هن ڀيري واري بجيٽ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان ڀاري بجيٽ آهي. ان جا سبب اهي آهن ته هن ڀيري پاڪستان کي غيرملڪي امداد جو هڪ پئسو به نه مليو آهي. ٻي ڳالهه اها آهي ته هن ڀيري پاڪستان پنهنجي تاريخ جي سڀ کان وڏي سياسي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. ٽين ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي معاشي حالت اڳ ۾ اهڙي ڪڏهن ڪونه هئي، جهڙي هن ڀيري آهي. چوٿون نقطو اهو آهي ته پاڪستان ۾ معاشي بحران ۽ سياسي عدم استحڪام سبب ڊالر سڀ کان مٿين سطح تي پهچي ويو آهي.
اهي ته سڀ کان اهم ۽ بنيادي سبب آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ ٻيا به ننڍا وڏا تمام گهڻو فيڪٽر موجود آهن، جن جي ڪري پاڪستان جو معاشي حال تمام گهڻو برو آهي. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته پاڪستان جي ان حال سبب پاڪستان جا حڪمران يا پاڪستان جا سگهارا ادارا پنهنجي خرچن کي گهٽ ڪندا. هن وقت جي حڪومت وٽ ته اسٽيبلشمينٽ جو اڪيلو سهارو آهي، جيڪڏهن اهو سهارو هن وٽ نه هجي ها ته هوند حڪومت لاءِ هڪ هفتو هلڻ به ممڪن نه هجي ها پر پاڪستان جي ڪنهن به حڪومت وٽ اهو اختيار نه رهيو آهي ته هوءَ بنيادي پاليسين ۾ ڪا ردوبدل ڪري. جڏهن ته دنيا جو ڪو به ملڪ پنهنجي پاليسين ۾ تبديليءَ کان سواءِ ڪنهن به طرح سان تبديل ٿي نه ٿو سگهي. تبديليءَ لاءِ سدائين وڏن ۽ اهم فيصلن جي ضرورت هوندي آهي. اسان جي ملڪ ۾ وڏن فيصلن جو تصور به ان اسٽيٽسڪو کي ڏڪائي ڇڏي ٿو، جيڪو هن مهل تائين ملڪ کي مڪمل طور تي جمود واري ڪيفيت ۾ رکي ويٺو آهي. جيستائين اهو جمود رهندو، جيستائين اهو اسٽيٽسڪو ختم نه ٿيندو، تيستائين ترقيءَ جي ڪا راهه اجاڳر ٿي نه سگهندي.
پاڪستان جي گذريل ڏينهن واري بجيٽ ان حوالي سان به تمام گهڻي اهم ۽ عوام مخالف هئي، جو اها بجيٽ عوام لاءِ نه پر آءِ ايم ايف لاءِ جوڙي وئي هئي. اسان کي اهو به نظر ۾ رکڻ گهرجي ته آءِ ايم ايف سموريون شرطون پوريون ٿيڻ جي باوجود به جيڪڏهن پاڪستان کي قرض جي قسط ادا نه ٿي ڪئي ته ان جو سبب صرف اهو هو ته آءِ ايم ايف کي خوف هو ته ڪٿي قرض جي قسط وٺڻ کان پوءِ هيءَ حڪومت ڦري نه وڃي ۽ پنهنجي سياسي ساک کي بحال ڪرڻ لاءِ اها اهڙا فيصلا نه ڪري، جنهن سان آءِ ايم ايف کي پنهنجا پئسا واپس ورائڻ واري اها اميد ختم ٿي وڃي، جيڪا هونءَ به هر ڏينهن گهٽ کان گهٽ ٿيندي رهي آهي.
پاڪستان جي معاشي تاڃي پيٽي ۾ ڪجهه اهڙا وڙ وڪڙ آهن، جن کي سڌو ڪرڻ لازمي آهي. اصل ۾ آءِ ايم ايف جڏهن به انهن جي طرف اشارو ڪندي آهي ته تڏهن اسان جون حڪومتون تمام گهڻيون الرٽ ٿي وينديون آهن ۽ اهو سمورو بار عوام جي مٿان وجهڻ واري شرط تي راضي ٿي وينديون آهن. جڏهن ته انهن جو اهو ڪردار ان ڪري به هوندو آهي جو انهن کي هاڻي پوري پڪ ٿي وئي آهي ته انهن کي اقتدار ۾ آڻڻ جي طاقت عوام وٽ نه رهي آهي. جيڪڏهن عوام چاهي به ته هو اقتدار ۾ اچي نه ٿا سگهن. اقتدار ۾ اچڻ لاءِ پاڪستان جي انهن قوتن جو آشيرواد لازمي آهي، جن جا پنهنجا مفاد انهن جي لاءِ تمام گهڻا اهم آهن ۽ ڪنهن به طرح سان پنهنجن مفادن تان هٿ کڻي نه ٿا سگهن. ان ڪري پاڪستان ۾ انهن قوتن کي ڪڏهن به ناراض ڪرڻ جو خطرو کڻڻ ڪنهن به حڪومت لاءِ خطري کان خالي نه هوندو آهي.
بجيٽ جو مقصد بنيادي طور تي اهو هوندو آهي يا اهو هجڻ گهرجي ته هڪ ملڪ عالمي طور تي تبديل ٿيل ماحول مطابق پنهنجين پاليسين ۾ تبديليون آڻي سگهي ۽ اهو ڪجهه ڪري جنهن سان ان ملڪ ۾ معاشي ترقيءَ جا موقعا پيدا ٿي سگهن. ان کان سواءِ بجيٽ جو مقصد اهو به هوندو آهي ته هڪ ملڪ پنهنجي سياسي ۽ خاص طور تي رياستي پاليسين جو نئين سر جائزو وٺي انهن ۾ گهربل تبديليون آڻي. بجيٽ ان لاءِ به پيش ڪئي ويندي آهي ته جيئن مخصوص وقت کان پوءِ اهو حساب ڪري سگهجي ته ان عرصي ۾ ملڪ ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو؟ جيڪڏهن هن کي فائدو پيو ته ڪٿي ۽ ڪيئن پيو ۽ جيڪڏهن ان کي نقصان ٿيو ته ان جا سبب ڪهڙا هئا؟ پنهنجن تجربن جي روشنيءَ ۾ هڪ ملڪ کي موقعو ملندو آهي ته هو پنهنجو جائزو وٺي هڪ بهتر فيصلو ڪري سگهي. پر اسان وٽ بجيٽ صرف هڪ فارملٽي هوندي آهي. جيڪڏهن فارملٽيءَ کان سواءِ به هن جو ڪو وجود هوندو آهي ته اهو عوام جي مٿان وڌڪ بار وڌائڻ هوندو آهي. اهو ئي ڪجهه اسان کي گذريل ڏينهن واري بجيٽ ۾ نظر آيو. گذريل ڏينهن واري بجيٽ به اسان جي لاءِ ان عوام مخالف پاليسين جو حصو هئي، جن جي ڪري پاڪستان جو غريب وڌيڪ غريب ٿيندو رهيو آهي. پاڪستان جي تاريخ سدائين عوام کان ورتل قربانين جي تاريخ رهندي آئي آهي. اها تاريخ هن مهل به پنهنجي پراڻي پيچري تي جيئن جو تيئن هلي رهي آهي. پاڪستان ۾ عوام مٿان وڌل معاشي بار هن حڪومت کي به عوام ۾ اڃان وڌيڪ غيرمقبول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو پر جڏهن عوام وٽ اقتدار جو پاور ئي ناهي، جڏهن اهو طئه ٿيل آهي ته اقتدار ملڻ جون شرطون الڳ آهن ۽ اهو شعبو ئي ٻيو آهي ته پوءِ عوام جي ڪاڻ ڪير ڪڍندو؟
ميان نواز شريف ۽ هن جي جانشين نياڻي مريم صفدر کي ان ڳالهه تي سدائين اعتراض رهيو آهي ته هن جي چاچي جي حڪومت ماڻهن جي مٿان معاشي بار وڌائي پارٽيءَ کي پنجاب جي عوام ۾ غيرمقبول بڻائڻ جو ڏوهه ڪيو آهي. جڏهن ته ميان شهباز شريف پنهنجي سياسي ڊاڪٽرائن سمجهائڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته اصل شيءَ اقتدار آهي. جيڪڏهن عوام کان سواءِ اقتدار ملي ٿو ته پوءِ عوام جي مٿان معاشي بار وجهڻ ۾ ڪهڙو خطرو آهي؟ هن وقت محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته شهباز شريف جي سوچ کي تسليم ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڇا اهو ممڪن به ٿي پئي سگهيو ته اسحاق ڊار پاڻ پنهنجن هٿن سان هيءَ بجيٽ ٺاهي ها ۽ اها قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري ها. اهو ڪنهن به طرح سان ممڪن نه هجي ها. ان مان ثابت ٿيو ته ميان شهباز شريف جي سوچ سوڀاري ٿي آهي ۽ اها سوچ ته اقتدار عوام کي طاقت سان حاصل ٿيڻ کپي، ان سوچ کي عملي طور تي مات ملي آهي. ان صورتحال ۾ هن مهل پاڪستان جنهن معاشي عذاب مان گذري رهيو آهي، ان جون جڙون اسان جي سياسي سوچن ۾ آهن. جڏهن به پاڪستان ۾ عوامي ۽ جمهوري سوچ سگهاري ٿيندي، تڏهن پاڪستان ۾ معاشي فيصلا عوام جي حق ۾ ٿيندا. جيستائين اهو وقت اچي، تيستائين اسان جي عوام کي هي مشڪل وقت برداشت ڪرڻو پوندو.