هارون ڪاليج مان انٽرميڊيٽ ڪرڻ کان پو مون بي اي آنرز ايڪانامڪس ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. هتي ان شعبي جي ٻن استادن ڊاڪٽر اشفاق قادري ۽ ڊاڪٽر فخرالدين منهنجو انٽرويو ورتو. منهنجي مئٽرڪ ۾ فرسٽ ڊويزن هئي جڏهين ته انٽر ۾ فرسٽ ڊويزن ٻن مارڪن تان رهجي ويئي هئي. ڊاڪٽر اشفاق قادري جو پهريون سوال ئي اهو هو ته انٽر ۾ فرسٽ ڊويزن ڇو نه آئي. ان تي ڊاڪٽر فخرالدين کيس چيو ته شاگرد ڪاليج ۾ اچڻ سان پاڻ کي ڪجھه آزاد محسوس ڪن ٿا ۽ پڙهائي ڏانهن گھڻو ڌيان نه ٿا ڏين ان ڪري ائين ٿئي ٿو. بهرحال منهنجو داخلا جي پهرين فهرست ۾ ئي نالو اچي ويو.
آنرز جي ٻن سالن تائين ايڪانامڪس جو هڪ مضمون هو جڏهين ته ٻين لاڳاپيل مضمونن مان ٻن جي چونڊ ڪرڻي پوندي هئي ۽ انگريزي جو مضمون لازمي هوندو هو. ان سلسلي ۾ مون جنرل هسٽري ۽ پوليٽيڪل ٿاٽ جي چونڊ ڪئي هئي پر پو جنرل هسٽري بدلائي سوشيالوجي کنيو.
سوشيالوجي جي استاد ميڊم سڪندرالنسا هئي. اهي ضمني مضمون هڪ لحاظ کان ڄڻ انهن مضمونن جو هڪ تعارف ئي هوندا هئا. ان سلسلي ۾ نه ته استاد گھڻي گهرائي ۾ ويندو هو ۽ نه شاگرد.
هڪ سال کانپو يونيورسٽي ۾ سيمسٽر سسٽم لاڳو ٿي ويو. پراڻي سسٽم جي ڀيٽ ۾ ان ۾ پڙهائي جي حوالي سان وڌيڪ پابندي ۽ ڊسپلن هوندو هو. اڳ سڄو سال موج مستي ڪري شاگرد امتحان کان اڳ مهيني ٻن ۾ پڙهائي لا سنجيده ٿيندا هئا جڏهين ته هن ۾ سڄو سال هوشيار رهڻو پوندو هو. وقت بوقت ٿيندڙ ٽيسٽ ۽ اسائنمنٽ وغيره کين هر وقت مصروف رکندا هئا. ان ۾ هڪ ته استاد ۽ شاگرد جو هڪ ويجھو رابطو هوندو هو ۽ ٻيو ته استاد کي مارڪن وغيره ڏيڻ جي حوالي سان گھڻا اختيار حاصل هوندا هئا. پراڻي سسٽم ۾ خاص طور معاشيات جي شعبي ۾ ته ائين ٿيندو هو ته جيڪو شاگرد پهرين پوزيشن کڻندو هو ان جي به فرسٽ ڊويزن نه ايندي هئي جڏهين ته ان نئين سسٽم ۾ فرسٽ ڊويزن کڻڻ گھڻو سولو ڪم هو. ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ شاگرد تي استاد جو اهو دٻا نه هوندو آهي جيڪو اسڪول ۾ هوندو آهي. هتي گھڻي ڀاڱي سندس پنهنجي مرضي جو عمل دخل هوندو آهي. اهڙي ريت سيمسٽر سسٽم ۾ ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ۽ استاد سان رابطي ۾ رهڻ اهڙن شاگردن لا به ضروري ٿيو پئي جيڪو هونئن ان معاملي ۾ گھڻو سنجيده نه هوندا آهن. سڄي پڙهائي، ليڪچر ۽ امتحان وغيره انگريزي ۾ ئي ٿيندا هئا ۽ ٻي ڪنهن ٻولي جو آپشن نه هوندو هو.
مختلف وقتن تي هڪ ئي مضمون جا مختلف استاد رهيا. پهرين ٻن سالن ۾ ايڪانامڪس جو رڳو هڪ مضمون هو جيڪو شروع ۾ هڪ استاد ساجدين پڙهائيندو هو. ڪجهھ عرصي لا پائلٽ ايم ايم عالم جي ڀا شاهد عالم به اهو مضمون پڙهايو. هن تازو ماسٽرس ۾ پهرين پوزيشن کنئي هئي ۽ ان بنياد تي ليڪچرر ٿيو هو. پڙهائي جي معاملي ۾ هو ڪا رعايت نه ڏيندو هو. هڪ ڀيري ڪلاس هلندي مينهن شروع ٿي ويو. شاگردن کيس چيو ته اڄ کڻي ڪلاس نه وٺو ته اسان ٿورو موسم جو مزو وٺون پر هن جو چوڻ هو ته ان موسم ۾ ته پڙهڻ جو مزو هوندو آهي. مس رابعه ۽ مسز نجمي به اهڙن استادن ۾ هيون جيڪي ايم اي ۾ پنهنجي فرسٽ پوزيشن جي بنياد تي ليڪچرر مقرر ٿيا هئا. انهن مان پهرين مائڪرو ايڪانامڪس ۽ ٻي ميڪرو ايڪانامڪس پڙهائيندي هئي. اهي اهڙا استاد هوندا هئا جن جو شاگردن سان هڪ رسمي تعلق هوندو هو ۽ انهن سان گھڻو بي تڪلف نه هوندا هئا. هڪ لحاظ کان اهو ڄڻ انهن مضمونن جو هڪ تعارف هو جيڪي اڳتي هلي آنرز فائنل ۽ ايم اي فائنل ۾ اسان کي پڙهڻا هئا.
ڊاڪٽر اشفاق قادري، جيڪو ساڳي وقت ڊپارٽمنٽ جو هيڊ به هو، انٽرنيشنل ٽريڊ جو مضمون پڙهائيندو هو. اپلائيڊ ايڪانامڪس ريسرچ سينٽرAERC)) نه رڳو ايڪانامڪس جي شعبي پر پوري يونيورسٽي جو هڪ اثاثو هو. ان کي مختلف عالمي ادارن پاران پروجيڪٽ ۽ انهن لا فنڊ ملندا هئا. ساڳي وقت هتي ايم فل وغيره جا ڪلاس به ٿيندا هئا. ان پروجيڪٽ سان گڏ ٻه آمريڪي استاد پڻ آيا هئا. انهن مان رابرٽ ڪلٽ گارڊ کي يونيورسٽي جي ڪاريڊور ۾ ٽائپ رائٽر کڻي گھمندي ڏسندا هئاسين جڏهين ته مائيڪ ويلس اسان کي زرعي معاشيات پڙهائيندو هو.