اختر حفيظ جي ڪتاب “ٽيهه منٽ” ۾ هڪ ڪهاڻي “ڪچي مسيت” جي عنوان سان پڙهڻ لاءِ ملي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي هڪ ڳوٺ جي ڪچي مسيت ڏيکاري وئي آهي، جيڪا اڳيان هلي پڪي ٿي وڃي ٿي. اختر جي هي ڪهاڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ 9/11 پڄاڻا ادب جو بهترين مثال آهي. سنڌيءَ ۾ ان حوالي سان رحمت الله ماڃوٺيءَ جون ڪهاڻيون “اُمتي” ۽ “ڪني مڇي” يا وري اڪبر سومري جو ناول “کُماچ” ڪجهه بهترين مثال آهن.
اختر جي هن ڪهاڻي “ڪچي مسيت” کي پاڻ 9/11 پڄاڻا ادب جي پسمنظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. انساني تاريخ ۾ ڪجهه واقعا اهڙا ٿيا آهن، جن دنيا جي سياست، معيشت ۽ سماج سان گڏ ادب تي به وڏا گهرا اثر ڇڏيا آهن. جنگيون هجن يا وبائون اهي تخليقي ادب جو اهم حصو رهيون آهن. جيئن افسانوي ادب جي حوالي سان تحقيق مان ڄاڻ ملي ٿي ته وڌ کان وڌ تخليقي ادب ٻين عالمي جنگ جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي يا وري سرد جنگ جي پسمنظر ۾ به چڱو ادب لکيل آهي. ٻين عالمي جنگ جو ته افسانوي ادب تي اهڙو اثر پيو جو ان کانپو ٻن اهم ادبي لاڙن جنم ورتو، هڪ جديديت پڄاڻا ۽ ٻيو رُبل لٽريچر. ٻين عالمي جنگ جي تباهيءَ کانپوءِ جرمنيءَ جي ليکڪن جهڙو ڪر وولف گانگ بورخريت ۽ ٻين رُبل لٽريچر واري تحريڪ شروع ڪئي جنهن ۾ افسانن وسيلي جنگ کانپوءِ پيدا ٿيل نفسياتي ۽ سماجي مسئلن کي ننڍڙين ڪهاڻين جو موضوع بڻايو. ٻين عالمي جنگ ۽ سرد جنگ کانپوءِ جنهن واقعي دنيا تي سڀ کان گهرو اثر ڇڏيو اهو آهي 9/11 وارو واقعو. ان دهشتگرديءَ کانپوءِ وري دنيا ٻن ڪيمپن ۾ ورهائجي وئي. هڪڙا مذهبي انتهاپسند ٻيا روشن خيال ۽ سيڪيولر. اهڙي ريت عالمي ادب جو هڪ اهم موضوع دهشتگرديءَ وارو اهو واقعو ۽ ان کانپوءِ واري دنيا ٿي پئي.
ان پسمنظر ۾ لکيل افسانوي ادب جي حوالي سان وڌ کان وڌ تحقيق ٿيڻ لڳي. مثال طور سن 2022ع دي نيو يارڪ ٽائيمز ۾ ان حوالي سان هڪ تحقيقي رپورٽ ڇپي”How 9/11 Shaped Fiction of USA” يا وري برهمگم يونيورسٽيءَ ۾”Terror, Performance and Post 9/11 Literature” نالي تحقيق ڇپي يا وري ڪئمبريج يونيورسٽي جي تحقيق”Literature After 9/11″ پڻ سامهون آئي. انهن تحقيقن مان اسان کي “Literature of Terror” جهڙو هڪ نئون اصطلاح مليو. ان حوالي سان اسان کي ڊان ڊيليو جي ناول “فالنگ مين” کان ويندي راب سنڪليئر جو ناول “دي سليپر” پڙهڻ لا ملن ٿا. اهڙي ريت افغاني ناول نگار خالد حسنيءَ جا ناول “دي ڪائيٽ رنر” ۽ “ٿائوزنڊ اسپلنڊڊ سنز” ۽ افغان ڄائي فرانسيسي ليکڪ عطيق رحيمي جو ناول “دي پيشنس اسٽون” پڙهڻ لاءِ مليا.
اهڙي ريت جيڪڏهن پاڪستاني ليکڪن جي ڳالهه ڪجي ته انهن ۾ محسن حامد جو ناول “دي ريلڪٽنٽ فنڊامنٽلسٽ” ڪميلا شمسيءَ جو “هوم فائر” ۽ فاطمه ڀٽو جو “دي رن اويز” پڙهڻ لاءِ ملن ٿا.
9/11 پڄاڻا ادب ۾ ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجين لکڻين ۾ ڊارڪ هيومر جو ڀرپور استعمال ڪيو ۽ ڊارڪ هيومر کي سمجهڻ لاءِ بهترين مثال”دي ڊڪٽيٽر” نالي فلم آهي. اهڙي ريت رحمت ماڃوٺيءَ جون ڪهاڻيون “اُمتي” ۽ “ڪني مڇي” وري سنڌيءَ ۾ ڊارڪ هيومر جو بهترين نمونو آهن. جيڪڏهن 9/11 پڄاڻا ادب ۾ بيانيي جي ڳالهه ڪجي ته ان ادب ۾ اسان کي ٻن قسمن جا بيانيا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. هڪڙو ايپوليجٽڪ بيانيو ۽ ٻيو ايڊمٽوءَ بيانيو. هڪڙو اهڙو بيانيو جنهن ۾ ليکڪ اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته “اسان مسلمان ڏاڍا سٺا آهيون، اسان ۾ ڪابه خرابي نه آهي ۽ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين اسان لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون جو اسان وٽ ٻي ڪابه راهه نه بچي ۽ آمريڪا کي پنهنجون پاليسيون مٽائڻ گهرجن.” ان قسم جو بيانيو اسان کي محسن حامد جي ناول “دي ريلڪٽنٽ فنڊامنٽلسٽ” ۾ واضح طور پڙهڻ لاءِ ملي ٿو، جنهن ۾ چنگيز نالي ڪردار سڄي جو سڄو ڏوهه آمريڪا جي مسلمانن ڏانهن رويي کي ڏئي ٿو. اهڙي ريت ڪميلا شمسيءَ جي ناول “هوم فائر” ۾ به ڪجهه اهڙو ئي ملندڙ جلندڙ بيانيو ملي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ وري خالد حسيني، عطيق رحيمي يا اختر حفيظ وٽ اسان کي ايڊمٽوءَ بيانيو پڙهڻ لاءِ ملي ٿو، جنهن ۾ ليکڪ ٻڌائي ٿو ته: “ڪيترن ئي هنڌن تي اسان جون غلطيون به آهن، اسان مذهب کي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪيو ۽ اسان پنهنجي سماج کي اُسرڻ ئي نه ڏنو، اسان وٽ نئين خيال ۽ نئين علم کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.”
(هلندڙ)