ملڪ ۾ پارٽين جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. ايستائين جو سياسي پارٽين جو عروج ۽ زوال به هن ملڪ ۾ ڏهاڪن کان ڏسندا پيا اچون. سياسي پارٽين کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ نئين سياسي پارٽيءَ کي تيار ڪري ميدان ۾ لاهڻ اسٽيبلشمينٽ جي پراڻي راند رهي آهي. ڪالهه ايم ڪيو ايم اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو تارو هئي پر اڄ اها ڇڙوڇڙ ٿي چڪي آهي ۽ الطاف حسين جو نالو وٺڻ به ڏوهه بڻجي ويو آهي. اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ (ق) ليگ کي ڪنگس پارٽي سمجهيو ويندو هو پر اڄ (ق) ليگ ۾ رڳو چوڌري پرويز الاهي نظر اچي رهيو آهي. اهڙي ريت پي ٽي آءِ کي ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول ترين پارٽي طور پيش ڪيو پئي ويو. عمران خان نيازيءَ جو چوڻ هو ته ايندڙ چونڊن ۾ سندس پارٽي سڄي ملڪ مان ايترا ووٽ کڻندي جو ان کي ڪنهن اتحادي جي ضرورت ڪونه پوندي ۽ پنهنجي مرضيءَ سان جيڪي فيصلا ڪرڻ چاهيندو ڪندو رهندو پر ڏٺوسين ته ڪيئن نه ان پارٽيءَ کي به هاڻ سوڙهو ڪيو ويو آهي. اسٽيبلشمينٽ مخالف موقف هر فورم تي ورجائيندڙ عمران خان نيازي ۽ سندس پارٽي ملڪ ۾ هاڻ ڏڦيڙ جي علامت بڻجي وئي آهي.
پي ٽي آءِ سان به اهو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، جيڪو ڪالهه ايم ڪيو ايم ۽ (ق) ليگ سان ٿيو هو. ڪجهه ڏينهن کان پي ٽي آءِ اڳواڻ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري رهيا آهن ۽ ڪن ته ڇڏي به ڏني آهي. جنهن مان ظاهر آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اهو انگ اڃا به وڌي سگهي ٿو. جڏهن اهو انگ وڌندو رهندو ته پوءِ پي ٽي آءِ ۾ رڳو عمران خان نيازي ۽ مراد سعيد وڃي بچندا. جيڪي حقيقي آزاديءَ جي جنگ پيا وڙهندا.
پر سوال اهو آهي ته اهو سڀڪجهه ڇو ٿيو ۽ اهي ڪهڙا سبب هئا جو اسٽيبلشمينٽ جي تيار ڪيل پارٽي ڪجهه ئي سالن ۾ پٽ پئجي وئي. اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ ۾ اختلاف ان وقت سامهون آيا هئا، جڏهن 2021ع ۾ جنرل فيض حميد کان ڊي جي آءِ ايس آءِ جي چارج ڇڏائڻ وارو معاملو سامهون آيو هو، جنهن تي عمران خان نيازي ضد ڪري بيهي رهيو ۽ هو ان حق ۾ ناهي ته جنرل فيض حميد کي ان چارج تان هٽايو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو عمران خان نيازيءَ لاءِ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو. ان کان پوءِ عدم اعتماد جي تحريڪ پي ٽي آءِ لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت ڪونه ٿي، جنهن لاءِ عمران خان کي يقين هو ته اها ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿيندي. پر اها نه رڳو ڪامياب ٿي وئي پر ان سان پي ٽي آءِ تي ڏکيا ڏينهن ويجها اچي ويا.
ان سڄي عمل دوران اسٽيبلشمينٽ پنهنجو پاڻ کي نيوٽرل چوندي رهي ۽ اهو ظاهر ڪندي رهي ته ان جو ملڪ جي سياسي معاملن سان ڪو واسطو ڪونهي پر اها ڪنهن به ريت نيوٽرل ڪونه ٿي سگهي آهي. اسٽيبلشمينٽ رڳو پنهنجو پاسو تبديل ڪندي رهندي آهي. ڪالهه اها پي ٽي آءِ سان هئي، اڄ اها نواز ليگ سان گڏ آهي ۽ سڀاڻي اها ڪنهن ٻي پارٽي سان هوندي، اهي به امڪان آهن ته اها وري ڪنهن نئين پارٽيءَ کي جنم ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري. پي ٽي آءِ جي ٽڙ پکڙ ٿيڻ کان پوءِ جيڪي ماڻهو نواز ليگ جا آهن، سي نواز ليگ ۾ ويندا جيڪي پيپلز پارٽيءَ جا آهن، اهي پيپلز پارٽيءَ جو پاسو وٺندا ۽ باقي جيڪي بچي ويندا، انهن کي به ايڊجسٽ ڪيو ويندو. ائين هڪ نئين سياسي وايو منڊل ۾ پي ٽي آءِ جي صورت ايتري سگهاري نظر ڪونه اچي سگهندي، جنهن جو تصور عمران خان نيازي ڪري رهيو هو.
هن وقت جيڪڏهن نواز ليگ يا ڪي ٻيون پارٽيون پي ٽي آءِ خلاف ڪاررواين جو جائزو وٺي رهيون آهن ته انهن ڪاررواين جي اڳڪٿي اهي پارٽيون اڳواٽ ئي ڪري چڪيون هيون. ڇاڪاڻ ته ان وقت جڏهن نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي خلاف ڪارروايون ٿينديون هيون ته پي ٽي آءِ وارا خوش ٿيندا هئا. تڏهن کين چيو ويندو هو ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو پي ٽي آءِ خلاف اهي ساڳيون ڪارروايون ٿينديون ۽ هاڻ اهو ڏينهن اچي ويو آهي. اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ واري تجربي مان ڪجهه به ڪونه سکي سگهي آهي. اها وري به سياسي تجربا ڪندي رهندي ۽ نيون پارٽيون ٺاهڻ جي فيڪٽري ڪڏهن به بند ڪونه ڪندي. تنهنڪري هي سلسلو نه رڳو ملڪ جي سياست لاءِ خراب آهي پر اهو سياستدانن لاءِ به خراب آهي. جيڪي اڃا تائين به اسٽيبلشمينٽ جي پنجوڙ مان آزاد نه آهن.