ڪنهن به روڊ حادثي ۾ مري ويل ماڻهن جو درمان اهو ڪونهي ته انهن جي وارثن کي لکين روپيا ڏنا وڃن، ڇاڪاڻ ته انساني زندگيءَ جو ڪوبه ملهه ڪونه هوندو آهي. اسان وٽ جڏهن به ڪو روڊ حادثو ٿيندو آهي ته وارثن کي پئسا ڏنا ويندا آهن پر روڊ حادثن جي سببن تي غور ڪونه ڪيو ويندو آهي، جن سببن جي ڪري روڊ حادثا ٿيندا رهندا آهن، انهن کي ختم ڪونه ڪيو ويندو آهي، نتيجي ۾ روڊ حادثا معمول بڻجي ويا آهن. ان کان سواءِ جتي به روڊ حادثو ٿئي ٿو ته اتي موجود ڀروارين اسپتالن ۾ گهربل سهولتون به ڪونه هونديون آهن جو زخمين جو علاج ٿي سگهي.
رپورٽ موجب ڪنڌڪوٽ ۾ بهه سان ڀريل ٽرالر وچ شهر ۾ ناقص روڊ ۽ وڏي ڪراس کان گذر دوران رڪشا مٿان ڪلٽي ٿي پيو. تنگواڻي واسي هڪ ئي خاندان جي زال، مڙس، پٽ سميت 6 ڄڻا فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪنڌڪوٽ شھر جي اناج منڊي روڊ جتان جيڪب آباد ۽ بلوچستان ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ جو گذر ٿئي ٿو، ساقي موڙ کان مسڻ موڙ تائين روڊ مڪمل تباهه ٿيل آهي، جتي گذر دوران اناج منڊي اڳيان وڏو ڪراس ڪندي ٽرالر بدنصيب خاندان جي رڪشا مٿان ڪلٽي ٿي پيو، جنهن ڪري رڪشا ۾ سوار 12 ڄڻا دٻجي ويا. واقعي تي سوين شھرين ھمت ڪندي ڪلٽي ٿيل ٽرالر هيٺان دٻجي ويلن کي ٻاھر ڪڍيو، جنهن ۾ اڪثر زخمي حالت ۾ ٻاھر ڪڍي ڪجهه وکن تي موجود سول اسپتال آندو ويو، جتي اسپتال ۾ ڪا سھولت نه ھجڻ ڪري زخمي تڙپندا رھيا. واقعي جي اطلاع تي متاثر نندواڻي برادريءَ جا ماڻهو وڏي انگ ۾ اسپتال پهچي ويا. زخمين جي نازڪ حالت ھجڻ تي سکر منتقل ڪيو ويو ۽ فوتي عورت جو ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه ھجڻ ڪري پوسٽ مارٽم نه ٿيو، باقي لاشن جو پوسٽ مارٽم ۽ قانوني ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا. لاشن کي ايمبولينس ذريعي تنگواڻي ويجهو ڳوٺ يار محمد نندواڻي آندو ويو ته ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو. هڪ ئي خاندان جا 6 لاش ڳوٺ ۾ پهچڻ تي تنگواڻي شهر ۽ ڀرپاسي جا ماڻهو وڏي انگ ۾ پهچي ويا. جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ مڙهن کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ٻئي طرف ڊي سي ڪشمور منور مٺياڻي تڏي تي پهچي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي فوتين جي وارثن دانهيندي چيو ته اسپتال عملي جي لاپرواهي سبب انساني جانيون ضايع ٿيون آهن. ان موقعي تي ڊي سي منور علي مٺياڻي چيو ته واقعي تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، ڪوتاهي ڪندڙ اسپتال عملي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته هر فوتي کي 10-10 لک روپيا معاوضو ڏيارڻ لا سنڌ حڪومت کي خط لکيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ درد ناڪ حادثو آهي، جنهن تي جيترو افسوس ڪجي سو گهٽ آهي، روڊ حادثن جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا پر ناقص موڙ ۽ لاپرواهيءَ سان ڊرائيونگ ان جا اهم سبب آهي. ضرورت ان ڳالهه آهي ته انهن روڊن حادثن کان انساني زندگين کي بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وارتا وڃن ۽ جتي جتي به ناقص موڙ ۽ روڊ آهن، انهن کي بهتر ڪيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ روڊ حادثا نه ثي سگهن.