ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته جديديت پڄاڻا اديبن کي تخليقي ادب لکڻ جا نوان دڳ ڏنا. پنهنجي ڳالهه مختلف طريقن سان ڪرڻ سيکاري ۽ اديبن کي اها همت پڻ ڏني ته اهي پنهنجي هر خيال کي ناول ۽ ڪهاڻيءَ ۾ شامل ڪري سگهن. ماڻهن کي مها بيانين مان ڪڍي آزادي سان سوچڻ جي صلاحيت ڏني. افسانوي ادب ۾ ڪهاڻي ٻڌائڻ جو دلڪش انداز ۽ نوان موضوع شامل ٿيڻ لڳا.
ميٽا فڪشن هڪ اهڙو انداز آهي، جيڪو افساني جي ٽيڪنيڪ، ڪهاڻي ٻڌائڻ جي انداز کان ويندي ڪنهن افساني تي تنقيد ڪري، جيڪو افسانو هوندي به افساني جي حدن کان اڳيان نڪري وڃي. ڪيترن ئي وڏن ليکڪن ان حوالي سان تجربا ڪيا. اهڙن ليکڪن ۾ هڪ ڪيوبا ڄائو اٽليءَ جو ليکڪ اٽيلو ڪيلوينو پڻ آهي. هن جي ٽرائلاجي “اور اينسٽرس” مشهور آهي پر سن 1979ع ۾ چپيل هن جو ناول “If on a winter’s night a traveler’ موضوع ۽ ڪهاڻي ٻڌائڻ جي حوالي سان هڪ بلڪل الڳ تجربو آهي. هن ناول جي شروعات “اوهان” نالي پڙهندڙ جي ڪردار سان ٿئي جيڪو اٽيلو ڪيلوينو جو تازو آيل ناول وٺي اچي ٿو ۽ پڙهڻ شروع ڪري ٿو. ان ناول جي پهرين باب ۾ هڪ ريلوي اسٽيشن جو منظر آهي. “اوهان” نالي پڙهندڙ کي احساس ٿئي ٿو ته هي ڪيلوينو جي لکڻ جو انداز نه آهي پر پو اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته ليکڪ هر ڀيري پنهنجو انداز مٽائيندو رهندو آهي. جڏهن “اوهان” نالي پڙهندڙ جو تجسس وڌڻ لڳي ٿو ۽ هو ناول اڳيان پڙهڻ گهري ٿو ته هن کي خبر پئي ٿي هو جيڪو ناول پڙهي رهيو آهي، ان جو نالو ٻيو آهي ۽ اهو باب ڇپائي جي غلطي جي ڪري ڪيلوينو جي ناول ۾ اچي ويو آهي. جڏهن ته ناول ۾ ڪيترا ئي صفحا کٽل آهن ۽ ڪجهه ساڳيا ئي صفحا ناول ۾ ٻيهر ڇپجي ويا آهن. پڙهندڙ اهو ناول کڻي ڪتاب گهر ڏئي اچي ٿو، جتي هن کي خبر پئي ٿي ته اها شڪايت هن کان اڳ ٻين پڙهندڙن به ڪئي آهي ۽ اتي هو ليڊملا نالي هڪ پڙهاڪو ڇوڪري سان ملي ٿو جنهن کي ناول پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق آهي. هو اوهان کي فون نمبر ڏئي ٿي. اهي ٻئي ان نئين ناول جون ڪاپيون وٺي وڃن ٿا. اوهان کي پڙهندي پڙهندي احساس ٿئي ٿو ته جيڪو ناول اوهان پڙهڻ شروع ڪيو آهي، اهو اڃائي ٻيو آهي ۽ هاڻي وري اوهان کي اهو ناول پڙهڻ جو شوق ٿئي ٿو. هو لڊملا کي فون ڪري ٿو پر فون هن جي ڀيڻ لوريٽا کڻي ٿي. هو هڪ يونيورسٽي جي شاگردياڻي آهي ۽ اها اوهان کي ٻڌائي ٿي لڊملا ايئن ڪندي آهي هو ماڻهن کان جان ڇڏائڻ لا پنهنجي ڀيڻ جو نمبر ڏئي ڇڏيندي آهي. ايئن ڪندي ڪندي “اوهان” ڏهن مختلف ناولن جا پهريان باب پڙهي وڃي ٿو ۽ هر ناول سان ساڳيو ئي مسئلو آهي. ان وچ ۾ هڪ ناول اهڙو به پڙهي ٿو جيڪو يورپ جي ختم ٿيل Cimmerian ٻولي جو سمجهي پڙهي رهيو هو. پر ان حوالي سان به خبر پئي ٿي ته اهو ناول اصل ۾ هڪ ٻئي يورپي ٻولي Cimbarian جو آهي ۽ ان حوالي سان لڊملا اوهان کي پروفيسر اوزي ٽوزي سان ملڻ لا چئي ٿي. اڳيان خبر پئي ٿي ته ان ۾ سمورو ڏوهه ترجمي ڪندڙ ارمس مرانا جو آهي. جنهن بيلجين ٻولي جي ناول کي پولش ناول چئي ترجمو ڪيو ۽ جنهن بيلجين ٻوليءَ جي ناول کي ڪنهن ٻئي ٻوليءَ جو ناول چئي ترجمو ڪيو. ايئن ناول ۾ هڪ نئون رخ تڏهن اچي ٿو جڏهن “اوهان” هڪ سفر کان موٽيندي جهاز ۾ ڪو ناول پڙهڻ شروع ڪري ٿو ۽ لينڊ ڪري ٽيڪسي پڪڙي وري ناول پڙهڻ لڳي ٿو. ايتري ۾ پوليس اوهان جو پيڇو ڪري اوهان کان اهو ناول ڦري وٺي ٿي ۽ چئي ٿي هن ناول تي هتي پابندي مڙهيل آهي. سفر ۾ اوهان کي هڪ مائي ملي ٿي جيڪا اوهان کي ٻڌائي ٿي ان ناول جي ڪاپي هن وٽ آهي. جيڪڏهن “اوهان” کي اهو ناول پورو پڙهڻو آهي ته هن سان هلي. “اوهان” هن سان وڃي ٿو ۽ ايئن ڪيلوينو پنهنجي ناول ۾ سينسرشپ جو موضوع کڻي اچي ٿو.
ناول ۾ ڪهاڻي ٻڌائڻ جو هي طريقو ۽ اهو موضوع اڳ ڪنهن به ليکڪ نه کنيو آهي. هن ناول جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته پڙهندڙ هڪ ناول ڇو ٿو پڙهي، اهو لکڻي کي ڪيئن ٿو ڏسي. هن جو ڪتابن سان ناتو ڪيئن ٿو جڙي ۽ هو ڪتاب پڙهي ڇا ٿو حاصل ڪري، جهڙن سوالن تي روشني وڌي وئي آهي. هي ناول خوبصورت انداز ۾ لکيل آهي ۽ وري وري پڙهڻ جهڙو ناول آهي.