عمران خان جي گرفتاريءَ کان پوءِ جيڪي هنگاما ٿيا يا ڪرايا ويا انهن کي ڏسندي اهو سوال بهرحال ذهن ۾ اڀري ٿو ته ڇا پاڪستان ۾ ڪو انقلاب پيو اچي؟ خاص ڪري جڏهن سوشل ميڊيا تي ڪاوڙيل نوجوانن جون وڊيوز ڏسون ٿا جيڪي هڪڙي هنڌان مور پکي چورايون ٿا وڃن ته ٻئي هنڌ فرج ۾ پئي پئي برف بڻجي ويل اسٽرابيري پيا ڏيکارين، ان ساڳي ملڪ اندر جتي مهانگائيءَ جو تناسب 40 سيڪڙو کان به ٽپيو ٿو وڃي ۽ جتي عوام جي اڪثريت وٽ ٻن ويلن جي ماني کائڻ جي وسيعت ڪانهي ان ملڪ ۾ اميرن جا بورچيخانا ڪيترا نه شاهوڪار آهن.
حالانڪه انقلاب کان پهريان واري صورتحال هڪ حد تائين جڙيل ته آهي. جهڙوڪ: مهانگائي تمام چوٽ چڙهيل آهي. حڪمران سياسي ڌريون هڪ ٻئي جي ڳلي ۾ هٿ وجهي بيٺيون آهن. سياسي ڌرين جي پٺڀرائي ڪندڙ رياستي قوتون پڻ ائين ئي ورهايل آهن. سياسي پارٽيون ۽ اسٽيبلشمينٽ ئي نه پر انهن جي پيرويءَ ۾ اعلى عدالتون پڻ تقسيم جو شڪار آهن. عوام وٽ وڃائڻ کان سواءِ ڪجهه ڪونهي. ماضيءَ ۾ جيڪي مقدس ڍڳيون هيون جن کي اڳي هٿ نه لائي سگهبو هو هاڻي انهن جو تقدس به ختم ٿي ويو آهي. پر اڃان ڪافي شيون جيڪي انقلاب لاءِ ضروري شرط طور گھربل هونديون آهن، سي غائب آهن.
مثال طور ٽوڙ ڦوڙ ڪندڙ عوام ردِانقلابي انداز ۾ فقط ڊاهڻ واري اهليت جو مالڪ آهي انقلابي انداز سان ٺاهڻ ڪنهن کي به ڏانءُ ڪونه ٿو اچي. ڪير سوچي به ڪونه ٿو ته موجوده اسٽيٽس ڪو ٽوڙڻ کان پوءِ ڪهڙو نئون اسٽيٽس ڪو قائم ڪيو ويندو؟ نيٺ ڪهڙي نموني موجوده اسٽيبلشمينٽ منجهان جان آجي ڪرائي ويندي ۽ نيٺ ڪهڙي نموني موجوده حڪومت جي خاتمي کان پوءِ قائم ٿيندڙ حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي ايجنٽ نه هوندي؟ ڪير به نه ٿو سوچي ته سموري هڻ هڻان رڳو چهرا تبديل ڪرڻ لاءِ آهي سسٽم تبديل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن اٿنداسين؟
ڪاوڙ ته تمام گھڻي آهي پر عوام ۾ هيٺين سطح تائين وڃي ڪم ڪير به نه ٿو ڪرڻ چاهي ڇاڪاڻ ته اهو ڏکيو آهي. اسان کي اها خبر ته آهي ته اسان ڇا نه ٿا چاهيون پر اها خبر ڪانهي ته اسين چاهيون ڇا ٿا؟ ۽ جيڪو چاهيون ٿا اهو حاصل ڪيئن ڪري سگهبو؟؟ هن وقت انقلابي پارٽي موجود ڪانهي. انقلابي ۽ ڀروسي جوڳي سياسي قيادت موجود ڪانهي. عوام جي وڏي اڪثريت، خاص ڪري پورهيت طبقو اڄ به ان سموري ويڙهه کان ٻاهر آهي. جيڪي ميدان ۾ لٿل آهن انهن کي اها خبر ڪانهي ته ڇا لاءِ وڙهي رهيا آهن. يا وري کين اها ئي پراڻي خبر آهي ته عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ وڙهي رهيا آهن جيڪو اقتدار ۾ آيو ته سڀ سوال حل ٿي ويندا. جهڙي نموني هُو پهريان اقتدار ۾ هو ته پاڪستان جنت بڻيل هو. بهرحال عمران خان کي اها شاباس ته ڏيڻي پوندي ته سندس نيت ڀل ڪهڙي به رهي هجي پر هن وقت تائين جي سڀني مقدس ڍڳين کي ڳچيءَ ۾ ٽوڙهو يا نڪ ۾ نوڙي وجهڻ لاءِ ان ئي ماحول تيار ڪيو آهي.
لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر جي گهر کي باهه ڏيڻ، پنڊي ۾ آئي ايس آئي جي آفيس تي چڙهائي ۽ ڀڃ ڊاهه ۽ آرميءَ جي جنرل هيڊ ڪوارٽر تي ڪاهه ڪري ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ جهڙن واقعن کي بهرحال معمولي قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. ان منجهان اهو پڻ ثابت ٿئي ٿو ته جڏهن مطالبا وڏا هجن، جڏهن فيصلا وڏا ۽ ڳرا ڪرڻا هجن ته پوءِ انهن جي لاءِ ميدان به ان طرح جو سجائڻو پوندو آهي. ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي دهشتگرد حملو هجي يا آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جو سانحو، اهڙا واقعا ائين ئي خواه مخواه نه ٿيندا آهن. تحريڪِ انصاف جي قيادت سان گڏوگڏ سندن ڪارڪنن جي گرفتاريءَ جو عمل وڏي پيماني تي شروع ٿي چڪو آهي. ايندڙ عام چونڊن کان پهريان معاملا نبيري وٺڻا آهن. اسٽيبلشمينٽ انصافي ڪارڪنن ۽ قيادت جو پاڻي ڪڇي ورتو. هاڻي نئين حڪمت عمليءَ سان منجهن هٿ وڌو ويندو. گڏوگڏ گهر کي به ٻهاري ڏيڻي پوندي ڇاڪاڻ ته گهر جي صفائي بهرحال سڀ کان پهريان ۽ ضروري هوندي آهي. ڪير ڇا به چوي پر انٽرنيٽ جي سهولت بند ڪري اهو ثابت ڪيو ويو ته ڀل ڪيتري به ڪِولين کاڌي ڇو نه هجي پر اسان واري رياست ملٽي نيشنل موبائيل ڪمپنين کان وري به ڏاڍي آهي. اهو به ثابت ٿيو ته ڏيوالو نڪرڻ جي حد تائين پهتل اسان جي رياست چاهي ته ڏهاڙي ڪروڙين روپين جو نقصان برداشت ڪري سگهي ٿي. جهڙي نموني ڌاڙيل واردات ڪرڻ کان پوءِ اتر طرف هليا ويا هجن تڏهن به سنڌ پوليس کين پڪڙڻ لاءِ ڏکڻ طرف منهن ڪندي آهي ائين ئي وڳوڙ ڀل لاهور ۽ راولپنڊيءَ ۾ ٿيا هجن پر فورسز کي بلوچستان ۾ مقرر ڪيو ويو. ان ڪري هيءُ ملڪ ممڪن آهي مستقبل ۾ آمريڪا ۽ چين جي پراڪسي جنگ جو ميدان بڻجي پر في الحال ته رياست اڃان ايتري مضبوط آهي جو اهڙي موقعي کي ٽاريندي رهي ٿي. ان جو وڏو سبب حڪمرانن جي عوام سان خير خواهي نه پر حڪمرانن جا پنهنجا ذاتي ۽ طبقاتي مفاد آهن. حڪمران پاڻ ڪاروباري سرگرمين ۾ ان حد تائين ملوث ٿي چڪا آهن جو هاڻي کين سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته امن هوندو ته دڪان کولي سگهبو، پيسا ڪمائي سگهبا. جيڪڏهن امن امان کي حقيقي خطرو آهي ته پوءِ دڪان ۽ دڪان جي ڪمائي وئي پاڻيءَ ۾.
اهڙي صورتحال ۾ دنيا جا ٻيا ترقي پذير ملڪ پاڻ وٽ موجود ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان اها ڪوشش ڪندا آهن ته درآمدي سامان کي روڪجي، پاڻ اهڙيون شيون ٺاهجن، جيڪي اسان جي ضرورت آهن، اسان پاڻ ٺاهي سگهون ٿا پر نه ٿا ٺاهيون بلڪه ٻاهران پيا گهرايون. اهڙيءَ ريت اهي ڪوشش ڪندا آهن ته ڪجهه اهڙو سامان به تيار ڪريون، خام مال ئي سهي جيڪو برآمد به ڪريون يعني ٻين ملڪن ڏانهن موڪليون ته جيئن اڄ نه سهي پر سڀاڻي اسان به آسودا ڳڻيا وڃون. سڀاڻي جيڪڏهن ڪو بحران سامهون اچي ته ان سان منهن ڏئي سگهون جيئن سياڻن چيو آهي ته اهو ڪِي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي. پر اسان جو ملڪ پاڪستان اهڙن موقعن تي آئي ايم ايف، چين يا سعودي عرب ڏانهن نهاريندو آهي ته اچو مدد ڪريو!
اسان جي لاءِ اها ڳالهه اهم ڪانهي ته ايندڙ عام چونڊون عمران خان جي پارٽي کٽي ويندي يا مريم نواز جي، اسان جي نظر ۾ اهميت ان ڳالهه جي آهي ته گذريل مُني صديءَ ۾ ڪيل گناهن کان عملي طور به توبهه تائب ٿيڻ جو ارادو آهي يا رڳو بيان بازيءَ جي حد تائين محدود رهبو؟