ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سفري سهولت لاءِ هائبرڊ بسن جو اعلان

Editorial

ڪنهن به ملڪ جي عوام جي اها خواهش ضرور هوندي آهي ته ان کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن اهو محفوظ سفر ڪري سگهي. تازو سنڌ حڪومت اعلان ڪيو آهي ته اها 500 نيون بسون خريد ڪندي ۽ انهن کي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هلايو ويندو. اهو هڪ سٺو فيصلو آهي، جنهن جي آجيان ٿيڻ گهرجي ۽ سنڌ حڪومت جي ان فيصلي کي ساراهڻ پڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهو عمل عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيو پيو وڃي، جنهن سان عوام کي وڌ کان وڌ فائدو رسندو. سنڌ جي عوام جي اها پراڻي گهر رهي آهي ته ان کي سفر جون بهتر سهولتون ڏنيون وڃن ۽ ڀاڙا ايترا هجن جو اهي برداشت ڪري سگهن. پر هتي نجي ٽرانسپورٽ ماڻهن کي سفر کان ئي محروم ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪئي وئي آهي پر اها ڪجهه شهرن تائين محدود آهي، تنهنڪري ان جو دائرو وڌائڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته اها بس سروس سٺي آهي، عام ماڻهو ان ۾ سفر ڪن ٿا ۽ ان کي ساراهين به ٿا. پر هيستائين حيدرآباد ۾ شروع ڪيل پيپلز بس سروس جا روٽ به پورا ڪونه ڪيا ويا آهن، اها سروس رڳو ٻن روٽن تي هلي رهي آهي. ڪالهوڪي آيل خبر موجب سنڌ حڪومت سفري سهولتن کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ واري آهي.
سنڌ جي بجيٽ ۾ مختلف شهرن لا نيون 500 بسون خريد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ حڪومت 10 ارب رپيا رکي ڇڏيا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بجيٽ تقرير ۾ چيو ته عوام کي سفر جون سستيون، محفوظ ۽ جديد سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، انٽرا ڊسٽرڪٽ پيپلز بس سروس لاءِ بجيٽ ۾ 6 ڏهائي 1 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ٽرانسپورٽ جي مينٽيننس جي مد ۾ 2 ارب رپيا رکيا پيا وڃن، جڏهن ته 500 هائبرڊ بسن جي خريداري لاءِ ڏهه ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي, ڪراچي، ٺٽو، بدين ۽ ٻين شهرن ۾ جديد بس اڏا پڻ قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن کي سفر جون سهولتون ڏنيون ويون آهن، نون روٽن تي 60 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويندا. روزاني 250 هائبرڊ بسن ذريعي ساڍا 3 لک ماڻهو سفر ڪري سگهندا. جڏهن ته گرين لائن ذريعي 50 هزار مسافر سفر ڪري سگهندا. سنڌ بجيٽ ۾ ملير ايڪسپريس وي مڪمل ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو. سنڌ ۾ ان کان به وڌيڪ بسن جي ضرورت آهي. خاص طور تي حيدرآباد جهڙي شهر ۾ وڌيڪ پيپلز بس سروس جي ضرورت آهي ته جيئن عوام جو وڏو انگ انهن بسن ۾ سفر ڪري سگهي، پر هيستائين اهڙو ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويو آهي.
هاڻ جڏهن سنڌ حڪومت نئين بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو آهي ته ان کي ترت عمل ۾ آڻڻ گهرجي. خاص طور انهن شهرن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، جتي سفري سهولتون بهتر حالت ۾ ڪونه آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پهرين انهن روٽن تي بسون هلايون وڃن جن جو اعلان ماضي ۾ ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ ننڍن شهرن ۾ اها سهولت فراهم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button