سنڌ حڪومت 2247 ارب روپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ 37 ارب 79 ڪروڙ روپيه خسارو آهي. پگهارن ۾ 35 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 17 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار 35 هزار 550 روپيه مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ پيش ڪندي چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ 31 سيڪڙو واڌ کان پوءِ صوبائي بجيٽ لاءِ 2247 ارب روپيه 58 ڪروڙ 10 لک روپيه رکيا ويا آهن جڏهن ته گذريل سال اها بجيٽ 1713 ارب 58 ڪروڙ روپيه هئي. هلندڙ مالي سال آمدني جو اندازو 2209 ارب لڳايو ويو آهي جڏهن ته بجيٽ خسارو 37 ارب 79 ڪروڙ روپيه آهي.
سنڌ جي وڏي وزير گريڊ هڪ کان سورنهن تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو، 17 گريڊ کان 22 گريڊ تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو ۽ پينشن جي مد ۾ 17.5 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو. ان سان گڏ ئي هن گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار مان وڌائي 35 هزار 550 روپيه ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. بجيٽ ۾ نئين مالي سال جي لاءِ ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 689 ارب 60 ڪروڙ روپيه تجويز ڪيا ويا آهن. صوبائي اي ڊي پي لاءِ 380.5 ارب ۽ ضلعي اي ڊي پي لاءِ 30 ارب رکيا ويا آهن. ٻاهرين معاونت جي منصوبن لاءِ 266.691 ارب ۽ وفاقي پي ايس ڊي پي لاءِ 22.412 ارب روپيه تجويز ڪيا ويا آهن.
ٻوڏ متاثرن لاءِ 160 ارب رکيا ويا آهن. وزيراعليٰ سنڌ مراد شاهه ٻڌايو ته امن امان لاءِ 160 ارب، تعليم لاءِ 353 ارب، صحت لاءِ 20 ارب رکيا ويا آهن. ترقياتي بجيٽ لاءِ 410 ارب مختص، وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ لاءِ 12 ارب جو ڪاٿو، نئين ۽ جاري ترقياتي اسڪيمن لاءِ 380 ارب، 7193 نئين اسڪيمن لاءِ 88 ارب، 3311 جاري اسڪيمن لاءِ 291 ارب رکيا ويا آهن. مڪاني ترقياتي بجيٽ 62 ارب، ميگا پروجيڪٽس لاءِ 12 ارب 52 ارب، ضلعي ترقياتي بجيٽ لاءِ 30 ارب رکيا ويا آهن جڏهن ته غيرملڪي فنڊنگ سان هلندڙ منصوبن جو ڪاٿو 266 ارب کان وڌيڪ لڳايو ويو.
مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي فصل جي واڌ لاءِ اڍائي مڻ جي ٻوريءَ جو امدادي اگهه 10 هزار روپيا مقرر ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت اسٽريٽجڪ ذخيرن کي برقرار رکڻ لاءِ 1.4 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪري رهي آهي، هن سال سنڌ حڪومت اٽي تي 23.3 ارب رپين جي سبسڊي ڏني آهي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته رمضان پيڪيج تحت 7.9 ملين خاندانن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي رقم ڏني وئي. ڪڻڪ جي خريداري ۽ ان سان لاڳاپيل سرگرمين جي مد ۾ 144.95 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
بجيٽ کي انگن اکرن جي راند قرار ڏنو ويندو آهي، اهو ان ڪري جو انهن انگن اکرن ذريعي عوام جي دل لڀائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. وڏا وڏا اعلان به ڪيا ويندا آهن پر عوام جي زندگي ۾ ڪا به تبديلي ناهي ايندي. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي عوام ڄاڻايل بجيٽ ۾ ڪيل اعلانن ۽ تجويزن کان وڌيڪ لهڻي پر جيڪي به اعلان ڪيا ويا آهن جيڪڏهن انهن جو ڦل به عوام کي ملي ٿو ته اها به وڏي ڳالهه هوندي.