ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بند گهٽيءَ ۾ بيٺل سسٽم

Editorial-Article-Ajaz Mangi

ملڪ جو سسٽم بند گهٽيءَ ۾ بيٺل نظر اچي پيو. صرف سياسي نه پر معاشي، انتظامي ۽ رياست جو خودڪار سسٽم به، جنهن کي هلائڻ چلائڻ لاءِ هر هر حڪم جي ضرورت پيش نه پوندي آهي.
ملڪ جي مجموعي نظامن کي ان بند گهٽيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ کان اڳ ۾ اسان کي ٻه ڳالهيون ويچار هيٺ آڻڻ گهرجن. هڪ ته بند گهٽي ڇا آهي؟ ٻيو ته ڇا واقعي به ملڪ بند گهٽيءَ ۾ بيٺل آهي يا اسان ڪنهن اجائي وڌاءَ کان ڪم وٺي رهيا آهيون. ممڪن آهي ته اسان به آس پاس ۽ عام جام هلندڙ پروپيگنڊا جو شڪار ٿي ويا هجون! ممڪن آهي ته ملڪ مزي ۾ هجي پر اسان “پريس ڪانفرنسون” ٻڌي ٻڌي ان بحران جي ور چڙهي ويا هجون، جيڪو ممڪن آهي ته خوساختا هجي! خدا ڪري ائين ئي هجي پر سمجهه ۾ اهو اچي رهيو آهي ته ائين آهي نه! اسان هڪ بدترين بحران جي ور چڙهي ويل ماڻهو آهيون. اسان جي مٿان مهانگائي پٿرين جي مينهن وانگر وسي رهي آهي. اسان جون سموريون معاشي ڇٽيون ڇيهون ٿي ويون آهن. اسان هر شيءِ جي حصول ۾ تمام گهڻي مشڪل محسوس ڪري رهيا آهيون. اسان وٽ ڏوهن جو گراف چڙهي رهيو آهي. اسان وٽ جمهوري آزادين جي مٿان قدغن لڳي رهيو آهي. اسان وٽ اميدون اجهامي رهيون آهن. اسان وٽ مايوسيون وڌي رهيون آهن. اسان کي معلوم ناهي ته اسان ان غيريقينيءَ جي عذاب مان ڪڏهن نڪرنداسين؟
ڪنهن به ملڪ جي عوام کي جڏهن اهڙن خيالن جا وڇون وڪوڙي ويندا آهن، تڏهن انهن کي سياسي مبصر اهو اطلاع ڏيندا آهن ته عملي طور اوهان جو ملڪ بند گهٽيءَ ۾ بيهجي ويو آهي. بلڪل اهڙي ريت جهڙي ريت اسان کي پنهنجي ۽ پرائي ميڊيا بار بار اهو اطلاع ڏئي رهي آهي ته اسان جو ملڪ بند گهٽيءَ ۾ بيٺل آهي. ان ڪري اهو ضروري آهي ته اسان سڀ کان اول اهو سمجهون ته بند گهٽي ڇا آهي؟ بند گهٽي اصل ۾ ان گهٽيءَ کي چيو ويندو آهي، جيڪا بظاهر ته هڪ گهٽيءَ وانگر نظر اچي پر ان جي آخر ۾ ٻاهر نڪرڻ جو ڪو گس نه هوندو آهي. بس هڪ ڀت هوندي آهي. ان ڀت کي ڏسي واپس ورڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نه هوندي آهي. گهڻو ڪري ڳتيل آباديءَ وارن شهري علائقن ۾ ان قسم جو بند گهٽيون عام جام هونديون آهن. انهن گهٽين ۾ گهڙڻ کان پوءِ گوگل به ڪنهن ڦيٿي وانگر گول ڦرندي رهندي آهي.
بند گهٽي صرف هڪ اسم ناهي. بند گهٽي هڪ صفت به آهي. اها صرف هڪ منظر ناهي. اها هڪ ڪيفيت به آهي. ان ڪيفيت مان صرف ماڻهو نه پر ملڪ به گذرندا آهن. پاڪستان لاءِ ملڪ جا خير خواه بار بار اهو چئي رهيا آهن ته ملڪ کي هن ٻرندڙ صورتحال مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سنجيدگيءَ ۽ سچائيءَ سان پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪرڻا پوندا. هن وقت پاڪستان جي سلسلي ۾ ٻه خيال محو گردش آهن. هڪ خيال اهو آهي ته آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ چونڊن کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ ملڪ ۾ گڏيل صلاح ۽ مشوري وارو سيٽ اپ قائم ڪيو وڃي پر اهو خيال غيرآئيني آهي. ان خيال کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سڀ کان اڳ ۾ آئين کي معطل ڪرڻو پوندو يا آئين جي انهن شقن ۾ ڦيرڦار ڪرڻي پوندي، جن شقن ۾ اهو واضح آهي ته ملڪ ۾ ڪيتري وقت تائين چونڊون ٿيڻ گهرجن ۽ انهن جو طريقو ڪهڙو هجڻ گهرجي؟ جيڪڏهن آئين تي عمل نه ڪرڻو آهي ته پوءِ بحران جا بادل بي موسم برسات وانگر الهه تلهه لوڙهي ويندا. جڏهن ملڪ انهن حرڪتن سبب اڳ ۾ ڀوڳي رهيو هجي ته ان مهل غيرآئيني ڀوڳ ته ملڪ جو ڀرڪس ڪڍڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندا. ان صورتحال ۾ بهتر ۽ قابل عمل مشورو پوءِ به اهو هوندو ته ڪنهن به ريت ملڪ جي آئين تي عمل ڪندي چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو وڃي.
ملڪ کي مڪمل طور آئين مطابق هلائڻ جا دعويدار اهو چون ٿا ته ملڪ ۾چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ شبهي جي ڪا گنجائش نه آهي پر سچ اهو آهي ته هن مهل تائين جيڪا بي يقينيءَ واري ڪيفيت آهي، اها ايتري ته شدت ۾ اچي وئي آهي جو ماڻهن ۾ تمام گهڻي بي يقيني پيدا ٿي وئي آهي. جيڪڏهن ماڻهن ۾ بي يقيني نه هجي ها ته هو هڪ ٻئي کان اهو سوال ئي ڇو پڇا ڪن ها ته ڇا چونڊون ٿينديون؟
اهو سوال تمام گهڻي سفاڪ صورتحال ڏانهن واضح ۽ چٽو اشارو ڪري رهيو آهي. ڇا ڪنهن به جمهوري ملڪ لاءِ اهو سوال تڪليف ڀريو نه هجڻ گهرجي؟ ڇا ڪو به ملڪ ان قسم جو سوال برداشت ڪرڻ کي درست سمجهندو؟ ڇا دنيا جي ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ اهو سوال اٿي به سگهي ٿو ته ڇا چونڊون ٿينديون؟ اهو سوال آمريڪا ۽ انگلينڊ يا جرمني ۽ فرانس ۾ ته ڇا پر ڀارت ۽ مليشيا جي جهڙي ملڪ ۾ به پڇا ڪرڻ جو حق نه ٿا رکو ته ايندڙ چونڊون پنهنجي وقت تي ٿينديون يا نه؟
جيڪڏهن آئين مطابق روان دوان رهندڙ ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ ان قسم جو سوال اٿاريو ويندو ته ماڻهو ان سوال اٿاريندڙ جي ذهني صحت تي سوال اٿاريندا. هن کان پڇا ڪندا ته ڇا هو هوش ۾ آهي؟ هو ڪهڙي قسم جو سوال پڇي رهيو آهي؟ ڇو ته انهن ملڪ ۾ مجموعي طور ادارا پنهنجي ڏهاڙيءَ واري ڪم ڪار ۾ مصروف هوندا آهن. اليڪشن ڪميشن کي پنهنجو ڪم مقرر وقت تي ڪرڻ جي تياري ڪرڻي هوندي آهي. ان کي ان لاءِ غور ۽ ويچار ڪرڻو نه پوندو آهي ته ملڪي حالتون ان جي اجازت ڏينديون ته چونڊون مقرر وقت ٿي ٿينديون يا نه؟ انهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي ۽ ساڳي ريت هڪ اداري کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي ۽ ان ڪم جي مجموعي نتيجي ۾ چونڊون ٿيڻون آهن ۽ چونڊن جي نتيجي ۾ اهو ڳالهه به تڪرار جو باعث نه هوندي آهي ته ڪنهن کي اقتدار ملندو يا ڪير مخالف ڌر ۾ ويهي سرڪاري ڌر مٿان ابتا سبتا تبصرا ڪرڻ جا مزا ماڻيندو؟
اهو ڪجهه حاصل آهي، اسان جي 75 سالن جي سياسي سفر جو! اسان مني صديءَ کان وٺي سياسي سفر ۾ آهيون پر اسان جي بدقسمتي اها آهي ته اسان سدائين ان گهٽيءَ ۾ گهميا آهيون، جنهن گهٽيءَ جو اڳيون ڇيڙو بند آهي. ان گهٽيءَ ۾ اسان جو سمورو سياسي سفر بي منزل ۽ بنا ڪنهن معنيٰ وارو رهيو آهي. اسان تاريخ جي هر دور ۾ بند گهٽيءَ ۾ بيهي وري واپس وريا آهيون ۽ وري هڪ بند گهٽيءَ مان نڪري ٻي بند گهٽيءَ ۾ گهڙيا آهيون؟
بند گهٽين جي سفر جو اهو سلسلو آخر ڪڏهن ختم ٿيندو؟ اسان کي آخر ڪڏهن عظيم ۽ اصل آزاديءَ جي کليل شاهراه تي هلڻ جو حق ملندو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button