ڪنهن به ملڪ ۾ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ ۽ پاڻيءَ جي مينئجمينٽ اهم شعبا آهن، پر پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي ورڇ بابت سدائين دانهون ٿينديون رهيون آهن. خاص طور اهي علائقا جيڪي پوڇڙيءَ ۾ آهن، اهي سدائين پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار رهندا آهن، نتيجي ۾ اتان جو آبادگار سدائين پنهنجن فصلن بابت پريشان رهندو آهي. وقت گذرڻ سان اهو معاشي بدحاليءَ جو شڪار ٿي چڪو آهي پر تنهن هوندي ان معاملي کي مستقل طور حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪونه وئي آهي، اهڙي ريت ربيع ۽ خريف ۾ به آبادگارن کي ضرورت کان گهٽ پاڻي ملندو آهي. ارسا ان ورڇ کي منصفاڻي نموني ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. پنجاب کي ضرورت کان وڌ پاڻي ڏيڻ سبب سنڌ جو آبادگار سدائين لوڙيندو آهي ۽ ان جو معاشي استحصال پڻ ٿي رهيو آهي. هن وقت به سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 46 سيڪڙو ٻڌائي پئي وڃي.
سکر بئراج جي ساڄي پاسي کان نڪرندڙ کيرٿر ڪئنال، رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال اپريل جو مهينو بند ھجڻ باوجود سکر بئراج جي کاٻي پاسي کان نڪرندڙ ڪئنالن ۾ پاڻيءَ جي 46 سيڪڙو کوٽ برقرار آهي. واپڊا پاران تربيلا ڊيم جي ترپائن ۾ ضروري ڪم ڪرڻ سبب فيبروريءَ کان تربيلا ڊيم 1442 فوٽن تي بيٺل آھي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جي آمد 32 ھزار ڪيوسڪ ۽ اخراج 12 ھزار ڪيوسڪ آهي. ڊيم ۾ خريف جي فصلن لا پاڻي ذخيرو نه ڪرڻ سبب پھرين مئي کان سنڌ جي ٽنھي بئراجن تي پاڻيءَ جي کوٽ 50 سيڪڙو کان وڌڻ جا چٽا امڪان ٻڌايا پيا وڃن. موسميات کاتي موجب مون سون برساتن جو سلسلو به جون جولاءِ کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، ايندڙ ھفتي تائين برساتن جو سلسلو شروع نه ٿيو ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جا چٽا امڪان آهن. ايندڙ هفتي تائين برساتن جو سلسلو شروع نه ٿيو ته مئي مهيني ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ ٿيندي. جڏهن ته پھرين اپريل کان خريف جي مند شروع ٿيڻ شرط ئي ڪوٽڙي بئراج جي ڪمانڊ ايريا سميت روھڙي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٺي ۽ نارا ڪئنال جي بيلٽ ۾ پاڻيءَ جي صورتحال بھتر نه ھجڻ ڪري آڳاٽا پوکيل فصل نه ٿي سگھيا آهن، جنهنڪري آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. مليل معلومات موجب سکر بئراج جي ساڄي پاسي نڪرندڙ ڪئنالن کي پھرين مئي کان کوليو ويندو، پر غلط پلاننگ سبب پاڻيءَ جي کوٽ شدت اختيار ڪري ويندي، جيڪا کوٽ گذريل سالن جو به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندي.
برساتن جو سلسلو جيڪڏهن اعلانيل تاريخن تي شروع ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ موجود پاڻيءَ جي کوٽ کي ڪنهن قدر پورو ڪري سگهجي ٿو پر جيڪڏهن اهي برساتون نٿيون وسن ته پوءِ آبپاشي کاتي ۽ ارسا وٽ ٻيو ڪهڙو حل آهي. اهي ٻئي ادارا سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ واري مسئلي کي حل نه ڪندا آهن پر سدائين وڌائيندا ضرور رهيا آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جتي جتي به پاڻيءَ جي وڌيڪ کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي، پهرين پاڻيءَ جي رسائي اتي ممڪن بڻائي وڃي ته جيئن آبادگار پنهنجا فصل وقت سر پوکي سگهن ۽ معاشي بدحاليءَ کان بچي وڃن.