ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مَدار…!!

Editorial-Article- Irshad Leghari

اڄ سَندُس حال اهڙي پُراڻي اوڏڪي ڀِت جهڙو هو، جنهن ڀِت ۾ هڪ ڊِگهي بَرسات کان پوءِ هنڌان هنڌان ڏار پئجي ويا هُجن ۽ ان ڀِت جا اڏيندڙ خبر ناهي اُتان ڪڏهوڪا لَڏي جو ويا ته وري موٽي به ڪونه ڏٺائون!! ها بلڪل ايئن جيئن مُرشد فرمايو آهي…
“اڏي اڏي اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون”
ها سو هِن مُرشد جي اها سِٽ جڏهن کان پڙهي تڏهن کان هِن جتي به پُراڻيون اوڏڪيون ويران ڀِتيون ڏٺيون تڏهن پاڻ انهن اڪيلين ويران ڀِتين جي اداس راتين جو همراز بڻجي، اُتي ڪي گهڙيون لازمي گهاريندو رهيو آهي. هُو جيڪو هِن جنم ۾ سدائين انهن مِٽي وارين پُراڻين ڀِتين مان اُڀري آيل اڃايل ڪوڏ جي رُوپ ۾ رهيو آهي، تنهن کي اُنهي ڏينهن ياد پئي آيو سَدوري اوڏ جو اهو قصو، جنهن ۾ سئو سالن جي پوڙهي اوڏ کيس اهو سمجهايو هو ته…
” سمونڊ جا سڀئي ڪوڏ، اوڏڪي ڀِت مان جنم وٺڻ جي لاءِ نسل در نسل تياڳ ڪاٽيندا آهن. پوءِ هاڻ اها نصيب جي ڳالهه آهي ته سمونڊ جي انهن ڪوڏن مان ڪنهن جي ڀاڱي ۾ اوڏڪي ڀِت وارو جنم ٿو اچي. “
سمونڊن جي سائنس ڪوڏن جي حوالي سان جيڪو به ٻُڌائيندي هجي پر سَدوري اوڏ پُراڻي ڀِت مان هڪ ڪوڏ ڪڍي، هِن جي هٿ تي رکي چيو…
“چڱو تون هِن ڪوڏ کي هڪ لمحو محسوس ته ڪر ۽ پوءِ ڏس ته تنهنجي وجود ۾ سَتن سمنڊن جي گجگوڙ گُڙي ٿي يانه؟ جي ها ته مڃجان، نه ته آئون تُنهنجو ڏوهي.”
۽ اهڙي ريت هن جيئن ئي سَدوري اوڏ پاران ڏنل ڪوڏ پنهنجي هٿ تي رکيو تڏهن کيس محسوس ٿيو ته سنسار جا سمورا سمونڊ منجهس سمائجي ويا هجن!!
اڄ کيس ريل جي پُراڻي پٽڙي جو اهو پٿر به ياد پئي آيو، جيڪو پَٽڙي وارن پٿرن جي ڪُڙم مان خبر ناهي ڪنهن جي ٿُڏي سان ٿِڙي پري وڃي پيو هو. ۽ هڪ شام جڏهن هو پنهنجي سنگ سان سفر ۾ تڏهن اوچتو ساڌُو راهه ۾ پيل انهي اڪيلي پٿر وٽ بيهي، ان پٿر کي وڏي پيار سان کنيو ۽ چيائين ته..
“هي پٿر اڄ ڏينهن کان پوءِ پنهنجو سنگي آهي”
آشرم پهچندي ئي ساڌو انهي پٿر کي نديءَ مان وڃي شنان ڪرايو ته پٿر جا رولڙي وارا سمورا ٿڪ ندي ۾ لُڙهي ويا. پٿر کي ندي مان شنان ڪرائڻ کان پوءِ ساڌو سِڌو پٿر کي اچي دَڙي تي وڇايل تَڏي مٿان رکندي چيو…
“اڄ ڏينهن کان پوءِ تنهنجو ڪم هن تڏي کي واءُ ۾ اڏامڻ کان روڪڻ آهي.”
۽ ايئن اهو پٿر جيڪو راهه ۾ رُليو پيو هو تنهن کي هڪ ٿاڪ ۽ معنيٰ ملي وئي.
جڏهن پٿر هٿيڪو ٿيو ته رهاڻ جي گهڙي به چڙهي آئي ۽ پوءِ ساڌُو چوڻ لڳو…
“راهه ۾ رُلي ويلن کي اجايو نِراس نه ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن سندن انتظار ۾ سچائي هوندي ته دير سوير سيني لائڻ واري سنگ سان سندن ميلو اوس ٿيندو ۽ ڊگهي خاموشي جو کين اجُورو لازمي مِلندو، جنهن ۾ سَڄڻ گوڏي گڏ ويهاري ساڻن سمورا حال ايئن سليندو جيئن ڪوئي انسان اک پورڻ کان اول پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندو آهي. ها، اهو آخري لمحو!! جنهن ۾ ڪوبه اهڙو ناهي، جنهن کي پنهنجي حيات جي ڪُوڙ ۽ سچ جي سُڌ نه پوندي هجي. ها پر ٿئي ايئن ٿو جو جڏهن پنهنجي سچ ڪوڙ جو اعتراف ڪرڻ گهرجي، سو وقت وڃائي اڪثر ماڻهو پنهنجي سچ ڪوڙ جو اعتراف ان ڪري نٿا ڪن جو انهي اعتراف ۾ کين پنهنجي اڻ پورائپ واري شرمندگي سامهون اچيو وڃي. ها البت جن وٽ معرفت جي سُرت هوندي آهي سي پنهنجي سچ ڪوڙ جي اعتراف ڪرڻ ۾ ساعت به ناهن وڃائيندا. ڇاڪاڻ جو کين اها خبر هوندي آهي ته اڻ پُورائپ جي اعتراف واري عبديت ئي ته اصل اهو مقام آهي جتان پورائپ جا پردا کُلن ٿا. ۽ ها ٻيو اهو ته زور جي ميندي نٿي لڳائي سگهجي. هتي هرڪوئي پنهنجي پنهنجي واٽ وٺي هلندو پيو هلي. انهي واٽ ۾ ارمان رڳو انهن جو ٿو ٿئي جيڪي اجائي تڪڙ ۽ جلدي جي ڪاٺ گهوڙي تي چڙهي سڀني کان اڳتي نڪري وڃڻ واري وٺان وٺان ۾ اهو وساري ويهن ٿا ته ڌرتي جي مَدار مان نڪري وڃڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جو ڪوبه وزن نه رهندو آهي.
تنهن ڪري ياد رکو ته هڪ سجاڳ روح کي سدائين مَدار جو خيال رکڻ گهرجي. مَدار جيڪو توهان کي توهان جي وزن جو پَتو ڏيندو ۽ وزن وري توهان ۾ اهو ويساهه پيدا ڪندو آهي جيڪو هر پانڌيئڙي لاءِ پهريون شرط آهي. ان ڪري سدائين مدار جي خبر رکو ۽ پنهنجي يار جي خبر رکو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button