نئين مالي سال جي 14 هزار 460 ارب رپين جي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي آهي. اسحاق ڊار ٻڌايو ته ايندڙ سال ايف بي آر جي اوڳاڙين جو ڪاٿو 92 کرب رپيا آهي، جنهن ۾ صوبن جو حصو 52 کرب 76 ارب رپيا هوندو، وفاقي نان ٽيڪس اوڳاڙيون 29 کرب 63 ارب رپيا هونديون، وفاقي حڪومت جي ڪُل آمدني 68 کرب 87 ارب رپيا هوندي. وفاقي حڪومت جي ڪُل خرچن جو ڪاٿو 144 کرب 60 ارب رپيا آهي، جنهن ۾ وياج جي ادائيگين تي 73 کرب 3 ارب رپيا خرچ ٿيندا. بجيٽ دستاويز موجب ايف بي آر جو ٽيڪس وصولي جو هدف 92 کرب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڌي ريت وصولي جو ڪاٿو 37 کرب 59 ارب رپيا هوندو، جڏهن ته واسطي سان ٽيڪسن جو ڪاٿو 54 کرب 41 ارب رپيا هوندو، ان کانسواءِ غير ٽيڪس شده آمدني 29 کرب 63 ارب رپيا هوندي. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته ايندڙ سال پبلڪ سيڪٽر ڊويلپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) لاءِ 9 کرب 50 ارب رپيا بجيٽ رکي وئي آهي، ان کانسواءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ٻه کرب رپين جي واڌو رقم کانپوءِ مجموعي ترقياتي بجيٽ 11 کرب 50 ارب رپيا هوندي.
اسحاق ڊار ٻڌايو ته هلندڙ سال جي دفاعي بجيٽ وڌائيندي 18 لک 4 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، گذريل مالي سال دفاعي بجيٽ 15 کرب 23 ارب رپيا هئي. هن ٻڌايو ته سول انتظاميا جي خرچن لاءِ 7 کرب 14 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا، پينشن جي مد ۾ 7 کرب 61 ارب رپيا رکيا ويا آهن، بجلي، گئس ۽ ٻين شعبن لاءِ 10 کرب 74 ارب رپين جي رقم سبسڊي طور رکي وئي آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبر پختونخواهه ۾ ضم ٿيل ضلعن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، ريلويز ۽ ٻين کاتن لاءِ 14 کرب 64 ارب رپين جي گرانٽ رکي وئي آهي.
ناڻي واري وزير موجب صحافين ۽ فنڪارن لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، ان کانسواءِ اقليتن، اسپورٽس پرسنز ۽ شاگردن جي ڀلائي لاءِ فنڊ الڳ آهن، پينشن جي مستقبل جي خرچن جي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ پينشن فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي. اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته مالي سال لاءِ معاشي اوسر جي شرح 3.5 سيڪڙو رهڻ جو ڪاٿو آهي، جڏهن ته مهانگائي جي شرح اندازن 21 سيڪڙو هوندي، بجيٽ خسارو 6.54 سيڪڙو ۽ پرائمري سرپلس جي ڊي پي جو 0.4 سيڪڙو هوندو، ايندڙ مالي سال لاءِ برآمدن جو هدف 30 ارب ڊالر، جڏهن ته ناڻي جي پهچ جو هدف 33 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ حڪومت معاشي ترقي (جي ڊي پي) جو هدف 3.5 سيڪڙو رکيو آهي.
وفاقي حڪومت پاران سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي تحت 2023-24 دوران نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ڊويزن جي 21 جاري ۽ ٽن نون رٿائن لاءِ 8850 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ماڪڙ ايمرجنسي اينڊ فوڊ سيڪيورٽي پراجيڪٽ لاءِ 500 ملين رپيا، رڍن ۽ ٻڪرين جي بيمارين جي علاج جي منصوبي لاءِ 273 ڏهائي 070 ملين رپيا خرچ ٿيندا.
اسان سمجهون ٿا ته گذريل ڪجهه سالن دوران عوام جنهن معاشي عذاب کي ڀوڳيو آهي، ان سلسلي ۾ موجوده بجيٽ ڪا معنيٰ نٿي رکي پر نهن هوندي به بجيت ۾ جيڪي اعلان ڪيا ويا آهن، اسان اميد ٿا ڪيون ته انهنٿمل به ٿيندو، ان ميوو عوام کي ملندو.