڪجهه اهڙي بڻجي وئي آهي. جڏهن وزيرِ اعظم عمران خان اقتدار سنڀاليو هو، تڏهن رڳو عوام کي ئي نه پر چڱن ڀلن ڄاڻُو ۽ سمجهُو ماڻهن کي به اهي اميدون هيون ته خان صاحب ملڪ لاءِ مسيحا ثابت ٿيندو. پر هوريان هوريان اکين تان پردا هٽندا ويا ۽ هر ڪوئي اهو سمجهي ويو ته خان صاحب پاڪستان لاءِ گورباچوف بڻبو پيو وڃي. هُو اصل ۾ هوا سان ڀريل ڦوڪڻو ئي آهي جنهن وٽ بس ڳالهين، ڊاڙن ۽ ٺڪائن جا ٻورا ڀريل آهن. گذريل ساڍن ٽن سالن کان وٺي هُو رڳو ڳالهيون ئي ڪري رهيو آهي. رڳو وعدا ڪري رهيو آهي. رڳو ڊاڙ ٺڪاوَ هڻي رهيو آهي. خان صاحب ڪري ڪجهه ڪونه ٿو سگهي بس لڳاتار ڪرپشن جي ڪهاڻي پيو ٻڌائي. معاشي طور مصيبتن جو شڪار ملڪ هن حڪومت ۾ ته بلڪل ڏيوالو ٿي ويو آهي. بين الاقوامي طور تي اهڙو بدنام ٿيو آهي جو وزيرن مشيرن کي انٽرنيشنل هوائي اڏن تي ڪپڙن کان آجو ڪري سندن جهڙتي ورتي پئي وڃي. ملڪ اندر چور بازاري، ذخيره اندوزي، حرام خوري، ٻه نمبري ۽ مهانگائيءَ جي ڪا حد نه رهي آهي. ان هوندي به چوطرف وزيرِ اعظم جون تقريرون، ڌمڪيون، دڙڪا، دهمان ۽ ڪوڙ بدوڙ جا قصا ۽ دلاسا پيا وڄن. ماڻهن جو يادگيرو ڪمزور هئڻ ۽ هر ڀيري اميد رکڻ ۽ دوکو کائڻ واري عادت جي ڪري کين ياد نه رهيو ته پاڪستان ۾ رياستِ مدينه، نئون پاڪستان، ڪرپشن جي خلاف جهاد توڙي ٻيون سموريون ڊاڙون ٺڪاوَ ڪو پهريون ڀيرو سامهون آيل منظر ڪونهي بلڪه اهو سڀ ڪجهه گھڻو اڳ کان جاري آهي.
هن ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف سڀ کان پهريون جهاد 1958 ۾ جنرل ايوب خان ۽ تڏهوڪي صدر اسڪندر مرزا جي ڳٺ جوڙ سان آندل فوجي راڄ دوران شروع ڪيو ويو هو. ان فوجي راڄ کي جائز ۽ ضروري ثابت ڪرڻ لاءِ ڪرپشن مِٽائڻ جي نعري کي دليل طور پيش ڪيو ويو هو. بعد ۾ 1977 دوران ڀُٽي صاحب جي حڪومت خلاف هلندڙ مهم دوران به ڪرپشن جا الزام هنيا ويا هئا. اها الڳ ڳالهه آهي ته ان جي حڪومت تي غير اسلامي ۽ سيڪيولر آمريت هئڻ جو الزام وڌيڪ شد مد سان پيش ڪيو پئي ويو. بينظير ڀٽو جون ٻئي حڪومتون ۽ نواز شريف جي پهرين حڪومت به ڪرپشن جي الزام هيٺ ئي ختم ڪئي وئي هئي. پرويز مشرف به ڪرپشن جي خلاف جهاد جون ڳالهيون ڪيون هيون ته جيئن بينظير ۽ نواز شريف کي اقتدار کان پري رکي سگهي.
رياست ۽ حڪومت جي سربراه جي حيثيت سان ڊسمبر 1971ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي پهرين تقرير ۾ “نئون پاڪستان اڏڻ” جي ڳالهه ڪئي هئي. ممڪن آهي ان وقت ڀُٽي صاحب جي ذهن ۾ اولهه پاڪستان ئي هجي جيڪو بنگلاديش جي آزاديءَ کان پوءِ واقعي نئين سر اڏجڻو هو. پر اخبارن سندس بيان کي ٻئي رنگ ۾ پيش ڪيو هو يعني اهو ته ڪرپشن، اقربا پروري، آفيسرشاهي جي بدمعاشين ۽ استحصال کان پاڪ نئون پاڪستان. اهڙي ريت 1967ع ۾ جماعتِ اسلامي پاران خلافتِ راشدين، حڪومتِ الاهي ۽ ٻين اهڙين اصطلاحن ذريعي جيڪي ڳالهيون ڪيون هيون، خان صاحب به اهڙي نموني اسلامي رياست، مسلم ويلفيئر اسٽيٽ يا رياستِ مدينه جو نعرو پيش ڪيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جو اسلامي سوشلزم يا مساواتِ محمدي به ان سلسلي جي ڪڙي هو. جنرل ضيا الحق ته اسلامي رياست جو امير المومنين به بڻجي ويٺو هو. 1976ع ۾ جڏهن معاشي گھوٽالو سامهون هو ۽ مذهبي پارٽين جي تنقيد کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو. تڏهن ڀُٽي صاحب انٽرنيشنل سيرت ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو هو. اها ڪانفرنس ميلاد جي موسم ۽ ڏينهَن ۾ ڪوٺائي وئي هئي جنهن ۾ ڀٽو حڪومت ملڪي ۽ پرڏيهي عالمن کي گهرائي تقريرون ڪرايون ۽ نعتيون پڙهايون هيون. ساڳي نموني عمران خان صاحب پڻ بحران منجهان نڪرڻ جي ڪنهن حقيقي ڪوشش بدران هن سال سرڪاري سطح تي وڏي شان مان سان ميلاد ملهائڻ جو حڪم جاري ڪري پنهنجي جان آجي ڪرائي ڇڏي.
هر حڪومت ضرور ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ طبقن جي حمايت سان اقتدار حاصل ڪندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ اها وري انهن طبقن کي ئي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي يا ائين چئجي ته پنهنجي محسنن جا ٿورا لاهڻ لڳندي آهي. پاڪستان تحريڪِ انصاف جي حڪومت کان به عوام کي شڪايت آهي ته ان عوام جي فائدي ۾ ڪو به قدم نه کنيو آهي پر حقيقت اها آهي ته عوام تحريڪِ انصاف کي اقتدار ۾ آندو ئي ڪونه هو. جن کيس اقتدار ۾ آندو هو، حڪومت انهن سليڪٽرس، سرمائيدارن ۽ واپارين کي ته جهول ڀري پئي ٿي ڏئي.
پارليامينٽ جي 79 منجهان وزيرِ اعظم رڳو 7 اجلاسن ۾ شريڪ رهيو آهي. ان منجهان پارليامينٽ اندر وزيرِ اعظم جي مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. گڏوگڏ ان منجهان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته وزيرِ اعظم ڪيترو جمهوريت پسند آهي. کيس جمهوري ادارن جي استحڪام جي ڪيتري ڳڻتي آهي. مخالف ڌر پاران پڇيل سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ وٽس ڪيتري تياري آهي.
آخري ڳالهه اها ته عمران خان ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ رڳو رنجش نه پر گھڻو ڪجهه خراب ٿي چڪو آهي. هڪڙي پيج تي هئڻ واري ڪهاڻي به مزو وڃائي ويٺي آهي. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت سرگرم ٿي وئي آهي ۽ ميان نواز شريف جي واپسيءَ جون ڳالهيون به ڪيون پيون وڃن. پر اهڙي صورتحال جڙڻ کان پوءِ به لڳي ٿو ته سڀ ڪجهه خان صاحب کي سنوت ۾ آڻڻ لاءِ ٿي رهيو آهي. جهاز ٻوڙڻ جهڙو انتهائي قدم کڻڻ جو اڃان وقت نه آيو آهي.