پي ڊي ايم جي تيرھن پارٽين واري سرڪار جي نمائندن ۽ عمران خان جي پاڪستان تحريڪ انصاف جي عيوضين وچ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ گڏيل راءِ سان تاريخ ۽ مھينو طئي ڪرڻ بابت ڳالھه ٻولهھ جا ٻه رائونڊ گذريل ھفتي ۾ ٿي چڪا آهن جڏهن ته ٽين گڏجاڻي ايندڙ اڱاري ڏينهن تي ٿيڻي آهي. تازو ٿيل ٻنھي گڏجاڻين بابت جيڪي خبرون ٽي وي چئنلز ۽ اخبارن مان مليون آهن تن جو تت ھي آھي ته سرڪار ۽ مخالف ڌر پنهنجي پنهنجي موقف تي ڳنڍ ٻڌي بيٺل آهن ۽ سرڪاري ڌر جي وفد پنھنجي ڳنڍ رڳو ايتري ڍري ڪئي ته آڪٽوبر ۾ اليڪشن ڪرائڻ واري فيصلي تان مھينو کن رعايت ڏيئي سيپٽمبر ڌاري ڪرائڻ واسطي تيرھن جماعتن جي اڳواڻن کان اجازت وٺڻي پوندي تڏهن وڃي اھا اڳڀرائي ٿيندي. ھوڏانھن عمران خان جي موڪليل وفد به سرڪاري ڌر کي ٻڌايو ته اسان جو ليڊر عام چونڊن جي تاريخ تي ته گڏيل راءِ سان سھمت ٿيڻ لاءِ تيار آهي پر اھو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق 19 مئي تي پنجاب جي صوبائي اسيمبليءَ جي اليڪشن ڪرائيندا. جيڪڏهن اوهان ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندا ته رڳو توھين نه پر عدالتي نظام جي ڀوائتي ڀڃ ڊاهه ٿي ويندي جنهن لاءِ خلائي مخلوق تيار ويٺي آهي.
ڏکوئيندڙ حقيقت ھي آهي ته آئين ۾ طئي ٿيل تقاضا مطابق نوي ڏينهن اندر ضمني چونڊون ڪرائڻ واري قانون کان تيرھن پارٽين مان ڪنهن هڪ به جماعت جي اڳواڻن اھو موقف اختيار نه ڪيو ته پي ڊي ايم سرڪار کي آئيني تقاضا کان منهن موڙڻ نه گهرجي. معنيٰ ته ھي سموريون سياسي جماعتون ڪنھن اھڙي اڻ ڏٺل ڊپ ۾ ورتل آهن ته مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ جا سٽيل ووٽر متان سندن پٽڪو ڌوڙ ڪري نه ڇڏين! مھانگائي جي ستايلن ۾ پاڻ سمورا ورڪنگ صحافي به شامل آهيون جن کي اڄ ئي پي ڊي ايم سرڪار جو نئون نياپو مليو آهي ته دوائون ھاڻي ويھه سيڪڙو کان ستر سيڪڙو تائين مھانگيون ڪرڻ لا دوا ساز ڪمپنين کي اجازت ڏني اٿن. اسان ستر سالن جي ڄمار کان مٿي جھونن ۽ ڪراڙن جي وات مان اھڙن حاڪمن جي لاءِ دعائون نه ٿيون نڪري سگهن. کين بد دعائون ڏيڻ وارا ته ڏھاڙي ڪمائيندڙ ۽ نه ڪمائيندڙ ڪروڙين غريب مسڪين پورهيت ۽ ھاري ناري رستن جي وچ تي ويھي رب سائينءَ جي در تي ٻاڏائي رهيا آهن. ڇا پاڻ سڀ واٽھڙو ھنن کي روزانو اکين سان ڏسندي، ڳاٽو ڦيري، ڪنڌ جهڪائي لنگهي ويندا آهيون.
مون کي ياد آهي ته 1977 ۾ 9 جماعتي اتحاد جي ليڊرن ڀٽو حڪومت پاران اليڪشن ۾ ڪيل ڌانڌليءَ خلاف جڏهن ملڪ گير مظاهرن، ھڙتالن، جلا ۽ گھيرا ڪري تڏهوڪي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي ڪراچيءَ کان راولپنڊي تائين قومي اسيمبلي جي ستر تڪن تي ٿيل ڌانڌلين کي مڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيائون ته وزير اعظم ڀٽو صاحب اپوزيشن سان ڊائلاگ تي مس مس وڃي راضي ٿيو ھو. سندس راضپي شرط جڏهن ٻنھي ڌرين جا سينئر نمائنده راولپنڊي ۾ ٽيبل ٽاڪ تي گڏجي ويٺا ته ٽن چئن ڏينهن اندر ھنن سان پيپلز پارٽي جي سرڪاري نمائندن باقاعدي لکت ۾ ٺاھه ڪيو جنهن تي مخالف ڌر طرفان نوابزاده نصرالله خان، مولانا فضل الرحمان جي والد مفتي محمود ۽ ڪراچيءَ جي پروفيسر غفور احمد صحيح ڪئي ۽ ڀٽو سرڪار پاران وفاقي وزيرن مرحوم عبدالحفيظ پيرزادي، مولانا ڪوثر نيازي ۽ سينيٽر رفيع رضا چوٿين جولائي تي صحيحون ڪري ٻئي ڏينھن پنجين جولائي 1977 تي اپوزيشن ليڊرن کي پريس ڪانفرنس وسيلي عوام کي خوشخبري ٻڌائڻي ھئي ته حڪومت سان ٿيل ٺاھه مطابق ٽيھن ڏينهن اندر قومي اسيمبلي جي ھنن ھنن تڪن تي نئين سر چونڊون ٿينديون. تاڙ ۾ ويٺل فوجي سربراهه جنرل ضياءُ الحق سياسي پارٽين وچ ۾ ٿيل انھيءَ ٺاھه کي ڌوڙ ڪري پنجين جولائي جو سج اڀرڻ کان گھڻو اڳ آڌي رات مھل پرائيم منسٽر ھائوس راولپنڊيءَ تي ھٿياربند جٿا اماڻي، مري روڊ تي وزير اعظم جي سرڪاري رھائش گاھه جو گھيرو ڪري وزير اعظم ڀٽو صاحب کي گرفتار ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس اسٽاف ميمبرن توڙي نوڪرن کي به گرفتار ڪري، مارشل لا مڙهي ڇڏيو. اپوزيشن سان سندن مطالبن ۽ شرطن موجب ٺاھه ٿيڻ کان پوءِ جڏهن سڄي ملڪ مان وڳوڙ به ختم ٿي ويو ھو، ان کان پوءِ ته مارشل لا ٿاڦڻ جو ڪوبه ڪارڻ نه ھو. اھا سوچ ھئي تڏهوڪن حاڪمن جي، ان ڪري غفلت واري ننڊ ۾ ستل ھئا. (مون کي چائنا مان سيپيڪ جي آئيندي واري رٿابندي بابت ڪلهھ چيني حڪومت طرفان جاري ڪيل هن اعلان تي اچرج ٿيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سيپيڪ منصوبي جي ٻيھر شروعات ڪرڻ لاءِ 58 ارب ڊالرن جو Silk road and belt منصوبو جلد شروع ڪيو ويندو جنهن ۾ گوادر کان چين جي صوبي سنڪيانگ جي شھر ڪاشغر تائين 1860 ميل ريلوي لائين ۽ رستو ٺاھڻو آهي.
چائنا جي بيلٽ اينڊ روڊ رٿا جو اھو راھداري منصوبو ھونئن آهي ته ڏهھ سال آڳاٽو آهي پر ان تي عمل ان ڪري نه ٿي سگهيو جو عمران خان جي حڪومت ڪي رنڊڪون وجهي ڇڏيون ھيون. پڙھندڙن کي اھا ڄاڻ هئڻ کپي ته ھن مھل پاڪستان جي اصل حڪمرانن مان ڪھڙو موجود آهي جنهن کي ھي اربن ڊالرن جو تحفو ڏنو ويو آهي!
پاڻ کي ته آئي ايم ايف جون شرطون ھاڻي رڳو سوا ارب ڊالرن واسطي مڃڻيون آھن پر چيني حڪومت کي 58 ارب ڊالرن جي ھي ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ ان ڪري تڪڙ آهي جو سعودي عرب، ايران، ڪويت، يمن ۽ ٻين پاڙيسري عرب ملڪن جي اربن کربن وارين مارڪيٽن تائين کين رسائي گھرجي.