ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سامونڊي طوفان ۽ سنڌ جا ساحلي انسان

سامونڊي طوفان ۾ هر ڏينهن نه هاڻي هر گهڙي شدت اچي رهي آهي. هن وقت تائين ته بائپر جواءِ ڪو وڏو نقصان نه ڪيو آهي پر جنهن وقت اوهان هي آرٽيڪل پڙهندا، تڏهن نه معلوم ته موسم ۽ ماحول جو حال ڪهڙو هوندو؟
هن وقت تائين ته اسان کي ان موسميات جي کاتي جا اطلاع آهن، جن جون اڪثر پيشن گويون غلط ثابت ٿينديون آهن. ان ڪري اسان کي ڪو يقين ناهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ ممڪن آهي ته اهو طوفان به اڳين طوفانن وانگر ٽري وڃي. پر اهو به ممڪن آهي ته اهو طوفان پنهنجي پوري شدت سان اسان جي ساحلي شهرن جي مٿان ڪڙڪي پوي ۽ اهو به ممڪن آهي ته ان طوفان ۾ اڃان وڌيڪ شدت پيدا ٿي پوي.
اسان ڪنهن به اهڙي منفي امڪان جو سوچي به نه ٿا سگهون. ڇو ته اسان کي معلوم آهي ته سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي رهندڙ انسان ڪيترا نه غريب ۽ مسڪين آهن. انهن جي زندگي ايتري ته لاچار آهي جو هو هوا جي سٽ به سهي نه ٿا سگهن. جڏهن ته هي تمام وڏو طوفان آهي. اهڙو طوفان جنهن کان ڀارت جهڙو طاقتور ملڪ به ڏڪي رهيو آهي. ڇو ته هن مهل تائين ميڊيا تي ڀارت جي حوالي سان جيڪو ڪجهه به پيش ٿي رهيو آهي، ان ۾ تمام گهڻو خوف ۽ حراس آهي. جڏهن ته اسان وٽ حال اهو آهي جو سوشل ميڊيا ان قسم جي تبصرن سان ڀري پئي آهي ته “عيد کان اڳ ۾ آيل ان سامونڊي طوفان سبب ڪامورن جي ته واقعي به عيد ٿي ويندي” جڏهن ڪنهن صوبي جي حالت اهڙي هجي ته پوءِ ان ۾ ڪنهن ننڍي طوفان کان به گهٻرائڻ هڪ فطري عمل بڻجي وڃي ٿو. هن طوفان جي لاءِ ته چون ٿا ته هي تمام گهڻي شدت وارو سامونڊي طوفان آهي.
هن وقت نه صرف اسان جو خطو پر مجموعي طور تي پوري دنيا ماحولياتي تبديلين سبب تمام تلخ صورتحال ۾ ڦاٿل آهي. ڇو ته اڳين ڀيري سنڌ ۾ جيڪا برسات پئي، اها هن جي مند نه هئي پر پوءِ به ان برسات جهڙي طرح سان ڪلور ڪيا ۽ ان ۾ جهڙي ريت سرڪار جي نااهليءَ سبب ماڻهن تمام گهڻو ڀوڳيو، اهو تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهي، جنهن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهجي. ان برسات جي سلسلي ۾ پوري دنيا تسليم ڪيو هو ته پاڪستان ۾ ان قسم جو عذاب ماحولياتي تبديلين سبب آيو آهي. جڏهن ته پاڪستان جا امير علائقا ان برسات جي نقصانن کان محفوظ رهيا. ان برسات ۾ سڀ کان وڌيڪ سور سنڌ سٺا.
سنڌ جو وڏو وزير تمام وڏا اعلان ڪري رهيو آهي ته هو ڪنهن به طرح سان ساحلي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو. ان سلسلي ۾ وڏي وزير جي وڏي تعريف به ڪجي پر سوال اهو آهي ته جيڪي ماڻهو اهڙي خطري جي گهڙيءَ ۾ به پنهنجا گهر ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن، ڇا اهي ماڻهو پاڳل آهن؟ انهن ماڻهن کي معلوم آهي ته سامونڊي طوفان ڪيترو نقصان ڏيندو آهي؟ ڇو ته هو ماڻهو انهن علائقن ۾ پيدا ٿيا آهن ۽ انهن کي پتو آهي ته جنهن طوفان کي اسان هن مهل سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، ان جي نوعيت ۽ ان جي اصليت کان هو آگاهه آهن ۽ انهن کي اهو به معلوم آهي ته طوفان ڪا گهٽ ڳالهه نه هوندا آهن. طوفانن جو مطلب تباهي هوندو آهي. اهو اڳ به اهڙن طوفانن هٿان پنهنجو نقصان ٿيندو ڏسي چڪا آهن. ان ڪري اسان کي انهن ماڻهن کي سامونڊي طوفان سبب ٿيندڙ امڪاني نقصان جي سلسلي ۾ آگاهه ڪرڻ جي ڪا ضرورت ئي ناهي. انهن ماڻهن کي بخوبي معلوم آهي ته اصل حقيقت ڪهڙي آهي؟ انهن کي سامونڊي طوفانن جا سور سجهن ٿا پر جيڪڏهن هو پوءِ به پنهنجا جهڳا ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿا ٿين ته ان جو ڪارڻ صرف ۽ صرف انهن ماڻهن جي سرڪار مٿان بي اعتباري آهي.
سنڌ جا ماڻهو جيڪڏهن سرڪار جي اعلانن تي اعتبار نه ٿا ڪن ته انهن جي پويان به ڪي سبب آهن. سنڌ جا ساحلي پٽيءَ وارا انسان جيڪڏهن پنهنجا گهر نه ٿا ڇڏين ته ان جو مطلب اهو آهي ته هو ڄاڻن ٿا ته انهن سان سرڪاري ڪيمپن ۾ سٺو سلوڪ نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن انهن کي معلوم هجي ته انهن کي ڪجهه ڏينهن سرڪاري مهمان ٿيڻو آهي ۽ سرڪار انهن جو هر طرح سان خيال رکندي ته اهي امدادي ڪيمپن ۾ ڇو نه ويندا؟
سنڌ سرڪار کي اهو احساس هجڻ گهرجي ته هي انسان آهن، هي ڍور ڍڳا ناهن، جن کي هڪلي ڪيمپن ۾ ڪٺو ڪيو وڃي ۽ اها به حقيقت آهي ته انهن جو اهڙي سخت سامونڊي طوفان ۾ ساحلي پٽيءَ تي رهڻ خطري کان خالي ناهي. ان ڪري اهو فرض سرڪار جو آهي ته انهن ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪري ۽ انهن ماڻهن سان اهڙو سلوڪ نه ڪيو وڃي، جهڙو سلوڪ سرڪار پاران متاثر ماڻهن سان سدائين ٿيندو رهيو آهي. هن ڀيري بهتر مثال قائم ڪرڻ جو وقت آهي. هونءَ به چونڊون ته سر مٿان آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button