پاڪستان جي سياست ان پاڻيءَ جهڙي بڻجي وئي آهي، جيڪو حمام مان هلي هاڻي گهٽين ۾ وهندڙ گٽرن جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. ڪنهن به مهذب ملڪ ۾ جيڪو تصور نه ٿو ڪري سگهجي، اهو ڪجهه اسان جي ملڪ ۾ هر ڏينهن ۽ هر پل ٿي رهيو آهي. ان گندگيءَ جو انت ڪڏهن ايندو؟ ڪنهن کي ڪجهه به معلوم ناهي!
ملڪ جي معاشي حالت تمام ابتر هجڻ جو سبب به اهو آهي ته جنهن طبقي کي مالي مشڪلات جو ”ميم“ به معلوم ناهي، ان طبقي جي هٿ ۾ معاشيات جا اهم ۽ اصل فيصلا ڏنا ويا آهن. هو اهو ڪلاس آهي، جنهن ڪلاس سان تعلق هو فرانس جي راڻي ميري اينتونيءَ جو! اها راڻي جنهن کي جڏهن محل جي ملازمن ٻڌايو هو ته ”مادام! ماڻهن کي ڊٻل روٽيءَ جو هڪ ٽڪرو به ناهي، جنهن کي چٻاڙي پيٽ ۾ جلندڙ بک جو دوزخ وسائي سگهن“ اهڙي اطلاع تي هن پنهنجا نازڪ ڪلها لاپرواهيءَ سان لوڏي جواب ڏنو هو ته “ماڻهو ته احمق آهن. جيڪڏهن انهن کي ڊٻل روٽي ميسر ناهي ته کڻي ڪيڪ کائن.“
راڻيءَ جو اهو جملو اهڙي ته اماڙي بڻجي ويو جو فرانس ۾ عوامي انقلاب جي باهه ٻري پئي. پاڪستان جون حالتون به گهڻي وقت کان وٺي اهڙي ڪنهن انقلاب طرف وڌايون پيون وڃن. ان جو پهريون اشارو اهو آهي ته پاڪستان جو عوام هاڻي وڏي پئماني تي ان سياست کان ڪناره ڪش ٿي ويو آهي، جنهن وٽ عوام جي سورن جو ڪو علاج ناهي. هن وقت حڪمران پارٽيون عوام جي حمايت کان مڪمل طور تي محروم ٿي ويون آهن. اپوزيشن وٽ عوام جو هڪ ننڍو حصو موجود آهي. جڏهن ته حڪمران ڌر عوامي حمايت کان مڪمل طور تي محروم آهي. اهوئي سبب آهي ته موجوده حڪومت اليڪشن جي لفظ کان ائين خوف کائي رهي آهي، جيئن هڪ چور قانون ۽ انصاف جي نالي کان خوف کائيندو آهي. جيڪڏهن حڪمران ڌر کي معمولي آسرو به هجي ها ته اها ڪنهن طرح سان ڪامياب به ٿي سگهي ٿي ته اڄ ان جي اظهار جو انداز ئي الڳ هجي ها. جنهن شخص کي پنهنجي پارٽيءَ جي سوڀ جو يقين آهي، اهو پنجاب جي ان اليڪشن جون ٽڪيٽون به ورهائي رهيو آهي، جنهن جي ٿيڻ جي خود هن کي به ڪا پڪ ناهي. جڏهن ته حڪمران ڌر ۽ حڪمران ڌر جو اهو حصو جيڪو ڪڏهن پنجاب جو سياسي مالڪ هو، اهو چونڊن جي امڪان جي خلاف اعلان ڪندو نظر اچي رهيو آهي. ڇو ته هن کي معلوم آهي عوام وٽ انهن لاءِ ڇاهي؟ هو ڀلي عوام جي مالي مشڪلات جي معلومات نه رکندا هجن ته انهن کي ان ڳالهه جو پورو پتو آهي ته عوام انهن جي لاءِ پنهنجي اندر ۾ ڪيترو نه ڪروڌ سانڍي ويٺو آهي. هاڻي ته هو ماڻهن ۾ محافظن کان سواءِ هلي به نه ٿا سگهن. تازو سعودي عرب ۾ حج جي دوران ميان نواز شريف سعودي اهلڪارن جي پروٽوڪول ۾ نظر آيو. انهن کي ڊپ آهي ته ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ماڻهو انهن جي شان ۾ گستاخي ڪري سگهن ٿا. پاڪستان ۾ ته انهن جي اڳيان پويان پوليس جا پهرا آهن پر جتي معاشرا آزاد آهن، اتي نواز شريف ۽ هن جي خاندان جو نڪ ۾ دم آهي. ڪٿان به اوچتو ڪو مرد يا ڪا مائي نڪري انهن خلاف چور چور جو شور مچائڻ لڳي ٿي. جڏهن حڪمران سياست لاءِ صورتحال اهڙي بڻجي وڃي ۽ پوءِ به هو اقتداري ڪرسيءَ کي ائين چنبڙيا پيا هجن، جيئن ٻڏل ٻيڙيءَ جا مسافر ترندڙ تختن کي چنبڙيل هوندا آهن ته ان ماحول ۾ اقتداري سياست جو ڀيانڪ انجام سمجهڻ ڪنهن به طرح سان مشڪل نه هجڻ گهرجي.
پاڪستان آفيشلي هڪ جمهوري ملڪ آهي. پاڪستان ۾ هن مهل به جمهوريت جو تذڪرو ٿي رهيو آهي. ڇو ته ملڪي سياست ان بند گهٽيءَ ۾ پهچي وئي آهي، جنهن ۾ هر صحافي ۽ هر سياست آمريت جي امڪان جو ذڪر ڪندو رهي ٿو. پر اها به حقيقت آهي ته ملڪي سياست جيڪڏهن جمهوري آهي به ته صرف چونڊن جي حد تائين! چونڊن کان پوءِ سياسي ٽولن کان وسري ويندو آهي ته انهن ڪڏهن جمهوريت جي ڳالهه به ڪئي هئي.
پاڪستان ۾ اقتدار ۾ موجود قوتون جمهوريت بدران ملڪي مفاد جو بار بار تذڪرو ڪنديون آهن. انهن جون ڳالهيون ٻڌي اهو محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ جمهوريت ملڪ جو هاڃيڪار نظام هجي. جڏهن ته مخالف ڌر جمهوريت جي اڪيلي وارث بڻجي ميدان ۾ سرگرم نظر ايندي آهي ۽ هن جي سرگرمي به ايستائين هوندي آهي، جيستائين ان کي اقتدار نه ٿو ملي. اقتداري ڪشمڪش دوران جمهوريت جو نالو ۽ حوالو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. اقتداري ڇڪتاڻ جو انت اچڻ بعد جمهوريت ۽ عوامي جلسا ائين ختم ٿي ويندا آهن، جيئن ساوڻ جي رت گذرڻ بعد جهڙن جا جهالا ۽ وڄ جا وراڪا!
پاڪستان ۾ اقتدار پرست سياسي ٽولن عوام کي ايترو ته مايوس ڪيو آهي جو هاڻي سياست مان عوامي جدوجهد جو عنصر مڪمل طور تي موڪلائي ويو آهي. اهوئي سبب آهي ته نه صرف حڪومت پنهنجي پاران عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي پر مخالف ڌر به صرف اهي جلسا ڪري سگهي ٿي، جن ۾ عوام جي شرڪت سج لهڻ کان پوءِ ڪجهه سرس هوندي آهي. اهڙن جلسن جي ڪاميابيءَ پويان سياسي جوش ۽ جذبو گهٽ پر عوام کي پسند ايندڙ جلسن جو اهتمام وڌيڪ هوندو آهي. اهوئي سبب آهي ته عمران خان ڪجهه وقت اڳ ۾ حڪومت کي نوائڻ ۽ پنهنجا مطالبا مڃائڻ لاءِ جيڪا پاڻمرادي گرفتاري پيش ڪرڻ واري ”جيل ڀريو تحريڪ“ شروع ڪئي وئي، اها مڪمل طور تي ناڪام وئي. ان مان عمران خان کي اهو احساس ٿي ويو آهي ته هن جا حامين ۾ به رت ڏيڻ وارن مجنوئن جو تعداد ڪيترو آهي ۽ نچڻ ڪڏڻ وارن عاشقن جو انگ ڪيترو آهي.
ملڪي سياست مان عوامي جدوجهد جو فيڪٽر ختم ٿيڻ بعد ڪافي وقت کان وٺي عوام جو ڌيان سياست طرف ڇڪائڻ ۽ سياسي گروهن پاران هڪ ٻئي کي دٻاءَ ۾ آڻڻ لاءِ هن وقت ملڪي سياسي جي مارڪيٽ ۾ ”ليڪس“ جو تمام گهڻو شور شرابو آهي. هر ڏينهن هڪ نئين ”ليڪ“ سياسي مارڪيٽ جي زينت بڻجي رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ڏينهن اندر ٻه ٻه ليڪس به پيش ڪيون پيون وڃن. ملڪي سياست ۾ هن مهل چيف جسٽس جي فيمليءَ جي آڊيو ليڪ ميڊيا تي ڇانيل آهي. جڏهن ته هر سياستدان انسان هجڻ جي سبب پنهنجي پنهنجي پردي جي فڪر ۾ آهي. ڇو ته ڪنهن کي به پڪ ناهي ته ڪنهن جي ليڪ سوشل ميڊيا تي شور برپا ڪري سگهي ٿي. جڏهن ملڪي سياست جمهوري جدوجهد بدران صرف هڪ هڪ ٻئي جي پرائيويسي جا پردا چاڪ ڪري هڪ ٻئي کي خوار ڪرڻ جي راهه جي راهي بڻجي وڃي ته اها منزل ڪهڙي طرح ملي سگهي ٿي، جنهن منزل جو سفر چون ٿا ته مني صديءَ کان جاري آهي.
ملڪي سياست ليڪس جي گهٽين ۾ گهمي رهي آهي. اهي گهٽيون جنهن ۾ هر ڪنهن جي گهر جو در آهي. سياستدان ۽ حڪمران يا اعليٰ عهدن تي ويٺل انسان ڪيتري به عوامي ۽ قومي پراپرٽي هجن پر انهن جي پوءِ به هڪ ذاتي ۽ پرسنل زندگي هجي ٿي. جڏهن ان زندگيءَ جا پرائيويٽ لمحا ميڊيا جي ميدان تي پيش ڪيا وڃن ۽ انهيءَ واٽ کي اقتدار طرف ويندڙ يا اقتدار بچائيندڙ واٽ قرار ڏنو وڃي ته ملڪ جي مهذب ۽ تهذيب سان سرشام منزل نظرن کان اوجهل ٿي ويندي آهي ۽ ملڪ ائين بند گهٽيءَ ۾ بيٺل نظر ايندو آهي، جيئن هن وقت اسان سميت پوري جڳ جهان کي نظر اچي رهيو آهي. سڀني جي ذهنن ۾ اهو سوال سج جي ويجهي گرهه جيان گردش ڪري رهيو آهي ته ”نيٺ ڇا ٿيندو؟“