بيٺڪيت (Colonialism) معاشي نسل ڪشيءَ سان گڏ ثقافتي نسل ڪشي به هوندي آهي. جيتوڻيڪ بيٺڪيت جو بنيادي مقصد ته سياسي-سماجي طور غلام ڪيل ماڻهن جي سرزمين جي معاشي ڦرلٽ ئي هوندو آهي پر اها رڳو طاقت جي زور تي برقرار رکي نٿي سگهجي، تنهنڪري، استعماري طاقت بيٺڪي ماڻهن کي ثقافتي طور تباهه ڪري، هڪ نئين يعني “بيٺڪي ماڻهوءَ” کي تشڪيل ڏيندي آهي.
استعماريت بيٺڪي ماڻهوءَ کان سندس ثقافتي تباهيءَ وسيلي سندس سڃاڻپ کسيندي آهي. اها (بيٺڪيت) بيٺڪي ماڻهن کي سندن حال ۾ Depersonalize (سندن شخصيت ۽ انفراديت کان محروم ڪرڻ) يا پالتو بڻائڻ ۽ سندن مستقبل کي اونداهين ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته جيئن هو بيٺڪي رشتن کي برقرار رکي سگهي. تنهنڪري، بيٺڪي ماڻهن جي بغاوتن کان بچڻ لاءِ غلاميءَ لاءِ اهڙي آئيڊيل صورتحال پيدا ڪري بيٺڪي ماڻهن کي بغاوتن کان ماٺو ڪندي آهي. اها اهڙي صورتحال آهي، جتي غلام ان صورتحال کي قبول ڪري وٺندو آهي، يعني هاڻي کيس غلامي ڪا اوپري، ڪا ڌاري، ڪا اڻوڻندڙ يا ڀوائتي شئي، ڪا گار، ڪا ذلت، ڪا بيعزتي محسوس ناهي ٿيندي، بلڪ عين “نعمت” محسوس ٿيڻ لڳندي آهي. بيٺڪي ماڻهو اهو سمجهندو ۽ سمجهائيندو آهي ته “اڄ مان جيڪو ڪجهه به آهيان پنهنجن استعماري آقائن جي ڪري آهيان، جيڪڏهن انهن کي ڪجهه ٿي پيو ته انهن کان اڳ منهنجو ٻيڙو غرق ٿي ويندو، منهنجو وطن برباد ٿي ويندو. هي جيڪو “استحڪام” آهي، اهو استعماري آقائن جي “ڀلائين” جو نتيجو آهي. اهو جاري رهڻ گهرجي.” اهڙي نموني هو سڄو ڏينهن پاڻ به ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن کي به اهو ورد ڪرائڻ چاهيندو آهي ته “هيءُ جيڪو اسٽيٽسڪو آهي، هيءُ جيڪو قومي ظلم ۽ استبداد آهي، هيءُ جيڪو استعماري ظلم آهي، هيءُ جيڪو ٺڳيءَ جو ٺاهه آهي، هيءُ جيڪو رت پياڪ بيٺڪيتي سرشتو آهي، هيءُ جيڪو غلاميءَ جو طوق توهان جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي، اهو اصل ۾ وڏي “رحمت” آهي. جيڪڏهن اهو طوق لٿو ته سمجهو ته عدم استحڪام پيدا ٿي ويندو، انارڪي پيدا ٿي ويندي، ماڻهو هڪٻئي کي کائڻ لڳندا، قوم تباهه ٿي ويندي، وطن تي فلاڻا فلاڻا حملو ڪري، کيس نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندا.” وغيره. کيس ان “بيٺڪي استحڪام” پويان پنهنجي ماترڀوميءَ جي اها سياسي معاشي ۽ ثقافتي نسل ڪشي نظر نه ايندي آهي، جنهن وسيلي هو سندس قوم کي موت ڏانهن پئي ڌڪيندو آهي. کيس استعماري رياست جو اهو ظلم نظر ناهي ايندو جنهن ۾ هزارين آزادي پسند ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويندا آهن، کولين ۾ واڙي مٿن غيرانساني ٽارچر ڪري، ماري سندن چچريل لاش چونڪن تي اڇلايا ويندا آهن. بس هن کي رڳو استحڪام نظر ايندو آهي، جنهن ۾ کيس قوم جو “ڀلو” نظر ايندو آهي. استعماري رياست جي بقاءَ ۾ پنهنجو “بقاءَ” سمجهندو آهي. تنهنڪري، هو خاص ڪري صبح جو سوير اٿي استعماري طاقت جي بقاءَ لاءِ دعائون گهرندو آهي. اهو آهي اهو نئون “بيٺڪي ماڻهو”، جنهن کي استعماري طاقت تشڪيل ڏيئي پنهنجي استعماريت کي قائم رکندي آهي.
اصل معاملو آهي ئي ان صورتحال سان مقابلي ڪرڻ جو. ان خلاف متبادل بيانيي ڏيڻ جو، حال جي صورتحال جو سائنسي ڇيد ڪري، مستقبل جي خطرن کان قوم کي باخبر ڪرڻ، ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ صفبندي ڪرڻ جو.