پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي ڪمزور سياست جا ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا سبب آهن انهي جو تفصيل تمام گھڻو ڦهليل ۽ طويل آهي جيئن لينن چيو “سماج جي اندر شاخ در شاخ تضاد ٿين ٿا جي هر هڪ تضاد جو جواب مارڪسزم مان ڳولهبو يا وٺبو ته ستر مارڪس به گڏجي جواب نٿا ڏئي سگھن” بلڪل اهڙي طرح ۽ ائين ئي تنظيمن جي اندر ڪيترائي تضاد ۽ اختلاف ڪمزوريون ۽ گروھه بنديون غلط فيصلا ۽ غلط پاليسيون ٿين ٿيون جي تفصيل ۾ وڃبو ته هڪ وڏو داستان لکجي ويندو پر تنظيمن جو بنيادي نقطو، نظريو ۽ ان جي طباقي سياست جو يعني طبقاتي ڪردار ۽ فوڪس هجي ٿو جيئن ته هر پارٽي ڪنهن نه ڪنهن طبقي جي نمائندگي ڪندي يا ان جي مفادن جي سياست ڪندي آهي پارٽي جي انهيءَ بنيادي اصول کي سامهون رکي ان جو تجزيو ڪري سگھبو ته اها پارٽي پنهنجي طبقي جي لاءِ ڪيتري سرگرم آهي ان طبقي جي مفادن سان گڏوگڏ خود انهيءَ طبقي کي پنهنجي سياسي ڌارا ۾ ڪيترو ۽ ڪيئن شامل ڪري ٿي.
اهوئي بنيادي جوهر ۽ نيوڪلس هجي ٿو جيڪي ڪا پارٽي پنهنجي ان بنيادي اصول کان ڦري ويندي ته نه اهو طبقو جنهن لاءِ هو ڪم ڪري ٿي هن سان گڏ رهندو ۽ نه وري اها جماعت انهيءَ طبقي جي سياسي ڪردار کي ٺيڪ طرح سان منظم ڪري سگھندي تنهن ڪري پنهنجي طبقاتي ڪردار ۾ اها پارٽي اڌوري اڌوري ۽ ويڳاڻي ٿي وئي بلڪل ائين ۽ اهڙي طرح ئي کاٻي ڌر (هتي کاٻي ڌر مان مراد صرف ۽ صرف اها سياست آهي جيڪا مارڪسٽ ۽ ليننسٽ هجڻ سان گڏوگڏ مزدور ۽ پورهيت طبقي جي طاقت سان سوشلزم آڻڻ جي جدوجهد ڪري ٿي) جنهن جي سياست جو بنياد سوشلزم آهي جن لاءِ مزدور طبقو بنيادي اهميت رکي ٿو.
اهي سياسي پارٽيون يعني ليفٽ جون پارٽيون پنهنجي ان انقلابي سياسي ڪردار کي ادا ڪندي مزدور طبقي کي ڪيترو ۽ ڪيئن منظم ڪيو آهي اهو ئي ليفٽ جي ۽ خاص ڪري سوشلسٽ تحريڪ جي لاءِ تنقيدي ۽
تجزياتي سوال آهي هتي شروعات ۾ مزدور طبقي جي اندر تمام وڏن ادارن ۾ ٽريڊ يونين جي اندر کاٻي ڌر ۽ ان ۾ خاص ڪري ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو اثر هو. ريلوي، شپيارڊ جون ٽريڊ يونيون ته ڪميونسٽ پارٽي جي اثر ۾ هيون ئي پر انهيءَ سان گڏوگڏ ڪيترائي صنعتي ادارا انهن جون يونينون پارٽي جي اثر ۾ هيون، ليڪن وقت گذرڻ سان انهن ٽريڊ يونين جي اندر نه رڳو ڪميونسٽ پارٽي جي پوزيشن ڪمزور ٿيندي وئي پر ان کان وڌيڪ سموري کاٻي ڌر مزدورن کان گھڻي ڀاڱي ڪٽجي وئي انهيءَ جي جاءِ تي ساڄي ڌر جي جماعتن ۽ خاص ڪري برسر اقتدار ايندڙ جماعتن پنهنجو اثر وڌائي ڇڏيو (هن تفصيلي ۽ نظرياتي بحث کي پاڻ وقتن به وقتن جاري رکنداسين پر هتي فوڪس رڳو هڪ نقطي تي ڪبو جيڪو مزدور طبقي جي سياسي ڪردار متعلق آهي) ائين ڇو ٿيو انهيءَ جو آساني سان ۽ سادي تشريح سان اسان کي ٽريڊ يونين جي پوري تاريخ مان جواب ملي ٿو وڃي.
اڪثر ٽريڊ يونين جي اندر قيادت ۾ هيڪڙ ٻيڪڙ نظرياتي مارڪسسٽ هئا پر عملي انهن جو ڪردار ٽريڊ يونين ليڊر وارو ئي رهيو جنهن جو ڪم ۽ ڪردار مزدور طبقي جي لاءِ رعايتون ۽ مراعاتون حاصل ڪرڻ هوندو آهي هنن ڪڏهن به مزدورن کي پنهنجي پارٽي جي اندر سياسي بنيادن تي منظم نه ڪيو ۽ نه وري مزدور طبقي کي مراعاتن جي دائري کان ٻاهر ڪڍي سياسي جدوجهد جو حصو بڻايو، اهو عمل ايئن ئي هيو جيئن ڪامريڊ لينن چيو آهي ته “مزدور طبقي جي سياسي ڪردار کي ختم ڪري ٽريڊ يونين ليڊر ماني جي ٽڪر تي انقلاب جو سودو ڪندا آهن اهي نه رڳو انقلاب سان غداري ڪندا آهن پر انهن جو ڪردار مزدورن سان سياسي دشمني وارو به هوندو آهي.” مراعتن جي ان ٽڪر ڪيترن ئي ٽريڊ يونين اڳواڻن جا قبلا ڦيري ڇڏيا هو پنهنجو انقلابي ڪردار ادا ڪرڻ جي بجاءِ عملي طرح پيٽي بورجوازي ڪردار ادا ڪندا رهيا انهي سڄي ساري بيهوده گيم کي ليفٽ جون قيادتون ڏسنديون رهيون ۽ هنن جي دماغ ۾ اهوئي ميڪانيڪي تصور هيو ته معاشي تضاد مزدور طبقي کي خود به خود انقلابي ڪري ڇڏيندا، اهائي هنن جي تاريخ ۾ وڏي کان وڏي غلطي هئي جنهن ۾ هنن پارٽي ۽ تنظيم جي ڪردار کي انقلابي بڻائڻ جي بجاءِ نٻل ، ڪمزور ۽ موقع پرست ڪري ڇڏيو ۽ اهائي انهن جي ٽريڊ يونين جي پاليسي جي رڳو غلطي نه پر هڪ وڏو گناھه به هيو جنهن جي سزا کاٻي ڌر هن وقت ڀوڳي پئي.