ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

2022ع جي ٻوڏ ۽ جوهي برانچ جي تباهيءَ جو قصو

Editorial-Article- Ishaq Mangrio

ٻه هزار ٻاويهه جي برساتي ٻوڏ کان پوءِ ٻوڏ واري علائقي ۾ 10 مهينن کان بيٺل پاڻي، ٻيهر آباد ٿي نه سگهندڙ ڳوٺ ۽ گهر، برباد ٿي ويل اسڪول ۽ اسپتالن جا قصا ۽ ڪهاڻيون ڪجهه نه ڪجهه رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. پر ٻوڏ وارين وڏين خبرن ۾ جيڪا وڏي ۽ اهم خبر گم ٿي وئي آهي، اها ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويل جوهي برانچ جي ڪهاڻي آهي. جيڪا نه پرنٽ ۽ نه اليڪٽرانڪ ميڊيا کان ويندي سوشل ميڊيا مان به گم ٿي ويل آهي. جوهي برانچ جي 14 شاخن ۽ پنجاهه سڌا جاري ڪيل آئوٽ ليٽز جي بند هجڻ سبب علائقي جي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي. ماڻهو، جانور، پکي پکڻ پڻ پاڻيءَ لاءِ پريشان نظر اچن ٿا. جوهي برانچ ڪاڇي کي بئراجي علائقي کان الڳ ڪري ٿي. ڏهن مهينن کان وهڪرو بند هئن سبب جوهي برانج جون بئراجي علائقي جون زمينون پڻ ويراني سبب ڪاڇي جهڙو ڏيک ڏيڻ لڳيون آهن.
جوهي برانچ جو قصو: جوهي برانچ دادو ڪئنال مان 95 آرڊي ريگيوليٽر وٽان سيتا ويجهو نڪري ٿي. هي 238 آرڊيون ڊيگهه وارو واهه آهي. جيڪا 19 ميل ڪي اين شاهه ۽ ٻئي جوهي تعلقي کي سيراب ڪري ٿي. جوهي برانچ واهه جي هيٺان انگريز دور ۾ ايم اين وي (مين نارا ويلي) ڊرين جوهي برانچ جي 77 آر ڊي وٽان گزري ٿي. لوهه جي ٽنل ذريعي ايم اين وي جي مٿان جوهي برانچ وارو واهه گذري ٿو. مقامي ماڻهو ان لوهي ٽنل کي “ڪاري پل” سڏين ٿا. 2022ع واري وڏي ٻوڏ ۾ ڪاري پل کي ايم اين وي جو زوردار وهڪرو لوڙهي ويو هو. نتيجي ۾ جوهي برانچ جون 151 آرڊيون وهڪرو ڏهن مهينن کان بند ٿيل آهي. هن وقت جوهي برانچ جون 14 شاخون ۽ پنجاهه نڪتل ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ بند پيل آهن. بند ٿيل شاخن ۾، کنڀڙ مائنر، مير محمد شاخ، بيکو ديرو شاخ، پيسا شاخ، ٿرڙي شاخ، ڦلجي شاخ، پهوڙ شاخ، پٽوڙو شاخ، چينجاڻي مائنر، خان مائنر، دڙا ڊسٽري بيوٽري، نوناري مائنر، لاکا ڊسٽري بيوٽري، ڇني مائنر شامل آهن ۽ 50 ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ پڻ جوهي برانچ مان وهندڙ هئا.
اهڙي صورتحال سبب برسات واري وڏي ٻوڏ کان پوءِ هن علائقي جي اٽڪل سوا لک ايڪڙ زرعي زمين تي چيٽ (ربيع) جو فصل پوکجي نه سگهيو ۽ ڪتي (خريف) ۾ وونئڻ نه پوکجي سگهيا. جڏهن ته هاڻ سارين جي ٻيجارو پوکڻ جي مند هئڻ جي باوجود پاڻي نه هئڻ سبب هن سڄي علائقي ۾ سارين جي پوکيءَ واري ڪنهن به قسم جي سرگرمي نظر نه پئي اچي. اهوئي سبب آهي ته جوهيءَ ۾ سارين جا ڪارخانا لاڳيتو بند پيل آهن. جڏهن ته ايندڙ سارين جو فصل نه ٿي سگهڻ ڪري بيروزگاريءَ سبب علائقي واسي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويل آهن. هن وقت هن علائقي ۾ پيئڻ جو پاڻي نه هئڻ سنگين صورتحال پيدا ڪري وڌي آهي. هوڏانهن رڳو جوهي شهر کي ڪاڇي جي ڳوٺ ننگر ڌاريو مان ست ڪلوميٽر جي واٽر سپلاءِ لائين ڏني وئي آهي. جڏهن ته اوسي پاسي جي سوين ڳوٺن جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ سبب سخت پريشان آهن. ايم اين وي جي مٿان جوهي برانچ واري پل جوڙائڻ وارو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. جنهن جو ٽينڊر جنوري 2023ع ۾ ٿيو آهي. 9 مهينن ۾ ڪم مڪمل ٿيڻ جي ٽينڊر نوٽيس ۾ آگاهي ڏنل آهي. پر ڪم جي انداز تي مقامي رهواسي سخت پريشان آهن. هنن جو چوڻ آهي ته سيپٽمبر تائين پل جو ڪم مڪمل ٿيڻ گهربو هو. پر هيءُ ڪم اوسيتائين مڪمل ٿي نه سگهندو. جڏهن ته آبادگار اتحاد جوهيءَ جي صدر منظور سولنگيءَ جو چوڻ آهي ته هلندڙ ڪم جي سست رفتاريءَ جي خلاف آبادگار اتحاد پاران جوهيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو پڻ ٿي چڪو آهي. آبپاشي جي چيف انجنيئر ۽ علائقي جي ايم اين اي رفيق جمالي وٽ پڻ اهڙو خدشو ظاهر ڪيو آهي. ڪڻڪ ۽ تورئي جو فصل ته پوکجي نه سگهيو، پر لڳي ٿو ته ساريون به پوکي نه سگهبيون. منظور سولنگي ٻڌايو ته هن وقت سارين جي پنيري جي پوکيءَ جو وقت آهي. جولاءِ ۾ جوهي برانچ جو وهڪرو بحال ڪري ڏيڻ جو وعدو ڪيو ويو هو. پر لڳي ٿو ته خريف جو ساريال وارو فصل به پوکجي نه سگهندو. هوڏانهن جوهيءَ ۾ سياسي پارٽين جي گڏيل اتحاد شهري ايڪشن ڪميٽيءَ پاران پڻ احتجاج ڪري جوهي برانچ جي پل جي اڏاوت جو ڪم تڪڙو ڪرائڻ جي گهر ڪئي وئي آهي. پر وڏي ٻوڏ جي تباهيءَ کان پوءِ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي سرگرمي انتهائي محدود ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button