تائيوان واري معاملي تي ويجهڙ ۾ ئي آمريڪا ۽ چين جي فوج جي هڪٻئي سان منهن ماري ۽ دڙڪي دهمان واري صورتحال خراب ٿي هٿياربند جهڙپن جي شڪل اختيار ڪري رهي آهي.آمريڪي نيوي گائيڊڊ ميزائيل ڊسٽرائر ۽ چيني جنگي بحري ٻيڙي وچ ۾ پوئين هفتي ئي جهڙپ ٿيندي ٿيندي رهجي وئي هئي. جيتوڻيڪ ٻنهي ڌرين جي آفيسرن اها ڪوشش ڪئي آهي ته سرچاءُ ٿي وڃي ۽ ٻنهي عالمي قوتن جا لاڳاپا معمول مطابق ٿي وڃن پر في الحال اهڙيون ڪوششون ڪاميابيءَ جو منهن ڏسندي نظر نه پيون اچن. ٻنهي ملڪن کي خبر آهي ته جنگ ڪنهن جي به فائدي ۾ نه هوندي. اها جنگ آمريڪا يا چين نه کٽي سگهندو. ٻنهي ملڪن جي سرمائيدارن ۽ سندن ڪمپنين جي فائدي ۾ ته ٿي سگهي ٿي پر اتان جي عوام کي ان جنگ منجهان ڪوئي فائدو نه پوندو. پوري انساني تاريخ ۾ جنگين عوام کي هميشه نقصان ئي ڏنو آهي، فائدو ڪڏهن به نه. جنگيون پاڻ هڪڙو مسئلو آهن ان ڪري جنگين سان مسئلا نبرندا به ڪونهن. مسئلن جو نبيرو ته وري به ڳالهين جي ميز تي ئي ٿيندو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ٽڪراءُ ۾ آيل ڌريون هڪٻئي کي پنهنجي قوت ڏيکارڻ جي موڊ ۾ هونديون آهن. کين پتو هوندو آهي ته ڳالهيون ته بعد ۾ به ڪري سگهجن ٿيون. معاهدا ته پوءِ به ٿي سگهندا. پهريان ٿورا سِڱَ وچڙايون، هڪٻئي جو زور آزمائي ڏسون، ڳالهيون ته پوءِ به ڪري وٺنداسين.
لندن ۾ پاڙون رکندڙ هڪڙو دانشور گروهه هر سال سنگاپور ۾ هڪڙي ويهڪ ڪرائيندو آهي جنهن ۾ آمريڪا ۽ چين جي دفاع جا اعلى عملدار ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺندا آهن. ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جنگ يا جهڙپ بدران ٻنهي طاقتور ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي پنهنجا تڪرار نبيرڻ لاءِ آماده ڪجي. عام طور ڳالهه ٻولهه جي ان ميز تان اٿندي ٻنهي ملڪن جا اهلڪار هڪٻئي کي ڌمڪيون ڏئي اٿندا آهن. ويجهڙ ۾ ٿيل اهڙي هڪڙي ميٽنگ ۾ چين پاران سخت ٻولي ڳالهائي وئي آهي. چين جي دفاع واري وزير لِي شانگ فُو خبردار ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن اولهه جي آرمي چيني سمنڊ منجهان نه نڪتي ته تڪرار جي هڪ اهڙي ڪُنَ ۾ ڦاسي پوندي جتان سلامتيءَ سان نڪرڻ جي پوءِ ڪا گنجائش ئي نه هوندي. گذريل مهيني آمريڪي سي آءِ اي جي سربراهه بل برنس پڻ چين جو اڻ اعلانيل دورو ڪيو هو. آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ انتوني بلنڪن ايندڙ هفتي ٻن ۾ چين وڃڻ وارو آهي جنهن کي هونءَ ته هن سال جي فيبروري مهيني ۾ چين وڃڻو هو پر ان وقت به ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي پيا هئا، ان ڪري اهو دورو ملتوي ٿي ويو هو. يعني ڪنهن سمجهوتي تي پهچڻ لاءِ اعلى سطحي ڪوششون به جاري آهن ۽ گڏوگڏ جهڙپن يا ايتري تائين جو گرم جنگ جا امڪان به يقيني طور موجود آهن. هڪڙي ڪا ننڍڙي غلط فهمي وڏو ممڻ مچائي سگهي ٿي جيڪڏهن ٻنهي ملڪن منجهان ڪنهن هڪ به اهو سمجهڻ شروع ڪيو ته مخالف کان کيس واقعي ۽ حقيقي خطرو آهي. ان غلط فهميءَ جي بنياد تي هڪڙي پاسي کان شروعات ڪئي وئي ته پوءِ ٻيو پاسو به چپ ڪري نه ويهندو ۽ تمام وڏي تباهي مچي ويندي.
آمريڪا سوچي رهيو آهي ته معيشت تي جيڪا چيني هڪ هٽي قائم ٿي چڪي آهي. ٽيڪنالاجي ۽ واپار جي زنجير جهڙي نموني چيني قبضي ۾ آهي، ان جي هوندي چين کان مڪمل طور لاتعلق نه ٿو ٿي سگهجي. ان ڪري اهو انتظار ڪري رهيو آهي ته چين تي انحصار گھٽجي ته پوءِ ڪا ڪارروائي ڪري. حقيقت اها آهي ته اهو رڳو اڪيلي آمريڪا جو معاملو نه آهي. آمريڪا جا يورپي اتحادي به ان ۾ ڦاٿل آهن. اهي به سمجهن ٿا ته آمريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن انهن چين سان پنهنجا لاڳاپا خراب ڪيا ته مختلف سامان جيڪو هن وقت کين چين مهيا ڪري رهيو آهي اهو رڪجي ويندو. اهڙيءَ ريت چين سان معاشي لاڳاپا ختم ڪري اهي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻندا.
اهڙيءَ ريت روس کان پاڪستان آيل تيل بردار جهاز به چين جي ڪوششن جو نتيجو آهي جيڪا ڳالهه آمريڪا کي قطعي پسند ڪانهي. پاڪستان ڀل ايران خلاف آمريڪي پابندين جي ڪاڻ ڪڍي پر چين کي پرواهه ڪانهي. چين ايران اندر ايندڙ 25 سالن دوران 400 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جا ڪجهه اهڙا معاهدا پڻ ڪيا آهن، جن جي نتيجي ۾ بينڪنگ، ٽيلي ڪميونيڪيشن، بندرگاهن، ريلوي، صحت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي ويندي. موٽ ۾ ايران چين کي لڳاتار ۽ رعايتي اگهه تي تيل وڪرو ڪندو رهندو. ان سموري صورتحال منجهان سمجهڻ گھرجي ته آمريڪا ته ان کي قطعي طور پسند نه ڪندو پر اهو سڀ ڪجهه چين، روس، ايران ۽ پاڪستان لاءِ فائديمند آهي. سو، جهڙي نموني آمريڪا ۽ سندس اتحادي پنهنجو فائدو ڏسن ٿا، اهڙي ريت پاڪستان کي به پرائي جنگ وڙهڻ بدران پنهنجي فائدي ۾ فيصلا ڪرڻ ۽ قدم کڻڻ گھرجن.