ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سِنڌو جي ساڃاهه

Editorial-Article- Irshad Leghari


جون مهيني جا يارنهن ڏينهن گُذري چڪا آهن پر سِنڌوءَ ۾ اڃان تائين واريءَ جا واچُوڙا پيا اڏامن. ان سان گڏ وري اڳيان الميو اهو آهي ته هاڻ سِنڌو جي انهي اجُاڙ تي اهڙي دانهن به نٿي ٿئي، جيڪا ڪجهه سال پهرين سنڌ جي سياست جو بنياد هئي. سو اهڙي ماٺ ۽ اداسي جي ڏيِنهنَ ۾ مون کي ياد اچي رهيو آهي ڀِٽ شاهه کان اورتي بائوديري جي آسپاس ڪلياڻ بند جو اهو ڀاڳيو، جنهن سِنڌو جي پاڻي لاءِ پنڌ پيل هڪ قافلي جي آجيان لاءِ بند جي ڪَڙ ۾ موجود پنهنجي ٿاڪ تي هڪ اهڙي محفل سينگاري هئي، جيئن ڪِلي وير ڪَٽڪ ۾ پاڻ ملهائيندڙ ڪاپڙين جو آڌر ڪبو آهي. ها، سِنڌو جو اهو ڀاڳيو، جنهن کي بوسڪي جو پَٽڪو ٻڌل هو ۽ سندس چاپهين ڏاڙهي ۽ ڪڪوريل اکين ۾ هڪ اهڙي ئي سورهيه سَندي اها ڏَيا هئي، جنهن سورهيه جي نشاني مُرشد لطيف اها ٻُڌائي ٿو ته اُن کي رڳو رِڻ ئي ڌيان ۾ هوندو آهي.
“سورهيه سو چائي، جيڪو رُڳو ئي رِڻ گُهري”
ها سو سنڌو جي اهڙي ئي اُن سورهيه جي ٿاڪ تي درياهه جي پانڌيئڙن لاءِ رکيل نهوار وارين کٽن تي ٽُڪ واريون اهي اڻ ڇُهيل رليون ۽ وهاڻا وڇايل هئا، جيڪي لڳي ٿو ته هُن پنهنجي ڪُڙم جي انهن ساماڻل پُٽن ۽ پوٽن جي وِهانءُ لاءِ سهيڙيا هئا، جيڪي نوجوان تنهن محفل ۾ درياهه جي پانڌيئڙن جي سيوا لاءِ پيرن ڀَر بيٺا هئا. اهو ڀاڳيو جيڪو پنهنجي دادلي درياهه جون ساروڻيون ساريندي جوش ۽ جذبي ۾ سڄو سُرخ ٿي ويو هو ۽ سندس ڪڪوريل اکين ۾ لُڙڪ گاڏڙ اها لالاڻ ڀرجي آئي هئي، جيڪا رڳو عاشقن جي ئي ڀاڱي ۾ ايندي آهي.
ها، اهو ڀاڳيو به پنهنجي درياهه جو عاشق ئي ته هو ٻيو ڇا هو ڀلا!؟ ۽ جڏهن سندس محبوب درياهه، قاتل ڊيمن ۽ ڌاڙيل ڪئنال ۾ ورڇجي قيد ٿي ويو ته انهي عاشق جو جيون به اُجڙي ويو. بهرحال انهي سموري فراق جي حالت ۾ به انهي ڀاڳيي کي اهو پُختو ويساهه هو ته سِنڌو هڪ نه هڪ ڏينهن اهي سمورا بند ٽوڙي، انهن ڌاڙيلن سان سمورو حساب چُڪتو ڪري اڳتي وڌندو، جن کيس مهاساگر کان جدا ڪيو آهي. ۽ آئون سمجهان ٿو ته اڄ وري انهي ڀاڳيي جي ويساهه سان اڳتي وڌجي ته سنڌو کي بچائي ٿو سگهجي. ها اهو سنڌو، جنهن جي صورت سنڌ ديس جي رهبر سُر سريراڳ ۾ ڪجهه هيئن چِٽي آهي…
وه، تِک وَهڪرا، جِت لَنگر نه ٺهرن
وڏاندريون وَهه سامهون، جهجن زور جُنبن
نيڍو ۾ ناتاريون، وڻجارا وجهن
مُلان، مُعلمن مون ڳَري سُئي ڳالهڙي
يا اڳتي وري هيئن ته…
لَهريُن ليکو ناهه ڪو، جِت ڪَپر ڪُن ڪارا
آڇاڙا عميق جا، اچن اوڀارا
اُٿي اَسارا!! ويِر وڙهندئي ويسرا
پر اڄ اهو سِنڌو رِڻ لڳو پيو آهي ۽ اهو رِڻ سڏي رهيو آهي پنهنجي ديس جي سورهين کي ته…
“ڪوئي آهي!! جيڪو مون کي قيد مان آزاد ڪرائي؟”
ماضي ۾ سنڌو جي بحالي لاءِ جيتريون به تحريڪون هليون آهن، تن جو هڪ يادگار رڪارڊ آهي پر اڄ آخر ايڏي ماٺ ڇو آهي؟ ڇا اسان ذهني طور قبولي ورتو آهي ته بس هاڻ سنڌو ايئن ئي وهندو جيئن هن ملڪ جا حڪمران چاهيندا؟ ڇا سنڌو جي اُڃ اسان پنهنجي اُڃ سمجهڻ ڇڏي ڏني آهي؟ سنڌوءَ جون ڍنڍون ۽ ڍورا، ٻيلا ۽ ٻيلاٽيون سڀ ختم!؟ سنڌ جا جاگيردار ۽ سردار ته خوش ئي انهي ۾ آهن ته درياهه ايئن ئي رهي ته جيئن درياهه جون زمينون سندن قبضي ۾ ئي رهنديون اچن. ڇا پاڻ نٿا ڄاڻون ته سنڌو جي لکين ايڪڙ زمين سردارن ۽ جاگيردان جي قبضي ۾ آهي؟ جي ڄاڻون ٿا ته پاڻ سنڌو مٿان اهي ناجائز قبضا ختم ڪرائي، سنڌو جا ٻيلا بحال ڪرائڻ واري جدوجهد نٿا شروع ڪري سگهون؟ هلو هڪڙو پاڻي ته مٿان پنجاب جهليو ويٺو آهي پر سنڌو جا ٻيلا ختم ڪري، اتي عياشي جا ڪوٽ ۽ جاگيرون ڪنهن قائم ڪيون آهن؟ اهي قبضاگير ته سنڌ مان آهن ته پوءِ انهن خلاف عدالتي جنگ وڙهڻ کان ويندي سياسي ويڙهه تائين سندرو ڇو نٿو ڪيو وڃي؟
ياد رکو!! سِنڌو ئي اسان جي وجود جوضامن آهي. سنڌو جا ٻيلا اسان جو سَتُر آهن. تنهن ڪري اچو ته پنهنجي وجود جي ضامن ۽ سَتُر ۾ ٻيهر ساهه وجهڻ لاءِ ميدان سجايون ۽ سڏ ڪري ٻڌايون سموري دنيا کي ته ڪيئن نه هن رياست اسان جي تهذيب اجاڙي آهي. اها رياست جيڪا هڪڙي پاسي ماحول جي نالي تي دنيا آڏو امداد جو ڪشڪول جهلي ٿي ۽ ٻئي پاسي اسان جو درياهه سُڪائي، ٻيلا وڍي اسان کي آڳ جي شعلن حوالي ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button