ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

استحڪام لاءِ نئين پارٽي

پي ٽي آءِ ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه کان پوءِ نيون سياسي صف بنديون ٿي رهيون آهن. جيئن ته پاڪستان جي سياست سياسي پارٽين جي هٿ وس ڪونه رهي آهي، تنهنڪري جڏهن به ڪنهن نئين سياسي پارٽيءَ جو جنم ٿئي ٿو يا ڪا پارٽي ٽٽي ٽڪر ٽڪر ٿئي ته اهو تاثر وڌيڪ پختو ٿيڻ لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ هڪ ڀيرو وري پنهنجون توانائيون ڪنهن نئين پارٽيءَ تي لڳائي رهي آهي. تازو جڏهن پي ٽي آءِ مان سياسي اڳواڻ هڪٻئي پويان پارٽيءَ کان موڪلائي سياست تان ئي هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري رهيا هئا ته ائين پئي لڳو ته اهي چهرا جيڪي اسان کي اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه ڏيکاريا هئا، اهي هاڻ وري ڪڏهن به سياست جي ميدان ۾ نظر ڪونه ايندا ۽ اهي عملي سياست کان توبهن تائب ٿي چڪا پر ائين ڪونه ٿيو. اهي ساڳيان ماڻهو جهانگير ترين جي نئين ٺهندڙ پارٽي استحڪام پاڪستان پارٽيءَ ۾ نظر اچي رهيا آهن.
پي ٽي آءِ جي ٽيم جو حصو رهندڙ ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيازيءَ جو معاشي ڀرجهلو جهانگير ترين ان وقت ئي عمران خان تي قربان ٿي ويو هو، جڏهن کيس نا اهل ڪيو ويو هو. عمران خان نيازي نا اهل نه ٿي سگهي تنهنڪري ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار جهانگير ترين کي نا اهل قرار ڏئي ڇڏيو هو ته جيئن نواز شريف جي نا اهلي کي جائز قرار ڏنو وڃي. اهڙي ريت عمران خان نيازيءَ لاءِ وزير اعظم ٿيڻ جا سڀئي رستا صاف ٿي ويا.
هاڻ جڏهن جهانگير ترين نئين پارٽيءَ سان ميدان ۾ لهي رهيو آهي ته اها پارٽي پنجاب ۾ هڪ پريشر گروپ ضرور هوندي. ٻي صورت اها آهي ته انهن سڀني ڀڳوڙن کي استحڪام پاڪستان پارٽيءَ ۾ مصروف رکي ان جو حشر به پاڪ سرزمين پارٽي جهڙُو ڪيو وڃي. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهڙين سياسي پارٽين جو جنم عام ڳالهه آهي. ڪوبه بااختيار پنهنجي مرضيءَ جي سياسي پارٽي ٺهرائڻ ۾ دير نه ڪندو آهي. ان لاءِ سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي رڳو اشارو ڪيو ويندو آهي ته انهن کي ڪهڙي پارٽيءَ ۾ وڃڻو آهي. ان کان پوءِ اهي ماڻهو پنهنجون وفاداريون ان پارٽيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن. هن وقت جڏهن پي ٽي آءِ جا ماڻهو عمران نيازيءَ کان شڪايتون ڪري رهيا آهن، اهي ڪالهه ان جا قصيدا ڳائيندا هئا ۽ کيس دنيا جو وڏو ليڊر ڪري پيش ڪندا هئا پر اصل ۾ هو سياسي طور پنهنجو پاڻ کي ملڪي سطح تي به هڪ بهتر ليڊر ثابت ڪونه ڪري سگهيو. نتيجي ۾ هن نه رڳو ملڪ ۾ ڏڦيڙ واري سياست ڪئي پر هن هر سطح تي سياسي اخلاقيات کي به تباهه ڪيو. ان جو اثر اسان هيٺئين سطح تي پڻ ڏٺو، جڏهن هڪ عام پي ٽي آءِ جي ورڪر به ڪنهن سياسي اڳواڻ سان بدتميزيءَ کان نٿي ڪيٻايو. سياسي اڳواڻن تي نالا رکڻ ۽ انهن کي هر هڪ تقرير ۾ غلط نالي سان پڪارڻ جي روايت به عمران خان نيازي متعارف ڪرائي. ائين هن ملڪ جي سڄي سياسي ڪلچر کي گندو ڪري ڇڏيو ۽ اڄ هو پنهنجي سمورين ناڪامين جو ذميوار اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي قرار ڏئي ٿو.
دنيا جو ڪوبه سياستدان جيڪو سياسي عمل ۾ ڳالهين تي ويساهه نٿو رکي، اهو سياست جي بنيادي عنصرن کان به واقف نه هوندو آهي. اهڙي ريت عمران خان نيازي نه رڳو ڳالهين جي عمل کي ٿڏيو آهي پر هو پنهنجن مخالفن کي مسئلن جي حل لاءِ ميز تي ويهاري معاملن حل ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. جڏهن حڪومت ڳالهيون ڪرڻ لاءِ کيس چوندي رهي ته هو انڪار ڪندو رهيو ۽ پوءِ جڏهن ڳالهين جو وقت نڪري ويو ته هو پنهنجي پر ۾ ڪميٽي جوڙي ويهي رهيو ته اها حڪومت سان ڳالهيون ڪري پر انهن مان ڪيترائي ماڻهو پارٽي ڇڏي چڪا هئا.
هن وقت هو ڀلي چوندو رهي ته هاڻوڪي حڪومت وٽ اختيار ناهي پر سچ اهو به آهي ته هن وٽ به ڪو اختيار ڪونه هو. هو ان اختيار جي باري ۾ عوام سان دوکو ڪندو رهيو. عمران خان نيازي اڄ جنهن دور مان گذري رهيو آهي، ان جا امڪان ته ان وقت ئي ظاهر ٿي ويا هئا، جڏهن هو ملڪ جو وزير اعظم ٿيو هو ۽ هن پنهنجي سياسي مخالفن کان پلاند وٺڻ شروع ڪيو هو. تنهنڪري اڄ جيڪڏهن هو سياسي اڪيلائيءَ جو شڪار آهي ته اها سياسي اڪيلائي هن جي پنهنجي پيدا ڪيل آهي. ان سڄي ماحول ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي ملڪ جي سياسي ميدان ۾ پنهنجو ڪهڙُو ڪردار ادا ڪندي، ان جو پتو لڳڻ ۾ گهڻو وقت ڪونه لڳندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button